Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 7:14 - Muslim Sindhi Bible

14 اسين ڄاڻون ٿا تہ شريعت روحاني آهي. پر منهنجي فطرت انساني آهي ۽ آءٌ گناهہ جي هٿ وڪاميل آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ڇالاءِ جو اسين ڄاڻون ٿا تہ شريعت تہ روحاني آهي پر آئون جسماني آهيان، ۽ گناهہ جي هٿ ۾ وڪاڻل آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 اسين ڄاڻون ٿا تہ نيم آتمڪ آهي. پر منهنجي فطرت انساني آهي ۽ آءٌ پاپ جي هٿ وڪاميل آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 اسان کي خبر آھي تہ شريعت روحاني آھي. پر آءٌ جسماني آھيان، ڇالاءِ⁠جو آءٌ گناھہ جو زرخريد غلام آھيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 7:14
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اچو تہ هن کي اسماعيل قبيلي وارن جي هٿ وڪڻي ڇڏيون ۽ پاڻ وڌيڪ هٿ نہ لايونس. آخرڪار هو اسان جو ڀاءُ آهي، اسان جو هڏ رت آهي.“ يهوداہ جي ڀائرن اها ڳالهہ قبول ڪئي.


انهيءَ وچ ۾ مديانين يوسف کي مصر ۾ فوطيفار جي هٿ وڪڻي ڇڏيو، جيڪو فرعون جي عملدارن مان هو ۽ پهريدار سپاهين جو سالار هو.


حقيقت هي آهي تہ مون کي عبرانين جي ملڪ مان زوريءَ هتي کڻي آيا هئا ۽ هتي مون ڪوبہ اهڙو ڪم ڪونہ ڪيو آهي جو مون کي قيدخاني ۾ وڌو وڃي.“


جڏهن اخي‌اب الياس کي ڏٺو تڏهن کيس چيائين تہ ”اي منهنجا دشمن! تو مون کي هتي بہ اچي ڳولي لڌو؟“ الياس کيس وراڻيو تہ ”هائو، مون تو کي ڳولي لڌو آهي. تو پاڻ مڪمل طرح اهو ئي ڪم ڪيو آهي جيڪو خداوند جي نظر ۾ برو آهي.


اهو ائين ڇو نہ ٿئي، ڇوجو اخي‌اب جهڙو ٻيو ڪوبہ اهڙو ماڻهو اڳ ڪونہ ٿيو هو جنهن پاڻ مڪمل طرح اهڙو ڪم ڪيو هجي جيڪو خدا جي نظر ۾ برو هجي، سو بہ پنهنجي زال جي چوڻ تي!


هنن پنهنجا پٽ ۽ پنهنجيون ڌيئر قربانيءَ طور باهہ ۾ ساڙي ڇڏيون ۽ فالن ۽ جادوگرين کان ڪم ورتائون. هنن پاڻ کي اهڙن ڪمن جي حوالي ڪيو جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا ۽ اهڙيءَ طرح هن کي ڪاوڙايائون.


تڏهن نہ رڳو پنهنجي چيل ڳالهين جي ڪري آءٌ پاڻ کي ننديان ٿو، بلڪ مٽي ۽ رک مٿي ۾ وجھي توبهہ ٿو ڪريان.“


اي خداوند! منهنجي حياتي کُٽڻ تي آهي، تون پنهنجي واعدي موجب مون کي نئين حياتي عطا ڪر.


ڏس، تون باطن جي سچائيءَ کي پسند ٿو ڪرين، تنهنڪري باطن منجھہ ئي مون کي دانائي سيکار.


يقيناً آءٌ انسان نہ پر جھنگلي حيوان جيان آهيان، جنهن ۾ ڪا انساني سمجھہ بلڪل آهي ئي ڪين.


خدا جو هر هڪ قول سچو ثابت ٿئي ٿو. جيڪي سندس پناهہ ۾ اچن ٿا تن جي هو حفاظت ڪري ٿو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! جڏهن مون اوهان جي ماءُ صيئون کي رد ڪري ڇڏيو هو، تڏهن مون پنهنجي طرفان کيس طلاق ڪين ڏني هئي. پر جي اوهين ائين سمجھو ٿا تہ پوءِ اهو طلاق نامو ڪٿي آهي؟ جڏهن اوهين غلاميءَ ۾ وڪامي قيد ٿي ويا هئا، تڏهن مون اوهان کي پنهنجي ڪنهن قرض لاهڻ لاءِ ڪين وڪيو هو. مون هرگز ائين ڪين ڪيو هو، بلڪ اوهين تہ پاڻ پنهنجين بدڪارين جي ڪري وڪاڻا هئا. هائو، اوهان جي ڏوهن جي ڪري ئي اوهان جي ماءُ رد ڪئي ويئي هئي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم وارؤ! جڏهن اوهين غلام بڻايا ويا هئا، تڏهن مفت وڪاڻا هئا، سو هاڻي ڇڏايا بہ بنا پئسن ويندا.


تڏهن مون کان رڙيون نڪري ويون تہ ”آہ! مون سان تہ ويل ٿي ويو، آءٌ تہ ناس ٿي ويس. آہ! آءٌ جيڪي بہ ڳالهايان ٿو سو گناهن سان ڀريل آهي، بلڪ منهنجي پوري قوم جو ڳالهائڻ ٻولهائڻ گناهہ سان ڀريل آهي. پر تنهن هوندي بہ مون پنهنجي اکين سان ابدي بادشاهہ، خداوند قادرِمطلق کي ڏٺو آهي.“


پر جيڪڏهن مريض جي جسم جي سڄي چمڙيءَ تي مٿي کان پيرن تائين ڪاهن کي مرض پکڙيل ڏسڻ ۾ اچي،


پر جيڪڏهن اهو ڪچو ماس ڦري اڇو ٿي پوي تہ هو وري ڪاهن وٽ اچي


اوهين پنهنجيءَ قوم جي ماڻهن کان وير نہ وٺجو، نڪي انهن سان ڪينو رکجو، بلڪ اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪجو. آءٌ خداوند آهيان.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”اسرائيل ملڪ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ مسڪين قرضدار جنهن جو ٻيو ڪو ڏوهہ ڪونهي، تنهن کي هو چانديءَ جي چند سڪن جي عيوض، بلڪ خسيس جتيءَ جي جوڙي جي عيوض وڪڻن ٿا.


عيسيٰ ڦري پطرس کي چيو تہ ”اي شيطان! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ. تون منهنجي راهہ ۾ رڪاوٽ ٿو بڻجين، ڇاڪاڻ تہ تون خدا جي مرضيءَ مطابق نہ پر ماڻهن وانگر ٿو سوچين.“


پر انهيءَ نوڪر وٽ ايترو پئسو ڪونہ هو جو کڻي قرض لاهي. تنهنڪري سندس مالڪ حڪم ڏنو تہ ’هن کي، سندس زال ۽ ٻارن کي ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس آهي تنهن کي بہ وڪڻي قرض وصول ڪيو وڃي.‘


پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو پنهنجي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ سان ڪاوڙيل رهي ٿو سو بہ ڏوهاري قرار ڏنو ويندو. جيڪو ڪنهن ٻئي کي ’اي چريا!‘ ڪري سڏي ٿو، سو ڪائونسل واري عدالت ۾ ڏوهاري قرار ڏنو ويندو ۽ جيڪو ڪنهن کي چوندو تہ ’اي ڪافر!‘ سو دوزخ جي باهہ ۾ پوڻ جي لائق ٿيندو.


پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو ماڻهو ڪنهن عورت ڏانهن بري نظر سان ٿو ڏسي، سو پنهنجيءَ دل ۾ ان عورت سان زنا ڪري چڪو.


جڏهن شمعون پطرس هي واقعو ٿيندي ڏٺو تہ عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ چيائينس تہ ”اي خداوند! مون وٽان هليا وڃو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ گنهگار آهيان.“


تڏهن عيسيٰ انهن ماڻهن سان گڏجي هليو. اڃا هو صوبيدار جي گھر جي ويجھو ئي مس پهتو تہ صوبيدار کيس پنهنجي ماڻهن هٿان چوائي موڪليو تہ ”اي سائين! تڪليف نہ ڪريو، آءٌ انهيءَ لائق نہ آهيان جو اوهين منهنجي گھر اچو،


پوءِ ڀلا، اسين يهودي ڪنهن بہ نموني ٻين قومن کان بهتر آهيون ڇا؟ نہ، هرگز نہ. هن بحث دوران اسين اڳ ئي مڃي چڪا آهيون تہ يهودي توڙي غير يهودي سڀيئي هڪجهڙا گناهہ جي قبضي ۾ آهن،


سو اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان جي پراڻي انساني فطرت مسيح سان گڏ صليب تي چاڙهي ويئي، تہ جيئن اسان جي بدن تان گناهہ جو قبضو ختم ٿي وڃي ۽ اڳتي اسين گناهہ جي غلاميءَ ۾ نہ رهون،


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ مون ۾ يعني منهنجي انساني فطرت ۾ ڪابہ نيڪي ڪانہ ٿي رهي. جيتوڻيڪ منهنجي دل ۾ نيڪي ڪرڻ جي خواهش آهي، تنهن هوندي بہ اها مون کان ٿي نہ ٿي سگھي.


ساڳيءَ طرح اسين بہ ڪنهن وقت ڄڻ تہ ٻار هئاسين جڏهن دنيا جي شروعاتي اصولن جا پابند ٿي غلاميءَ جي حالت ۾ رهياسين.


جيتوڻيڪ آءٌ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن منجھہ سڀني کان گھٽ آهيان، تنهن هوندي بہ خدا اهو فضل مون کي عطا ڪيو تہ آءٌ غير قومن کي مسيح جي بي‌انداز دولت جي خوشخبري ٻڌايان


سو اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي پوريءَ دل، پنهنجي پوريءَ جان ۽ پنهنجي پوريءَ طاقت سان پيار ڪريو.


انهيءَ ڳالهہ کي ڌيان ۾ رکو، ڇاڪاڻ تہ خدا جيڪي بہ فرمائي ٿو سو جيئرو ۽ اثرائتو آهي. اهو اهڙو تکو آهي جو جان کي روح کان ائين ڌار ڪريو ڇڏي، جيئن ٻِہ‌منهين تلوار سنڌن کي مِکُ کان ڌار ڪريو ڇڏي. اهو دل جي خيالن ۽ ارادن کي جاچي ٿو وٺي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ