رومين 6:21 - Muslim Sindhi Bible21 پوءِ جن ڪمن تي اوهين هن مهل شرمسار آهيو، تن کي ڪرڻ مان اوهان کي ڪهڙو فائدو مليو؟ ڪجھہ بہ نہ، ڇاڪاڻ تہ انهن ڪمن جو نتيجو تہ موت آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible21 پوءِ جن ڪمن جي ڪري اوهان کي هاڻي شرم ٿو اچي، تن مان اُنهي وقت اوهان کي ڪهڙو فائدو مليو؟ ڇالاءِ جو انهن ڪمن جو نتيجو آخر موت آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible21 پوءِ جن ڪمن تي اوهين هن مهل شرمسار آهيو، تن کي ڪرڻ مان اوهان کي ڪهڙو فائدو مليو؟ ڪجھہ بہ نہ، ڇاڪاڻ تہ انهن ڪمن جو نتيجو تہ موت آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament21 سو جن ڪمن جي ڪري اوھين ھن مھل شرمسار آھيو، تن مان انھيءَ وقت اوھان کي ڪھڙو فائدو مليو؟ ڪجھہ بہ نہ، ڇالاءِجو انھن ڪمن جو نتيجو موت آھي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ جيڪڏهن اهي پنهنجي ڪئي تي پشيمان ٿين، تڏهن کين هيڪل جو نقشو سمجھاءِ. انهيءَ جي ترتيب، انهيءَ ۾ اچڻ ۽ وڃڻ جا لنگھہ ۽ انهيءَ جي پوري شڪل، هر ڪنهن شيءِ جي انتظام ۽ هيڪل ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ قاعدن قانونن بابت انهن کي سمجھاءِ. انهن سڀني ڳالهين جو نقشو ٺاهي انهن جي آڏو رک تہ جيئن اهي پوري انتظام کي سمجھي سگھن ۽ منهنجي سڀني حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي عمل ڪن.
هاڻي ڏسو، اوهان جي غمگيني جيڪا خدا جي مرضيءَ موجب هئي، تنهن اوهان ۾ ڪيڏو نہ اثر پيدا ڪيو. هائو، انهيءَ اوهان ۾ پنهنجي بچاءَ لاءِ ڪيڏي نہ سرگرمي، غلط ڪمن تي ڪيڏو نہ رنج، خدا جو ڪيڏو نہ خوف، ڪيڏي نہ سڪ ۽ ڪيڏو نہ جذبو پيدا ڪيو ۽ اوهين ڏوهاريءَ کي سيکت ڏيڻ لاءِ ڪيڏا نہ تيار ٿيا. ائين اوهان هر طرح سان ثابت ڪري ڏيکاريو تہ اوهين هن معاملي ۾ بيڏوهي آهيو.