Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 8:22 - Muslim Sindhi Bible

22 جڏهن تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ سڄي مخلوقات هن وقت تائين ويم جهڙن سورن ۾ پيئي ڪنجھي ۽ تڙپي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 اسان کي خبر آهي تہ ساري مخلوقات هن وقت تائين گڏجي پيئي ڪنجهي ۽ سور کائي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 جڏهن تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ سڄي رچنا هن وقت تائين ويم جهڙن سورن ۾ پيئي ڪنجھي ۽ تڙپي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 اسان کي خبر آھي تہ سڄي مخلوقات ھن وقت تائين پيئي ڪنجھي ۽ سور کائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 8:22
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي جو اتي کين ڏڪڻيءَ اچي ورتو، ۽ کين اهڙا سور اچي لڳا، جهڙا ڪنهن ويم واري عورت کي لڳندا آهن.


هنن ان کي ويران ڪري ڇڏيو آهي، ويران ٿي اهو منهنجي اڳيان دانهون پيو ڪري. سڄو ملڪ بيابان بڻجي ويو آهي، پر ڪنهن کي بہ انهيءَ جي پرواهہ ڪانهي.


هيءَ زمين ڪيستائين سڪي سڙي پيئي هوندي ۽ سڄي ملڪ جي ساوڪ ڪومايل رهندي؟ منجھس رهندڙ بدڪارن جي ڪري پکي ۽ جانور بہ ناس ٿي ويا آهن. اهي بدڪار ائين بہ چون ٿا پيا تہ ”اسين جيڪي ڪجھہ ڪريون ٿا سو خدا نہ ٿو ڏسي.“


سو جيستائين اها زمين ويران رهندي تيستائين اهڙو تہ آرام وٺندي جهڙو اوهان کيس پنهنجي سبت جي ڏينهن ۾ بہ ڪونہ ڏنو هوندو، جڏهن اوهين منجھس رهندا هئا.


پوءِ هن پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”اوهين سڄيءَ دنيا ۾ وڃي پوري انسانذات ۾ خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪريو.


جڏهن عورت ٻار ڄڻڻ تي هوندي آهي تڏهن هوءَ سورن ۾ هوندي آهي، ڇاڪاڻ تہ اها هن جي لاءِ سورن جي گھڙي آهي. پر جڏهن ٻار پيدا ٿيندو آهي تڏهن کانئس سڀ سور وسري ويندا آهن، ڇاڪاڻ تہ هوءَ خوش ٿيندي آهي تہ هن هڪ ٻار کي دنيا ۾ جنم ڏنو آهي.


جيتوڻيڪ مخلوقات پنهنجي تخليق جو مقصد وڃائي ويٺي آهي، جيڪو سندس مرضيءَ سان نہ ٿيو پر خدا کيس پنهنجي لعنت هيٺ آندو، تنهن هوندي بہ کيس اها اميد ڏني ويئي


پر شرط هي آهي تہ جيڪا خوشخبري اوهان ٻڌي آهي تنهن جي اميد نہ ڇڏيو ۽ اوهان جو ايمان انهيءَ خوشخبريءَ جي بنياد تي مضبوط ۽ قائم رهي. انهيءَ خوشخبريءَ جي منادي آسمان هيٺان رهندڙ سڄي مخلوق ۾ ڪئي ويئي آهي ۽ آءٌ پولس انهيءَ خوشخبريءَ جو خادم ٿيو آهيان.


اها عورت پيٽ سان هئي ۽ ويم جي سورن جي ڪري ڏاڍيون رڙيون پئي ڪيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ