Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 6:22 - Muslim Sindhi Bible

22 پر هاڻي اوهين گناهہ کان آزاد ڪيا ويا آهيو ۽ خدا جا غلام ٿيا آهيو، جنهن جو فائدو اوهان کي پاڪيزگيءَ جي صورت ۾ ملي ٿو ۽ انهيءَ جو نتيجو آهي دائمي زندگي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 پر هاڻي جڏهن گناهہ کان آزاد ڪيا ويا آهيو ۽ خدا جا غلام ٿيا آهيو، تڏهن اوهان کي انهي جو ڦل، يعني پاڪيزگي حاصل ٿي ٿئي، جنهن جو نتيجو هميشہ جي زندگي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 پر هاڻي اوهين پاپ کان آزاد ڪيا ويا آهيو ۽ ايشور جا غلام ٿيا آهيو، جنهن جو فائدو اوهان کي پوِترتائي جي صورت ۾ ملي ٿو ۽ انهيءَ جو نتيجو آهي امر جيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 پر ھاڻي اوھين گناھن کان آزاد ڪيا ويا آھيو ۽ خدا جا غلام ٿيا آھيو، جنھن جو اجر اوھان جي پاڪائي آھي ۽ جنھن جو نتيجو آھي دائمي زندگي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 6:22
40 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

’تنهنجي ڀائرن تو سان بڇڙائي ڪندي جيڪو قصور ۽ ڏوهہ ڪيو هو سو هاڻي ڀلائي ڪري کين بخشي ڇڏ.‘ تنهنڪري هاڻي مهرباني ڪري اسان جو ڏوهہ معاف ڪريو، جيڪو اسان توهان جي پيءُ جي خدا جي ٻانهن ڪيو آهي.“ جڏهن يوسف کي اهو نياپو رسيو تہ هن روئي ڏنو.


تڏهن خداوند شيطان کي چيو تہ ”تو منهنجي ٻانهي ايوب جي حال تي بہ ڪو غور ڪيو؟ جو هن جهڙو ڪامل ۽ سچو انسان ڌرتيءَ تي ٻيو ڪوبہ ڪونهي، جيڪو مون خدا جو خوف رکي ۽ بڇڙائيءَ کان پاسو ڪري.“


تون پنهنجيءَ ٻاجھہ مطابق منهنجي دشمنن کي فنا ڪر. هائو، جيڪي مون کي ڏک ٿا ڏين تن کي تون برباد ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجو ئي بندو آهيان.


تون منهنجيءَ جان جي حفاظت ڪر، ڇوجو آءٌ تنهنجو نيڪ بندو آهيان. تون پنهنجي هن ٻانهي کي بچاءِ، جنهن جي توڪل تو تي ئي آهي.


اهي وڏيءَ عمر ۾ بہ ميوا پيا ڏيندا رهندا، هائو، اهي سدائين تازا ۽ سرسبز رهندا.


پر انهن مان ڪوبہ هٿيار تو کي نقصان پهچائي نہ سگھندو. عدالت ۾ جيڪي تنهنجي خلاف ڳالهائيندا، تن کي تون ڪوڙو ثابت ڪندينءَ. اهڙيءَ ئي طرح آءٌ پنهنجي ٻانهن جي حفاظت ٿو ڪريان، ۽ کين فتحيابي عطا ٿو ڪريان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


پوءِ بادشاهہ نبوڪدنضر ڀڙڪندڙ باهہ جي کوري جي منهن وٽ ويجھو اچي پڪاري چيو تہ ”اي سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو، خدا تعاليٰ جا ٻانهؤ! ٻاهر نڪري اچو.“ تڏهن اهي ٽيئي باهہ منجھان نڪري ٻاهر آيا.


جڏهن هو ڏر وٽ پهتو تڏهن ڏک ڀرئي آواز مان دانيال کي پڪاري چيائين تہ ”اي دانيال، زندہ خدا جا ٻانها! پنهنجي جنهن خدا جي تون هميشہ عبادت ڪندو آهين، سو تو کي شينهَن کان بچائي سگھيو آهي يا نہ؟“


بني يعقوب، جنهن جو اولاد واريءَ جي ذرڙن جيترو گھڻو آهي، تنهن کي ڪير ڳڻي سگھندو؟ بلڪ سندن رڳو چوٿين حصي جو بہ ڪو شمار نہ ٿو ڪري سگھي. شل مون بلعام جي پڇاڙي بہ انهن سچارن جهڙي ٿئي، بلڪ شل آءٌ انهن سچارن وارو موت مران.“


تنهنڪري جيئن ڪانڊيرا گڏ ڪري باهہ ۾ ساڙيا ويندا آهن تيئن قيامت جي ڏينهن بہ ٿيندو.


پوءِ سچار پنهنجي پيءُ جي بادشاهيءَ ۾ سج وانگر چمڪندا.“ عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جنهن کي ڪن آهن سو ٻڌي ڇڏي.“


جيڪو بہ پنهنجا گھر، ڀائر، ڀينرون، ماءُ پيءُ، ٻار يا ٻنيون منهنجي ڪري ڇڏيندو تہ ان کي اُهي سؤڻا ٿي ملندا ۽ دائمي زندگي بہ ملندس.


عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”سو اهڙن ماڻهن کي هميشہ واري سزا ملندي، جڏهن تہ نيڪن کي دائمي زندگي.“


اوهان مون کي ڪين چونڊيو آهي، بلڪ مون اوهان کي چونڊيو آهي ۽ انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو اٿم تہ وڃي اهڙو ميوو جھليو جيڪو هميشہ هلي. پوءِ اوهين منهنجي نالي تي پيءُ کان جيڪي بہ گھرندا سو هو اوهان کي ڏيندو.


مون ۾ جيڪا ٽاري ميوو نہ ٿي جھلي تنهن کي هو وڍي اڇلائي ٿو. پر جيڪا ٽاري ميوو جھلي ٿي تنهن کي هو ڇانگي ٿو تہ جيئن اها وڌيڪ ميوو ڏئي.


ايستائين جو جيڪو لابارو ڪري ٿو تنهن کي مزدوري ملندي ٿي وڃي ۽ ماڻهن جي دائمي زندگيءَ لاءِ فصل گڏ ڪندو ٿو وڃي، تہ جيئن پوکيندڙ ۽ لڻندڙ ٻئي گڏجي خوشي ملهائين.


پوءِ اوهان کي سچ جي ڄاڻ پوندي ۽ اهو سچ اوهان کي آزاد ڪندو.“


سو اڳتي گناهہ جو اوهان تي ڪوبہ اختيار نہ رهندو، ڇو تہ هاڻي اوهين شريعت جي تابع نہ، بلڪ خدا جي فضل جي تابع آهيو.


هائو، اوهين گناهہ جي غلاميءَ کان آزاد ٿي سچائيءَ جا غلام بڻيا آهيو.


پوءِ جن ڪمن تي اوهين هن مهل شرمسار آهيو، تن کي ڪرڻ مان اوهان کي ڪهڙو فائدو مليو؟ ڪجھہ بہ نہ، ڇاڪاڻ تہ انهن ڪمن جو نتيجو تہ موت آهي.


انهيءَ لاءِ آءٌ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪريان، جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي مون کي ڇڏائيندو. مطلب تہ جيتوڻيڪ آءٌ پنهنجي دلي سوچ سان خدا جي شريعت جي تابع آهيان، تڏهن بہ منهنجي انساني فطرت اڃا گناهہ جي حڪم جي تابع آهي.


منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ساڳيءَ طرح مسيح جي موت جي وسيلي اوهين بہ شريعت جي لحاظ کان مري ويا آهيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين مسيح سان ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي هڪ ٿي وڃو، جيڪو مئلن مان جيئرو ٿيو. انهيءَ طرح اسين سڀ خدا جي لائق ڦل جھلينداسين.


پاڪ روح جي حڪمراني جيڪا اسان کي عيسيٰ مسيح ۾ زندگي ڏئي ٿي، تنهن اسان کي گناهہ ۽ موت جي حڪمرانيءَ کان ڇڏايو آهي.


جڏهن تہ جيڪو بہ غلام خداوند عيسيٰ جو ٿيڻ لاءِ سڏيو ويو آهي سو خداوند عيسيٰ جو آزاد ڪيل آهي. ساڳيءَ طرح جيڪو بہ آزاد ماڻهو سڏيو ويو آهي سو مسيح جو غلام آهي.


هتي خداوند مان مراد زندگي ڏيندڙ پاڪ روح آهي ۽ جتي خداوند جو روح آهي اتي آزادي آهي.


آءٌ ائين چئي ماڻهن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش نہ ٿو ڪريان، پر خدا کي راضي ڪرڻ چاهيان ٿو. ڇا اوهين سمجھو ٿا تہ آءٌ ماڻهن کي خوش ڪرڻ ٿو گھران؟ جيڪڏهن هن مهل تائين ماڻهن کي خوش ڪندو رهان ها تہ جيڪر مسيح جو ٻانهو نہ هجان ها.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين آزاد ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا آهيو. پر پنهنجي انهيءَ آزاديءَ کي جسماني خواهشن جي پورائي لاءِ ڪم نہ آڻيو، بلڪ پيار جي رستي هڪٻئي جي خدمت ڪريو.


پر پاڪ روح جو ڦل آهي پيار، خوشي، سلامتي، صبر، مهرباني، نيڪي، وفاداري،


ڇاڪاڻ تہ روشنيءَ جو ڦل هر طرح جي چڱائي، سچائي ۽ حق سچ آهي.


اهڙيءَ طرح خدا جي عظمت ظاهر ڪرڻ ۽ سندس واکاڻ لاءِ اوهين سچائيءَ جي انهيءَ ڦل سان ڀريل رهو، جيڪو عيسيٰ مسيح جي وسيلي ملي ٿو.


ائين نہ آهي تہ آءٌ بخشش ٿو گھران، پر آءٌ انهيءَ بخشش جو اوهان لاءِ اهڙو ڦل ٿو چاهيان جيڪو اوهان جي کاتي ۾ وڌندو رهي.


اها دعا اسين انهيءَ لاءِ ٿا گھرون تہ جيئن اوهين پنهنجي زندگي خداوند عيسيٰ جي لائق گذاريو ۽ کيس هر طرح خوش رکو. هائو، اوهين هر ڪنهن نيڪ ڪم ۾ ڦلدار ٿيندي خدا کي ڄاڻڻ ۾ وڌندا وڃو.


اِپفراس جيڪو اوهان مان هڪڙو آهي ۽ عيسيٰ مسيح جو خادم آهي، سو اوهان کي سلام ٿو چوي. هو اوهان جي لاءِ هميشہ ڏاڍي جوش ۽ جذبي سان دعا ٿو گھري، تہ جيئن اوهين ڪامل ٿي پوري يقين سان هر هڪ ڳالهہ ۾ خدا جي مرضيءَ تي قائم رهو.


هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو خدا جو ٻانهو ۽ عيسيٰ مسيح جو رسول آهيان. آءٌ انهيءَ ڪري مقرر ڪيو ويو آهيان تہ جيئن ايمان ۾ مضبوط رهڻ لاءِ خدا جي چونڊيلن جي رهنمائي ڪريان ۽ کين انهيءَ سچائيءَ جي پوريءَ طرح ڄاڻ ڏيان، جيڪا دينداريءَ جو رستو ٿي ڏيکاري.


سڀني ماڻهن سان صلح وَ سلامتيءَ سان رهڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ انهيءَ پاڪائيءَ جا طلبگار ٿيو، جنهن کان سواءِ ڪوبہ خداوند کي نہ ڏسندو.


هي خط خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي ٻانهي مون يعقوب جي طرفان اوهان هنڌ هنڌ پکڙيل ماڻهن ڏانهن آهي، جيڪي خدا جا چونڊيل آهيو. آءٌ اوهان کي سلام ٿو چوان.


ڇاڪاڻ تہ اوهين پنهنجي ايمان جي منزل، يعني مڪمل ڇوٽڪارو حاصل ڪريو ٿا.


اوهين آزاد تہ آهيو، پر پنهنجي انهيءَ آزاديءَ کي بڇڙائيءَ جو بهانو نہ بڻايو، بلڪ خدا جي ٻانهن وانگر زندگي گذاريو.


انهن بزرگن مان هڪڙي مون کان پڇيو تہ ”جيڪي اڇو جبو پايو بيٺا آهن، سي ڪير آهن ۽ ڪٿان آيا آهن؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ