6 سو اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان جي پراڻي انساني فطرت مسيح سان گڏ صليب تي چاڙهي ويئي، تہ جيئن اسان جي بدن تان گناهہ جو قبضو ختم ٿي وڃي ۽ اڳتي اسين گناهہ جي غلاميءَ ۾ نہ رهون،
6 اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان جي پراڻي انسانيت هن سان گڏ صليب تي چاڙهي ويئي، انهي لاءِ تہ گناهہ جو بدن بيڪار ٿي وڃي، تہ اسين اڳتي گناهہ جي غلاميءَ ۾ نہ رهون؛
پر خدا نہ ڪري جو آءٌ ڪنهن ٻيءَ ڳالهہ تي فخر ڪريان، سواءِ پنهنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي صليب جي. هن جي صليب واري موت سان دنيا منهنجي لاءِ مري چڪي آهي ۽ آءٌ دنيا جي لاءِ.
ڏس، اسين ڪنهن وقت نادان، نافرمان، گمراهہ ۽ طرح طرح جي نفساني خواهشن ۽ عياشين جا غلام هئاسين. اسين بغض ۽ حسد جي حالت ۾ گذاريندا هئاسين، نفرت جي لائق هئاسين ۽ هڪٻئي سان بہ نفرت ڪندا هئاسين.