Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 7:12 - Muslim Sindhi Bible

12 هاڻي جڏهن تہ شريعت پاڻ پاڪ آهي ۽ سندس حڪم بہ پاڪ، سچا ۽ چڱا آهن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 تڏهن شريعت پاڪ آهي، ۽ حڪم بہ پاڪ ۽ راستباز ۽ چڱو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 هاڻي جڏهن تہ نيم پاڻ پوِتر آهي ۽ سندس حڪم بہ پوِتر، سچا ۽ چڱا آهن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 جڏھن تہ شريعت پاڻ پاڪ آھي ۽ سندس حڪم بہ پاڪ، سچو ۽ چڱو آھي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 7:12
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون عرش عظيم کان سينا جبل تي لهي آئين، ۽ انهن سان اچي ڳالهيون ڪيون. تو انهن کي قاعدا قانون ڏنا، جيڪي سچا ۽ صحيح آهن. تو هنن کي پنهنجا حڪم ڏنا جيڪي چڱا آهن.


جڏهن تہ آءٌ تنهنجي حڪمن کي سون، بلڪ نج سون کان بہ وڌيڪ عزيز رکان ٿو.


اي خداوند! بيشڪ تون صادق آهين، تنهنجا قاعدا قانون بلڪل سچا آهن.


تنهنجو واعدو بلڪل سچو آهي، تنهنڪري تنهنجو هي بندو انهيءَ کي پيار ڪري ٿو.


منهنجي زبان تنهنجي فرمان جا گيت پيئي ڳائيندي، ڇاڪاڻ تہ تنهنجا سمورا حڪم بلڪل برحق آهن.


تون پنهنجي هن بندي سان پنهنجو اهو قول پورو ڪر، جيڪو تو پنهنجي فرمانبردارن سان ڪيو آهي.


تنهنجا سمورا حڪم حق سچ آهن، جڏهن تہ دشمن ناحق مون کي ستائين ٿا. سو تون اچي منهنجي مدد ڪر.


پاڻ کي هن آخري زماني جو نمونو اختيار ڪرڻ نہ ڏيو، بلڪ خدا جي ڏنل نئين سوچ سمجھہ جي وسيلي پاڻ ۾ خدا کي تبديلي ڪرڻ ڏيو. پوءِ اوهين سمجھي سگھندا تہ خدا جي چڱي، وڻندڙ ۽ ڪامل مرضي ڪهڙي آهي.


پوءِ هن جو مطلب اهو ٿيو ڇا تہ اسين ايمان رکڻ جي ڪري شريعت کي منسوخ ٿا ڪريون؟ هرگز نہ. اسين تہ انهيءَ سان شريعت کي قائم ٿا ڪريون.


اسين ڄاڻون ٿا تہ شريعت روحاني آهي. پر منهنجي فطرت انساني آهي ۽ آءٌ گناهہ جي هٿ وڪاميل آهيان.


جيڪڏهن آءٌ اهي ڪم ڪريان ٿو جيڪي حقيقت ۾ آءٌ ڪرڻ نہ ٿو گھران تہ انهيءَ مان ظاهر آهي تہ آءٌ قبول ٿو ڪريان تہ شريعت چڱي آهي.


”هاڻي اي بني اسرائيل! خداوند اوهان جو خدا اوهان کان ڇا ٿو گھري؟ رڳو ايترو تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهو، سندس سڀني واٽن تي هلو، ساڻس محبت رکو ۽ پنهنجي پوري دل وَ جان سان خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪريو.


اهڙي وڏي قوم ڪا ٻي بہ آهي ڇا، جنهن جا قاعدا قانون اهڙا سچا هجن جهڙي هيءَ سڄي شريعت آهي، جيڪا اڄ آءٌ اوهان جي آڏو رکان ٿو؟


اسين ڄاڻون ٿا تہ شريعت چڱي آهي، بشرطيڪ انهيءَ کي صحيح نموني ۾ استعمال ڪيو وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ