Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 5:13 - Muslim Sindhi Bible

13 سو شريعت جي ملڻ کان اڳ دنيا ۾ گناهہ هو، پر جتي شريعت نہ آهي اتي گناهن جو حساب بہ نہ ٿو رکيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ڇو جو شريعت ملي، تنهن کان اڳي گناهہ دنيا ۾ هو، پر جتي شريعت ڪانهي اُتي گناهہ بہ ليکجڻ ۾ نٿو اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 سو موسيٰ جي نيم ملڻ کان اڳ سنسار ۾ پاپ هو، پر جتي نيم نہ آهي اتي پاپن جو حساب بہ نہ ٿو رکيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 شريعت جي ملڻ کان اڳ ۾ بہ دنيا ۾ گناھہ ھو، پر جتي شريعت ئي ڪانھي اُتي گناھن جو حساب بہ نہ ٿو رکيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 5:13
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سدوم شهر جا ماڻهو خداوند جي نظر ۾ بدڪار ۽ وڏا گنهگار هئا.


پوءِ خداوند ابراهيم کي چيو تہ ”سدوم ۽ عموراہ جي گناهن جي دانهن وڌي ويئي آهي جيڪا تمام وڏن گناهن جي باري ۾ آهي.


تنهنڪري اچ تہ پنهنجي پيءُ کي مئي پيئاري ساڻس گڏ سمهون تہ جيئن انهيءَ مان اسان کي ٻار ٿين.“


اهڙيءَ طرح لوط جون ٻئي ڌيئر پنهنجي پيءُ مان پيٽ سان ٿيون.


مهمانن جي سمهڻ کان اڳي سدوم شهر جا مرد، جوان توڙي ٻڍا انهيءَ گھر کي چوڌاري وڪوڙي ويا.


هن جو اهو ڪم خداوند جي نظر ۾ سٺو ڪونہ هو سو خداوند هن کي بہ ماري ڇڏيو.


پر عير جا افعال خداوند جي نظر ۾ بد هئا. تنهنڪري خداوند هن کي ماري ڇڏيو.


پر ٻيو هر ڪو خدا جي نظر ۾ بگڙيل هو ۽ هر هنڌ ظلم ئي ظلم هو.


قربانيءَ جي خوشبوءِ پهچڻ سان خداوند ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنهنجيءَ دل ۾ چيائين تہ ”آءٌ انسان جي ڪري ڌرتيءَ کي وري وڌيڪ لعنتي نہ ڪندس. جيتوڻيڪ انسان جي دل جو خيال ننڍپڻ کان برائيءَ ڏانهن راغب آهي، تنهن هوندي بہ وري ڪڏهن بہ سڀني ساهوارن کي نہ ماريندس، جيئن هاڻي ماريو اٿم.


مطلب تہ شريعت جي حڪمن تي عمل ڪرڻ سان ڪوبہ ماڻهو خدا ڏانهن سچار ٿي نہ ٿو سگھي. شريعت جي وسيلي تہ رڳو کيس گناهن جي خبر پوي ٿي.


ڳالهہ اها آهي تہ شريعت تہ خدا جو غضب پيدا ڪري ٿي، پر جتي شريعت ئي نہ آهي اتي انهيءَ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪهڙي؟


ڏسو، موت جو ڏنگ گناهہ آهي ۽ گناهہ جي طاقت شريعت آهي.


اسين ڄاڻون ٿا تہ موت مان نڪري زندگيءَ ۾ آيا آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسين پنهنجن هم‌ايمان ڀائرن ڀينرن سان پيار ڪريون ٿا. جيڪو پيار نہ ٿو ڪري سو موت جي حالت ۾ آهي.


جيڪو بہ گناهہ ڪري ٿو سو خدا جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ٿو ڪري. هائو، گناهہ خدا جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ