Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 4:17 - Muslim Sindhi Bible

17 جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”اي ابراهيم! مون تو کي گھڻين قومن جو پيءُ بڻايو آهي.“ اهو واعدو سچو آهي، ڇاڪاڻ تہ ابراهيم جو ايمان انهيءَ خدا تي هو، جيڪو مئلن کي جيئرو ڪري ٿو ۽ جنهن جي حڪم سان اهي شيون پيدا ٿين ٿيون، جيڪي اڳ ۾ موجود نہ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 (جهڙيءَ طرح ڪ لکيل آهي تہ ”مون توکي گهڻين قومن جو پيءُ ٺهرايو آهي.“) يعني اُنهي خدا جي اڳيان جنهن تي هن ايمان آندو، جو مُئلن کي جياري ٿو، ۽ جي شيون ناهن تن کي ائين ٿو سڏي ڄڻ تہ اُهي اڳيئي آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”اي ابرهام! مون تو کي گھڻين قومن جو پتا بڻايو آهي.“ اهو وچن سچو آهي، ڇاڪاڻ تہ ابرهام جو وشواس انهيءَ ايشور تي هو، جيڪو مئلن کي جيوت ڪري ٿو ۽ جنهن جي حڪم سان اهي شيون پيدا ٿين ٿيون، جيڪي اڳ ۾ موجود نہ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 جيئن لکيل آھي تہ ”اي ابراھيم! مون تو کي گھڻين قومن جو پيءُ بڻايو آھي.“ اھو واعدو سچو آھي، ڇالاءِ⁠جو ابراھيم جو ايمان انھيءَ خدا تي ھو، جيڪو مئلن کي جيئرو ڪري ٿو ۽ جنھن جو حڪم انھن شين کي وجود ڏئي ٿو جيڪي اڳ ۾ موجود نہ آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 4:17
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ هن کي برڪت ڏيندس ۽ انهيءَ جي پيٽان تو کي هڪڙو پٽ ڏيندس. آءٌ هن کي برڪت ڏيندس ۽ هوءَ قومن جي ماءُ ٿيندي. هن منجھان قومن جا بادشاهہ پيدا ٿيندا.“


باقي اسماعيل بابت مون تنهنجو عرض قبول ڪيو. آءٌ کيس برڪت ڏيندس ۽ گھڻو اولاد عطا ڪندس. هو ٻارهن سردارن جو پيءُ ٿيندو ۽ آءٌ هن جي اولاد کي هڪ وڏي قوم بڻائيندس.


شل قادرِمطلق خدا تو کي برڪت ڏئي، تو کي اولاد وارو ڪري ۽ وڌائي تہ جيئن اوهين گھڻن قبيلن واري قوم ٿي پئو!


آءٌ اتر توڙي ڏکڻ کي پڻ حڪم ڪندس، تہ اهي واپس ايندڙ ماڻهن کي نہ روڪين، جيڪي مون لاءِ پٽن ۽ ڌيئرن جي مثل آهن، تان‌تہ اهي ڏورانهن ملڪن ۽ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ کان موٽي پنهنجي وطن ۾ اچن.


جيڪڏهن ڪو مون جهڙو آهي تہ پُڪاري چوي، هائو، اهو اعلان ڪري، ۽ شين کي ترتيبوار ڪري مون آڏو پيش ڪري. قديم زماني کان ڀلا ٻيو ڪير آهي، جنهن هاڻي پيش ايندڙ ڳالهيون، يا جيڪي هاڻي کان پوءِ پيش اينديون تن جي خبر ڏني آهي؟


مون ئي ڌرتيءَ جا بنياد وڌا آهن، ۽ آسمانن کي ڦهلايو آهي. جڏهن بہ آءٌ انهن کي حڪم ٿو ڪريان، تہ اهي هڪدم منهنجي حڪم جي تعميل ڪن ٿا.


ڏسو، منهنجي قوم جا ماڻهو تمام پري کان ايندا، ڪي اتر کان ايندا تہ ڪي اولهہ کان، ۽ ڪي وري مصر جي ڏکڻ واري علائقي اسوان کان ايندا.“


هاڻي اوهين بابل مان خوشيون ڪندي نڪري ايندا، ۽ سلامتيءَ سان روانا ڪيا ويندا. جبل ۽ ٽڪريون اوهان جي اڳيان گيت ڳائڻ لڳندا، ۽ سڀيئي وڻ تاڙيون وڄائيندا.


ائين نہ سمجھو تہ اوهين ابراهيم جو اولاد هئڻ ڪري بچي ويندا. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ خدا هنن پٿرن مان بہ ابراهيم لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو.


جيئن پيءُ مئلن کي جياري کين زندگي ڏئي ٿو، تيئن فرزند بہ جنهن کي وڻيس تنهن کي زندگي ڏئي ٿو.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اها گھڙي اچي رهي آهي بلڪ اچي پهتي آهي، جڏهن مئل ماڻهو خدا جي فرزند جو آواز ٻڌندا ۽ جيڪي ٻڌندا سي جيئرا ٿيندا.


زندگي ڏيڻ وارو تہ روح آهي، جسم ڪابہ شيءِ ڪانهي. هاڻ جيڪي ڳالهيون مون اوهان کي ٻڌايون آهن سي روح آهن ۽ زندگي بہ.


هي آءٌ خداوند چوان ٿو، جيڪو قديم زماني کان اهو سڀ ڪري ڏيکاريندو آيو آهيان.‘“


هاڻ ڇا خدا رڳو يهودين جو ئي آهي؟ ڇا هو غير يهودين جو نہ آهي؟ بيشڪ هو غير يهودين جو بہ آهي.


ابراهيم نااميديءَ جي حالت ۾ بہ اميد رکي خدا تي ايمان رکيو ۽ گھڻين قومن جو پيءُ بڻيو، جيئن خدا واعدو ڪيو هئس تہ ”تو کي ايترو ئي گھڻو اولاد ٿيندو.“


جيڪڏهن ابراهيم پنهنجي عملن جي ڪري خدا ڏانهن سچار بڻيو هجي ها تہ پنهنجو پاڻ تي فخر ڪري سگھي ها. پر خدا جي حضور ۾ پاڻ تي فخر ڪرڻ جو وٽس ڪو سبب نہ هو،


هاڻ جيڪڏهن اوهان ۾ خدا جو روح موجود آهي، جنهن عيسيٰ کي مئلن مان جيئرو ڪيو، تہ پوءِ مسيح کي مئلن مان جيارڻ وارو اوهان جي فاني جسمن کي بہ پنهنجي انهيءَ روح جي وسيلي جيئرو ڪندو جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو.


انهن ٻارن جي ڄمڻ ۽ سندن چڱي يا خراب ڪم ڪرڻ کان اڳ ۾ ربقہ کي ٻڌايو ويو هو تہ ”وڏو ننڍي جي خدمت ڪندو.“ انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو تہ خدا جو چونڊڻ عملن تي نہ پر سندس مرضيءَ تي مدار رکي ٿو،


اهو بہ لکيل آهي تہ ”جنهن جاءِ تي انهن کي چيو ويندو هو تہ ’اوهين منهنجي قوم نہ آهيو،‘ انهيءَ ساڳي جاءِ تي اهي ’زندہ خدا جا ٻار‘ سڏبا.“


خدا انهن کي چونڊيو جن کي جهان خسيس، حقير بلڪ ڪجھہ بہ نہ ٿي سمجھيو، انهيءَ لاءِ تہ ماڻهو جن کي ڪا شيءِ سمجھن ٿا تن جي ڪابہ حيثيت نہ رهي.


جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”پهريون انسان آدم جيئرو جيءُ بڻيو.“ تہ پوءِ آخري آدم يعني مسيح روحاني جسم ٿي زندگي بخشيندڙ بڻيو.


آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا، جيڪو هر جاندار کي زندگي ٿو بخشي ۽ عيسيٰ مسيح، جنهن گورنر پنطيس پلاطس جي اڳيان چڱو اقرار ڪندي شاهدي ڏني هئي، تن کي حاضر ناظر ڄاڻي


اهڙيءَ طرح هڪڙي اهڙي پوڙهي شخص مان جيڪو ڄڻ مرڻ ڪنڌيءَ تي هو، ”آسمان جي تارن جيترو ۽ سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جي ذرڙن جيترو بي‌شمار اولاد“ پيدا ٿيو.


ايمان جي ڪري ئي اسين سمجھون ٿا تہ سڀيئي جهان خدا جي حڪم سان بڻيا آهن. ائين نہ آهي تہ جيڪي ڪجھہ نظر اچي ٿو سو ڏسڻ ۾ ايندڙ شين مان بڻيو آهي.


ايمان جي ڪري ئي نوح اهي ڳالهيون مڃيون جيڪي اڃا ڏسڻ ۾ نہ آيون هيون، جن بابت خدا کيس خبردار ڪيو هو. هن خدا جو خوف رکي پنهنجي خاندان کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ هڪڙو ٻيڙو ٺاهيو. اهڙيءَ طرح نوح دنيا کي ڏوهي قرار ڏنو ۽ انهيءَ سچائيءَ جو وارث ٿيو، جيڪا ايمان جي ڪري حاصل ٿئي ٿي.


اڳي اوهين ڇڙوڇڙ هئا، پر هاڻي اوهين خدا جي قوم آهيو. اڳي اوهان تي رحمت ڪونہ ٿي هئي، پر هاڻي خدا جي رحمت ٿي اٿوَ.


پر اي عزيزؤ! اوهين هيءَ ڳالهہ ڪڏهن بہ نہ وسارجو تہ خداوند جي اڳيان هڪڙو ڏينهن هزار سالن جي برابر آهي ۽ هزار سال هڪڙي ڏينهن جي برابر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ