Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 5:20 - Muslim Sindhi Bible

20 مطلب تہ شريعت انهيءَ لاءِ آئي تہ جيئن ان جي حڪمن جي ڀڃڪڙيءَ ڪري گناهہ وڌي. پر جتي گناهہ گھڻو وڌيو اتي خدا جو فضل انهيءَ کان بہ گھڻو جھجھي انداز ۾ وڌيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 شريعت وچ ۾ آئي انهي لاءِ تہ ڏوهہ وڌيڪ ٿئي؛ پر جتي گناهہ گهڻو ٿيو آهي، اُتي فضل هيڪاري وڌيڪ ٿيو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 مطلب تہ موسيٰ جو نيم انهيءَ لاءِ آيو تہ جيئن ان جي حڪمن جي ڀڃڪڙيءَ ڪري پاپ وڌي. پر جتي پاپ گھڻو وڌيو اتي ايشور جي ڪرپا انهيءَ کان بہ گھڻو جھجھي انداز ۾ وڌي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 شريعت جي ملڻ کان پوءِ ڏوھہ وڌيا. گناھہ کڻي ڪيترا بہ وڌيا پر خدا جو فضل انھن کان بہ وڌي ويو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 5:20
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند! منهنجي بدڪاري تمام وڏي آهي، سو پنهنجي نالي جي سچائيءَ موجب تون اها معاف ڪر.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”هاڻي اچو تہ انهيءَ معاملي کي نبيريون، پوءِ جيتوڻيڪ اوهين گناهن جي ڪري رت جي ڳاڙهاڻ سان ڀريل هوندا، تڏهن بہ آءٌ اوهان کي برف جهڙو شفاف ڪري ڇڏيندس. هائو، توڙي جو اوهين گناهن سبب رت جهڙا لال ڳاڙها هوندا، تہ بہ آءٌ اوهان کي کير جهڙو اڇو ڪري ڇڏيندس.


تنهنجي ڀينرن جي گناهن کان تنهنجا گناهہ وڌيڪ ڪراهت جهڙا آهن. سو اهي تو کان گھٽ قصوروار آهن. تنهنڪري تون پنهنجي سزا جي پاڻ ذميوار آهين. سو تون ذليل ۽ خوار خراب ٿيندينءَ، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي بڇڙن ڪمن جي نسبت تنهنجي ڀينرن ڄڻ تہ ڪجھہ ڪيو ئي ڪونہ هو.“


سو موسيٰ هڪڙو پتل جو نانگ ٺاهيو ۽ انهيءَ کي هڪڙي ٿوڻيءَ تي لٽڪائي ڇڏيائين. پوءِ جڏهن بہ ڪنهن ماڻهوءَ کي نانگ ڏنگيو ٿي تڏهن ان پتل جي نانگ ڏانهن ٿي نهاريو تہ مرڻ کان بچي ٿي ويو.


جيڪي ماڻهو چوٿين پهر ڪم تي بيٺا هئا تن مان هر ڪنهن کي هڪ هڪ چانديءَ جو سڪو مليو.


سو وڃو ۽ وڃي سمجھو تہ پاڪ ڪلام جي هن لکت جي معنيٰ ڇا آهي تہ ’مون کي جانورن جي قرباني نہ، پر رحم پسند آهي،‘ ڇاڪاڻ تہ آءٌ نيڪن کي نہ پر گنهگارن کي سڏڻ لاءِ آيو آهيان.“


انهيءَ ڪري آءٌ تو کي چوان ٿو تہ هن جا گناهہ، جيڪي گھڻا هئا معاف ڪيا ويا آهن، تنهنڪري هن گھڻو پيار ڪيو آهي. پر جنهن جا گناهہ ٿورا هئا جيڪي معاف ڪيا ويا، سو ٿورو پيار ٿو ڪري.“


چور رڳو انهيءَ مطلب لاءِ اچي ٿو تہ چوري ڪري، ماري ۽ برباد ڪري. پر آءٌ انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ کين زندگي ملي، بلڪ ڀرپور زندگي ملين.


جيڪڏهن آءٌ نہ اچان ها ۽ کين اهي ڳالهيون نہ ٻڌايان ها تہ انهن کي گنهگار قرار نہ ڏنو وڃي ها. پر هاڻي کين پنهنجن گناهن لاءِ ڪوبہ بهانو نہ آهي.


ڳالهہ اها آهي تہ شريعت تہ خدا جو غضب پيدا ڪري ٿي، پر جتي شريعت ئي نہ آهي اتي انهيءَ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪهڙي؟


تہ پوءِ اسين ڇا چئون؟ ڇا ائين چئون تہ گناهہ ڪندا رهون تہ جيئن خدا جو فضل وڌيڪ ٿئي؟


سو اڳتي گناهہ جو اوهان تي ڪوبہ اختيار نہ رهندو، ڇو تہ هاڻي اوهين شريعت جي تابع نہ، بلڪ خدا جي فضل جي تابع آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ