رومين 5:17 - Muslim Sindhi Bible17 اهو سچ آهي تہ هڪڙي ئي ماڻهوءَ جي وسيلي يعني آدم جي نافرمانيءَ جي ڪري موت انسان تي حڪمراني ڪرڻ لڳو. پر هاڻ جن کي فضل ۽ خدا ڏانهن سچار بڻائڻ واري بخشش جھجھي انداز ۾ عطا ٿئي ٿي، سي هڪڙي ئي ماڻهوءَ يعني عيسيٰ مسيح جي وسيلي دائمي زندگيءَ جي حالت ۾ ڪيڏي نہ وڌيڪ حڪمراني ڪندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible17 ڇالاءِ جو جيڪڏهن هڪڙي ئي شخص جي ڏوهہ ڪري موت اُنهي هڪڙي جي وسيلي حڪمراني ڪئي؛ تہ جي ماڻهو فضل ۽ سچائيءَ جي بخشش گهڻي انداز ۾ حاصل ٿا ڪن، سي ڪيترو نہ وڌيڪ هڪڙي شخص، يعني يسوع مسيح جي وسيلي، هميشہ جي زندگيءَ ۾ بادشاهي ڪندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible17 اهو سچ آهي تہ هڪڙي ئي ماڻهوءَ جي وسيلي يعني آدم جي نافرمانيءَ جي ڪري موت انسان تي حڪمراني ڪرڻ لڳو. پر هاڻ جن کي ڪرپا ۽ ايشور ڏانهن سچار بڻائڻ واري بخشش جھجھي انداز ۾ ملي ٿي، سي هڪڙي ئي ماڻهوءَ يعني يسوع مسيح جي وسيلي امر جيون جي حالت ۾ ڪيڏي نہ وڌيڪ حڪمراني ڪندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament17 اھو سچ آھي تہ ھڪڙي ماڻھوءَ جي ڏوھہ جي ڪري ۽ انھيءَ ماڻھوءَ جي ئي وسيلي موت حڪمراني ڪئي. پر ھڪڙي ئي ماڻھوءَ يعني عيسيٰ مسيح جي ڪم جو ڪيڏو نہ وڏو ڦل آھي جو اھي سڀ ھن جي وسيلي زندگيءَ ۾ حڪمراني ڪندا، جن کي خدا جي انھيءَ فضل جي گھڻائيءَ ۽ سچائيءَ جي بخشش ملي آھي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ مون تخت ڏٺا ۽ جيڪي انهن تي ويٺا هئا، تن کي عدالت ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو. هي اهي ماڻهو هئا جن جون سسيون عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ ۽ خدا جي پيغام ٻڌائڻ جي ڪري لاٿيون ويون هيون. هنن نہ انهيءَ حيوان ۽ سندس بت جي پوڄا ڪئي، نڪي ان جو نشان پنهنجي پيشانيءَ ۽ هٿ تي هڻايو. اهي جيئرا ٿي مسيح سان گڏ هزار سالن تائين بادشاهي ڪندا رهيا.