Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 8:15 - Muslim Sindhi Bible

15 ڏسو، اوهان کي اهو روح نہ مليو آهي جيڪو اوهان کي وري ڊپ جو غلام بڻائي. پر اوهان کي اهو روح مليو آهي جنهن جي وسيلي اوهين خدا جا ٻار مقرر ڪيا ويا آهيو. انهيءَ روح جي ڪري اسين سڀيئي خدا کي ”بابا، اي بابا!“ ڪري ٿا پڪاريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ڇالاءِ جو اوهان کي غلاميءَ جو روح نہ مليو، جو اوهان کي وري ڊپ ٿئي؛ پر اوهان کي اُهو روح مليو آهي جنهن ڪري گود جا پٽ چوايو. سو جڏهن اسين ابا يعني اي پيءُ، ڪري ٿا سڏيون،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 ڏسو، اوهان کي اها آتما نہ ملي آهي جيڪا اوهان کي وري ڊپ جو غلام بڻائي. پر اوهان کي اها آتما ملي آهي جنهن جي وسيلي اوهين ايشور جا ٻار مقرر ڪيا ويا آهيو. انهيءَ آتما جي ڪري اسين سڀيئي ايشور کي ”پتا، اي پتا!“ ڪري ٿا پڪاريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 اوھان کي غلاميءَ جو روح نہ مليو آھي جو اوھان کي وري ڊپ ٿئي، پر اوھان کي اھو روح مليو جنھن جي وسيلي اوھين خدا جا ٻار ٿيا آھيو ۽ جنھن سان اسين خدا کي ”بابا“ ڪري ٿا سڏ ڪريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 8:15
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن موسيٰ کي چيو تہ ”توهين اسان سان ڳالهايو تہ اسين ٻڌون، پر خدا اسان سان نہ ڳالهائي، متان اسين مري وڃون.“


تن جي يادگار لاءِ آءٌ پنهنجي گھر ۽ پنهنجي چوديواريءَ اندر، سندن نالي جو ڄڻڪ هڪ ٿنڀو کڙو ڪندس، ۽ اهو يادگار انهيءَ کان وڌيڪ بهتر هوندو، جو ٻارن جي نالي سان ياد ڪيو وڃي. هائو، آءٌ انهن مان هر هڪ جو نالو اهڙو قائم ڪندس، جيڪو ڪڏهن بہ مٽجي نہ سگھندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! منهنجو ارادو هو تہ آءٌ تو کي پنهنجي اولاد جو رتبو ڏيان، ۽ تو کي سٺو ملڪ، يعني ٻين قومن کان چڱي ۾ چڱو ملڪ ورثو ڪري ڏيان. مون سوچيو هو تہ تون مون کي پنهنجو پيءُ ڪري سڏيندينءَ، ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪرڻ کان ڦري نہ ويندينءَ.


تڏهن بني اسرائيل موسيٰ کي چيو تہ ”تنهن جي معنيٰ هاڻ اسان جو بلڪل خاتمو آهي.


تنهنڪري مون کي ڊپ ٿيو، سو مون وڃي اوهان جا ڏنل هڪ هزار سون جا سڪا زمين ۾ پوري ڇڏيا. سو هي اٿوَ، اوهان جا سڪا.‘


هن وڌيڪ چيو تہ ”اي ابا! اي منهنجا بابا! تون سڀ ڪجھہ ڪري سگھين ٿو، سو هي پيالو مون تان ٽاري ڇڏ. تنهن هوندي بہ منهنجي نہ، بلڪ تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“


عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”جڏهن اوهين دعا گھرو تہ هيئن چئجو تہ ’اي بابا! شل تنهنجو نالو پاڪ مڃيو وڃي، ۽ تنهنجي بادشاهي اچي.


”اي بابا! جيڪڏهن تون چاهين تہ هي پيالو مون تان ٽاري ڇڏ. تنهن هوندي بہ منهنجي نہ، پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“


هن جڏهن عيسيٰ کي ڏٺو تڏهن رڙيون ڪندي سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ وڏي واڪي چوڻ لڳس تہ ”اي عيسيٰ، خدا تعاليٰ جا فرزند! مون سان تنهنجو ڪهڙو واسطو؟ آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي عذاب نہ ڏي.“


گراسينين جي اوسي‌پاسي وارن سڀني ماڻهن کي ايڏو تہ ڊپ وٺي ويو جو کيس منٿ ڪندي چيائون تہ ”اسان وٽان هليا وڃو.“ سو عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي موٽڻ لڳو.


جڏهن هو ايندو تڏهن ظاهر ڪندو تہ سڄي دنيا گناهہ، سچائيءَ ۽ عدالت جي باري ۾ ڪيڏي نہ گمراهہ ٿيل آهي،


عيسيٰ کيس چيو تہ ”مون کي چنبڙي نہ پئُہ. آءٌ اڃا پيءُ وٽ مٿي موٽي نہ ويو آهيان. پر تون منهنجي ڀائرن وٽ وڃ ۽ کين ٻڌاءِ تہ آءٌ مٿي موٽي وڃان ٿو پنهنجي پيءُ ۽ اوهان جي پيءُ ڏانهن، يعني پنهنجي خدا ۽ اوهان جي خدا ڏانهن.“


تڏهن جيلر بتي گھرائي ڊوڙندو اندر ويو ۽ ڏڪندي ڏڪندي پولس ۽ سيلاس جي پيرن تي ڪري پيو.


جڏهن ماڻهن اهو ٻڌو تہ اها ڳالهہ سندن دلين ۾ چڀي ويئي. سو هنن پريشان ٿي پطرس ۽ ٻين سڀني رسولن کي چيو تہ ”ڀائرؤ! اسين هاڻي ڇا ڪريون؟“


اهو پاڪ روح پاڻ اسان جي روح سان گڏ شاهدي ٿو ڏئي تہ اسين خدا جا ٻار آهيون.


انهن سان گڏوگڏ اسين پاڻ بہ پنهنجي اندر ۾ پيا ڪنجھون. جيتوڻيڪ خدا اسان کي انهيءَ آزاديءَ جي پهرين بخشش پاڪ روح جي صورت ۾ عطا ڪئي آهي، تہ بہ خدا جا پوريءَ طرح ٻار ٿيڻ يعني پنهنجي بدن کي نئين حالت ملڻ جي بيحد انتظار ۾ ويٺا آهيون.


انهيءَ اميد سان گڏوگڏ پاڪ روح بہ اسان جي ڪمزوريءَ ۾ مدد ٿو ڪري. جيئن تہ اسين نہ ٿا ڄاڻون تہ ڪهڙي مناسب دعا گھرون، سو پاڪ روح پاڻ بيان کان ٻاهر آهون ڀري ڀري اسان جي سفارش پيو ڪري.


اهي بني اسرائيل ئي آهن، جن کي خدا پنهنجا ٻار مقرر ڪرڻ لاءِ چونڊيو آهي. انهن کي هن پنهنجو جلوو ڏيکاريو، ساڻن پنهنجا عهد ٻڌائين ۽ کين شريعت عطا ڪيائين. اهي ئي حقيقي عبادت ۽ سندس واعدن جا حقدار آهن.


اسان کي دنياوي روح نہ، بلڪ خدا جي طرفان پاڪ روح مليل آهي، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اسين انهن ڳالهين کي ڄاڻون جيڪي خدا اسان کي بخشيون آهن.


اهو آءٌ انهيءَ ڪري چوان ٿو جو اوهين خوشيءَ سان هر انهيءَ کي برداشت ڪريو ٿا جيڪو اوهان وٽ اچي عيسيٰ جي باري ۾ ڪا ٻي منادي ڪري ٿو، جيڪا منادي اسان نہ ڪئي هئي. ان کان علاوہ اوهين مليل پاڪ روح جي بدران ٻيو روح قبول ڪريو ٿا ۽ مليل خوشخبريءَ جي بدران ٻي خوشخبري قبول ڪريو ٿا.


طهر جو سوال تہ انهن ڪوڙن ڀائرن اٿاريو، جيڪي چور وانگر لڪي ڇپي اسان ۾ گھڙي آيا هئا، تہ جيئن جيڪا آزادي اسان کي عيسيٰ مسيح ۾ ملي آهي، تنهن جي جاسوسي ڪري اسان کي يهودي ريتن رسمن جي غلاميءَ ۾ ڦاسائي ڇڏين.


مسيح اسان کي آزاد رهڻ لاءِ ئي آزاد ڪيو آهي، تنهنڪري اوهين انهيءَ آزاديءَ کي قائم رکو ۽ پاڻ کي وري غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ نہ جوٽيو.


هن پنهنجي خوشيءَ ۽ مرضيءَ سان اڳي ئي فيصلو ڪيو تہ اسين عيسيٰ مسيح جي وسيلي سندس ٻار مقرر ڪيا وڃون،


ائين ڪندو رهہ، ڇاڪاڻ تہ خدا اسان کي بزدليءَ وارو روح نہ ڏنو آهي، پر طاقت وارو، محبت وارو ۽ خود ضابطي وارو روح ڏنو اٿس.


اهڙيءَ طرح هو انهن سڀني کي آزاد ڪري، جيڪي موت جي ڊپ کان سڄي عمر غلاميءَ ۾ گرفتار آهن.


تون چوين ٿو تہ ’آءٌ ايمان ٿو رکان تہ خدا هڪڙو آهي.‘ ٺيڪ آهي. اها ڳالهہ تہ بدروح بہ مڃين ٿا ۽ اهي ڏڪن بہ ٿا.“


پيار ۾ ڪوبہ خوف ڪونهي، بلڪ مڪمل پيار تہ خوف ڪڍي ٿو ڇڏي. خوف سزا جي ڪري ٿئي ٿو، سو جيڪو ڊڄي ٿو سو پيار ۾ اڃا ڪامل نہ ٿيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ