Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 5:6 - Muslim Sindhi Bible

6 اها ڳالهہ هن مان ظاهر آهي جو جڏهن اسين اڃا لاچار ئي هئاسين تہ بلڪل انهيءَ وقت مسيح اسان لاءِ جان ڏني جيڪي خدا کان پري هئاسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ڇالاءِ تہ جڏهن اسين اڃا ڪمزور ئي هئاسين، تڏهن عين وقت تي مسيح بي دينن جي خاطر مُئو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 اها ڳالهہ هن مان ظاهر آهي جو جڏهن اسين اڃا لاچار ئي هئاسين تہ بلڪل انهيءَ وقت مسيح اسان لاءِ جان ڏني جيڪي ايشور کان پري هئاسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 جڏھن اسين اڃا لاچار ئي ھئاسين تہ بلڪل انھيءَ وقت مسيح اسان بدڪارن لاءِ جان ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 5:6
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جيڪي برن جي صلاح تي نہ ٿا هلن. هو گنهگارن جي راهہ تي قدم نہ ٿا رکن، نڪي اهي ڪڏهن ٽوڪبازن جي محفل منجھہ ويهن ٿا.


پياري يروشلم جو سڄو شان وَ شوڪت، ماضيءَ جو قصو بڻجي چڪو آهي. انهيءَ جا اڳواڻ اهڙن هرڻن وانگر ٿي پيا آهن، جن لاءِ ڪوبہ چراگاهہ ڪونہ آهي. سو اهي بک وگھي ايتري قدر پاهہ ٿي پيا آهن، جو شڪارين کان توڙي جو هو جان بچائڻ لاءِ ڀڄڻ چاهين تہ بہ ڀڄي نہ ٿا سگھن.


پوءِ شام جو بادشاهہ ڪاهہ ڪري ايندو ۽ شهر جي ديوار سان لڳولڳ دِڪا ٻڌي هڪ مضبوط قلعي واري شهر کي هٿ ڪري وٺندو. مصر جا سپاهي جنگ جاري رکي نہ سگھندا، بلڪ انهن جي چونڊ جوانن ۾ بہ مقابلي جي طاقت نہ هوندي.


انهيءَ طرح پوري بني اسرائيل قوم ڇوٽڪارو حاصل ڪندي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”صيئون مان ڇوٽڪارو ڏيندڙ ايندو. هو يعقوب جي اولاد مان سندن بي‌دينيءَ کي ڪڍي ڇڏيندو.


اسان جي گناهن جي خاطر هن کي موت جي حوالي ڪيو ويو ۽ اسان کي خدا ڏانهن سچار بڻائڻ لاءِ کيس وري جيئرو ڪيو ويو.


جڏهن تہ جيڪو ماڻهو ڪم نہ ٿو ڪري، پر خدا تي ايمان آڻي ٿو، جيڪو پاڻ کان پري رهندڙن کي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو تہ هن جو اهو ايمان سندس سچائي ڪري ٿو ليکجي.


اڳي خدا جا دشمن هئڻ جي باوجود اسان جو سندس فرزند جي موت جي وسيلي ساڻس ميل ميلاپ ٿي ويو. هاڻي جڏهن تہ اسان جو خدا سان ميل ميلاپ ٿي ويو آهي، تڏهن اها ڳالهہ ڪيڏي نہ يقيني آهي جو سندس فرزند جي حياتيءَ جي وسيلي اسين بچي وينداسين.


ڪنهن سچار ماڻهوءَ خاطر بہ مشڪل سان ڪو پنهنجي جان ڏيندو، پر ٿي سگھي ٿو جو ڪو ماڻهو ڪنهن نيڪ ماڻهوءَ لاءِ پنهنجي جان ڏيڻ جي همت ڪري بہ وجھي.


پر خدا اسان سان پنهنجو پيار انهيءَ مان ثابت ٿو ڪري جو جڏهن اسين اڃا گنهگار ئي هئاسين تہ مسيح اسان جي لاءِ جان ڏني.


هن تہ پنهنجو فرزند بہ اسان کان پري نہ رکيو، بلڪ کيس اسان سڀني جي خاطر موت جي حوالي ڪيو. پوءِ ٻي ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا هو انهيءَ سان گڏ اسان کي نہ ڏيندو؟


ڪير آهي جيڪو اسان کي گنهگار قرار ڏيندو؟ جڏهن تہ عيسيٰ مسيح خود اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏني، بلڪ مئلن مان وري جيئرو ٿي اٿيو. هو خدا جي ساڄي پاسي آهي ۽ اسان جي سفارش پيو ڪري.


هاڻ جيئن تہ آءٌ مسيح سان گڏ صليب تي چاڙهيو ويو آهيان، سو آءٌ جيئرو نہ رهيو آهيان، پر مسيح مون ۾ جيئرو آهي. هاڻي جيڪا زندگي آءٌ هن جسم ۾ گذاريان ٿو سا خدا جي فرزند تي ايمان رکڻ ڪري گذاري رهيو آهيان، جنهن مون سان پيار ڪيو ۽ منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي.


پر جڏهن وقت پورو ٿيو تہ خدا پنهنجو فرزند ڌرتيءَ تي موڪليو، جنهن کي هڪ عورت جنم ڏنو. هو شريعت جي وس هيٺ هجڻ واري وقت آيو،


اوهين پيار ڀري زندگي گذاريو، جيئن مسيح اسان سان پيار ڪندي اسان جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي خدا جي آڏو خوشبودار نذراني طور قربان ڪري ڇڏيو.


اوهين تہ پنهنجي گناهن جي ڪري ۽ پنهنجي گناهن سان ڀريل فطرت لٿل نہ هئڻ ڪري مئل هئا، پر خدا اوهان کي بہ مسيح سان گڏ جيئرو ڪيو. هن اسان جا سمورا گناهہ بخشي


ڇاڪاڻ تہ خدا اسان کي غضب سهڻ لاءِ نہ، بلڪ انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو آهي تہ اسين پنهنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي ڇوٽڪارو حاصل ڪريون.


اسين هي بہ ڄاڻون ٿا تہ شريعت نيڪ ماڻهن لاءِ نہ ٺهي آهي. پر اها نافرمانن ۽ فسادين، بي‌دينن ۽ گنهگارن، خدا جي ڳالهين کي حقير ڄاڻيندڙن ۽ ڪفر بڪندڙن لاءِ ۽ انهن لاءِ ٺهي آهي جيڪي ماءُ پيءُ کي ماريندڙ آهن ۽ جيڪي خوني آهن.


اهو فضل اسان کي هيءَ تربيت ٿو ڏئي تہ دنياوي خواهشن ۽ بي‌دينيءَ کي ڇڏي اسين هن آخري زماني ۾ پرهيزگاريءَ، سچائيءَ ۽ دينداريءَ سان زندگي گذاريون.


جيئن تہ هر ڪو سردار ڪاهن نذرانا ۽ قربانيون چاڙهڻ لاءِ مقرر ڪيو ويندو آهي، انهيءَ ڪري اهو ضروري هو تہ اسان جي سردار ڪاهن وٽ بہ پيش ڪرڻ لاءِ ڪجھہ هجي.


نہ تہ جهان جي شروعات کان وٺي ڪيترائي ڀيرا کيس تڪليف سهڻي پوي ها. پر هاڻي زمانن جي پڇاڙيءَ ۾ هو هڪڙو ئي ڀيرو ظاهر ٿيو، انهيءَ لاءِ تہ پاڻ کي قربان ڪرڻ سان گناهہ کي مِٽائي ڇڏي.


دنيا جي بڻائڻ کان اڳ ۾ ئي مسيح کي چونڊيو ويو هو، پر هن آخري زماني ۾ اوهان جي خاطر کيس ظاهر ڪيو ويو.


پر وجود ۾ آڻڻ واري ساڳئي ئي حڪم جي وسيلي موجودہ زمين ۽ آسمان باهہ لاءِ بچائي رکيا ويا. هائو، اهي انهيءَ ڏينهن لاءِ رکيا ويا آهن جنهن ڏينهن بي‌دينن جي عدالت ڪري کين ساڙي ناس ڪيو ويندو.


هو انهيءَ لاءِ ايندو تہ جيئن سڀني ماڻهن جي عدالت ڪري ۽ انهن سڀني کي گنهگار قرار ڏئي، جن بي‌دينيءَ جو طريقو اختيار ڪري بي‌دينيءَ وارا ڪم ڪيا آهن. هو انهن سڀني سخت ڳالهين لاءِ بہ هنن بي‌دين گنهگارن کي ڏوهاري قرار ڏيندو، جيڪي سندس برخلاف ڪيون اٿائون.“


”آخري زماني ۾ ڪي ٺٺوليون ڪندڙ ماڻهو هوندا، جيڪي پنهنجين بي‌دينيءَ وارين خواهشن جي پٺيان لڳندا.“


منهنجي خط لکڻ جو سبب هي آهي تہ ڪي اهڙا ماڻهو لڪي ڇپي اوهان منجھہ گھڙي آيا آهن، جن کي پاڪ ڪلام مطابق قديم زماني کان گنهگار قرار ڏنو ويو آهي. اهي بي‌دين ماڻهو آهن، جيڪي اسان جي خدا جي فضل کي بگاڙي پنهنجي شهوت‌پرستيءَ جو بهانو ٿا بڻائين ۽ اسان جي هڪڙي ئي مالڪ ۽ خداوند، يعني عيسيٰ مسيح جو انڪار ٿا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ