Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 4:11 - Muslim Sindhi Bible

11 ابراهيم جو طهر پوءِ ٿيو، جيڪو انهيءَ ثابتيءَ جو نشان هو تہ خدا سندس ايمان رکڻ جي ڪري ئي کيس اڻ‌طهريل حالت ۾ پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبول ڪيو. اهڙيءَ طرح ابراهيم انهن سڀني جو پيءُ آهي، جيڪي طهر کان سواءِ خدا تي ايمان آڻين ٿا ۽ خدا کين پاڻ ڏانهن سچار ڪري ليکي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ کيس ختني جو نشان مليو، تہ انهي ايمان جي راستبازيءَ تي اها مهر ٿئي جو ايمان هن کي بنا ختني واريءَ حالت ۾ هو، انهي لاءِ تہ هو انهن سڀني جو ابو ٿئي، جي بنا ختني جي حالت ۾ آهن تہ بہ ايمان ٿا آڻين، تہ انهن جي لاءِ بہ راستبازي ليکي وڃي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 ابرهام جو ختنو پوءِ ٿيو، جيڪو انهيءَ ثابتيءَ جو نشان هو تہ ايشور سندس وشواس رکڻ جي ڪري ئي کيس ختني کان سواءِ پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبول ڪيو. اهڙيءَ طرح ابرهام انهن سڀني جو پتا آهي، جيڪي ختني کان سواءِ ايشور تي وشواس آڻين ٿا ۽ ايشور کين پاڻ ڏانهن سچار ڪري ليکي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 ابراھيم جو طھر پوءِ ٿيو ۽ اھو طھر ھڪ ثابتيءَ جو نشان ھو تہ خدا کيس طھر کان اڳ ۾ سندس ايمان جي ئي ڪري سچار ڪري قبول ڪيو. سو ابراھيم انھن سڀني جو پيءُ آھي، جيڪي خدا تي ايمان آڻين ٿا ۽ ھو کين سچار ڪري قبول ڪري ٿو، جيتوڻيڪ اھي طھريل نہ آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 4:11
46 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن ابراهيم جو طهر ٿيو، تڏهن سندس عمر نوانوي سال هئي.


جيئن تہ دنيا جا سڀيئي حاڪم خدا جا آهن، سو قومن جا سمورا سردار اچي گڏ ٿيا آهن، تان‌تہ هو ابراهيم جي خدا جي قوم سان گڏ ٿين. بيشڪ خدا ئي دنيا جي سڀني حاڪمن جو حاڪمِ اعليٰ آهي.


جن گھرن ۾ بني اسرائيل وارا رهن ٿا، تن جي دروازن تي لڳل اهو رت هڪڙو نشان هوندو. آءٌ اهو رت ڏسي کين ڇڏي لنگھي ويندس. جڏهن آءٌ مصر جي ملڪ وارن کي ماريندس، تڏهن ڪابہ آفت بني اسرائيل کي برباد ڪرڻ لاءِ مٿن نہ ايندي.


”تون بني اسرائيل کي منهنجو هي حڪم ڏج تہ ’اوهين منهنجا سبت جا ڏينهن ضرور ملهائيندا رهجو، ڇاڪاڻ تہ منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ اوهان جي سڀني پيڙهين تائين اها هڪڙي نشاني هوندي، انهيءَ لاءِ تہ اوهان کي خبر پوي تہ آءٌ خداوند ئي آهيان جيڪو اوهان کي مخصوص ٿو ڪريان.


اها منهنجي ۽ بني اسرائيل جي وچ ۾ هميشہ جي لاءِ هڪڙي نشاني رهندي، ڇاڪاڻ تہ ڇهن ڏينهن ۾ مون خداوند آسمان ۽ زمين کي بڻايو ۽ ان ستين ڏينهن فارغ ٿي آرام ڪيو هئم.“


انهيءَ کان علاوہ مون هنن لاءِ پنهنجي سبت جا ڏينهن بہ مقرر ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ اهي منهنجي ۽ سندن وچ ۾ هڪڙي نشاني رهن، تان‌تہ هو ڄاڻي وٺن تہ اهو آءٌ ئي خداوند آهيان جنهن کين پاڻ لاءِ مخصوص ڪيو آهي.


اوهين منهنجي سبت جي ڏينهن جو احترام ڪريو. اهي اوهان جي ۽ منهنجي وچ ۾ هڪڙي نشاني آهن، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ڄاڻي وٺو تہ آءٌ خداوند ئي اوهان جو خدا آهيان.‘


تنهن تي شمعون پطرس وراڻيو تہ ”اوهين مسيح آهيو، زندہ خدا جا فرزند.“


آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اوڀر ۽ اولهہ کان ڪيترائي غير قومن وارا ايندا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان گڏ آسمان جي بادشاهيءَ ۾ دسترخوان تي ويهندا.


عيسيٰ هن کي چيو تہ ”اڄ هن گھر ۾ ڇوٽڪارو آيو آهي، ڇاڪاڻ تہ تون بہ ابراهيم جو اولاد آهين.


جڏهن تہ جنهن بہ ماڻهوءَ اها شاهدي قبول ڪئي، تنهن اها تصديق ڪئي تہ خدا سچو آهي.


جيڪو بہ فرزند تي ايمان آڻي ٿو، تنهن کي دائمي زندگي مليل آهي. پر جيڪو فرزند کي قبول نہ ٿو ڪري، تنهن کي اها زندگي ڪڏهن بہ نہ ملندي، اٽلندو خدا جو غضب مٿس رهي ٿو.


عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”زندگيءَ جي ماني آءٌ آهيان. جيڪو مون تي ايمان رکي مون وٽ اچي ٿو، تنهن کي ڪڏهن بہ نہ بک لڳندي ۽ نہ وري اڃ لڳندي.


هائو، منهنجي پيءُ جي اها مرضي آهي تہ جيڪو بہ سندس فرزند کي سڃاڻي ٿو ۽ مٿس ايمان ٿو آڻي، تنهن کي دائمي زندگي ملي. سو آءٌ کيس آخرت جي ڏينهن تي وري جيئرو ڪري اٿاريندس.“


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ مون تي ايمان آڻي ٿو تنهن جي ئي زندگي دائمي آهي.


تنهن تي انهن وراڻيو تہ ”اسين ابراهيم جو اولاد آهيون ۽ ڪڏهن بہ ڪنهن جا غلام نہ ٿيا آهيون، تہ پوءِ تنهنجي انهيءَ چوڻ جو مقصد ڇا آهي تہ ’اوهين آزاد ٿيندا‘؟“


اهو پيغام سڀني لاءِ آهي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ بہ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ هن تي ايمان آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“


جيئن تہ شريعت جو مقصد مسيح ۾ پورو ٿي ويو، تنهنڪري جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي ٿو سو ئي خدا ڏانهن سچار بڻجي ٿو.


جڏهن تہ جيڪو ايمان آڻڻ جي وسيلي خدا ڏانهن سچار بڻجي ٿو، تنهن کي اها سچائي چوي ٿي تہ ”تون پنهنجيءَ دل ۾ ائين نہ چئُہ تہ ’ڪير آسمان تي چڙهندو؟‘“ ڇاڪاڻ تہ مسيح اڳي ئي هيٺ لهي آيو آهي.


جيڪا سچائي هاڻي ظاهر ٿي آهي سا هيءَ آهي تہ خدا انهن سڀني ماڻهن کي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو جيڪي عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻين ٿا، پوءِ اهي يهودي هجن توڙي غير يهودي. اهي سڀ هڪ جهڙا آهن،


پر هاڻي هو ائين نہ ٿو ڪري. انهيءَ جي بدران پنهنجي سچائي ڏيکاريندي خدا اهو ظاهر ٿو ڪري تہ هو سچو آهي ۽ هر انهيءَ ماڻهوءَ کي پڻ پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو، جيڪو عيسيٰ تي ايمان آڻي ٿو.


جيئن تہ خدا هڪڙو ئي آهي، سو هو طهريلن توڙي اڻ‌طهريلن کي هڪڙي ئي رستي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو، يعني ايمان آڻڻ سان.


ابراهيم جي اها سڀاڳائي ڪڏهن ليکي ويئي؟ سندس طهر ڪرائڻ کان اڳ ۾ ليکي ويئي يا پوءِ؟ اها ابراهيم جي طهر ڪرائڻ کان پوءِ نہ، پر اڳ ۾ ليکي ويئي هئي.


ان مان اسان جي چوڻ جو مطلب هي آهي تہ جيتوڻيڪ غير قوم وارن خدا وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪا ڪوشش نہ ڪئي، تہ بہ انهن مان ڪن کي خدا پاڻ ڏانهن سچار بڻايو ۽ اهو سندن ايمان رکڻ جي ڪري ئي ٿيو.


اهو پٿر عيسيٰ آهي، جنهن بابت خدا پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ ٿاٻڙائڻ وارو پٿر، يعني هڪ ڇپ رکي ڇڏيان ٿو، جيڪا ٿاٻو کائڻ جو سبب بڻبي، پر جيڪو هن تي ايمان آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“


هاڻ جيڪڏهن اهي ڇوٽڪارو حاصل نہ ٿا ڪن تہ پوءِ خدا جو انهن سان ڪيل واعدو ڪوڙو ثابت ٿيو ڇا؟ نہ، ڇاڪاڻ تہ جيڪي بني اسرائيل قوم ۾ پيدا ٿيا آهن، تن مان سڀ حقيقي بني اسرائيل وارا نہ آهن


هن ئي اسان جي دلين تي پنهنجي مالڪيءَ جي مُهر هنئي آهي. اها مُهر پاڪ روح آهي، جيڪو اسان جي دلين ۾ وجھي هن پنهنجي واعدن جو بيانو ادا ڪيو آهي.


پر پاڪ ڪلام ظاهر ڪري ٿو تہ سڄي دنيا گناهہ جي قبضي ۾ آهي. اهو انهيءَ لاءِ ظاهر ڪري ٿو تہ جيئن ان قبضي کان آزاديءَ وارو خدا جو واعدو عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ سان اسان ۾ پورو ٿئي.


هاڻي جيڪڏهن اوهين مسيح جا آهيو تہ پوءِ ابراهيم جو نسل آهيو ۽ خدا جي واعدي موجب وارث بہ آهيو.


سو ڄاڻي ڇڏيو تہ جيڪي ايمان وارا آهن، حقيقت ۾ اهي ئي ابراهيم جو اولاد آهن.


پر اسين پاڪ روح جي وسيلي ايمان آڻڻ جي ڪري خدا ڏانهن سچار بڻايا وينداسين. انهيءَ اميد جي پوري ٿيڻ جو اسين وڏي چاهہ سان انتظار ڪري رهيا آهيون.


جيڪي بہ انهيءَ اصول تي هلن ٿا، حقيقت ۾ اهي ئي خدا جي قوم بني اسرائيل آهن، تن تي شل رحم ۽ سلامتي هجي.


اوهين غير يهودي بہ مسيح جا ٿيا جڏهن اوهان سچائيءَ جو پيغام يعني خوشخبري ٻڌي مسيح تي ايمان آندو ۽ اها خوشخبري اوهان لاءِ ڇوٽڪاري جو سبب بڻي. اهڙيءَ طرح خدا پنهنجو واعدو پورو ڪندي اوهان کي بہ پاڪ روح عطا ڪيو، جيڪو سندس مالڪيءَ جي مُهر آهي.


انهيءَ سان گڏ خدا جي پاڪ روح کي رنج نہ ڪريو، جيڪو انهيءَ ڏينهن لاءِ اوهان تي مُهر آهي جڏهن اوهين ڇڏايا ويندا.


خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ۽ اوهان جي اولاد کي فرمانبردار دل عطا ڪندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پوري دل وَ جان سان پيار ڪريو ۽ جيئرا رهو.


۽ هن سان پوريءَ طرح گڏيل ثابت ٿيان. اهو منهنجي انهيءَ سچائيءَ رکڻ سان ناهي جيڪا شريعت تي عمل ڪرڻ وسيلي آهي، پر انهيءَ سچائيءَ سبب آهي جيڪا مسيح تي ايمان آڻڻ جي وسيلي حاصل ٿئي ٿي. هائو، ايمان جي ڪري ئي خدا ماڻهن کي پاڻ ڏانهن سچار ٿو بڻائي.


ايمان جي ڪري ئي نوح اهي ڳالهيون مڃيون جيڪي اڃا ڏسڻ ۾ نہ آيون هيون، جن بابت خدا کيس خبردار ڪيو هو. هن خدا جو خوف رکي پنهنجي خاندان کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ هڪڙو ٻيڙو ٺاهيو. اهڙيءَ طرح نوح دنيا کي ڏوهي قرار ڏنو ۽ انهيءَ سچائيءَ جو وارث ٿيو، جيڪا ايمان جي ڪري حاصل ٿئي ٿي.


هي خط مون شمعون پطرس جي طرفان آهي، جيڪو عيسيٰ مسيح جو ٻانهو ۽ رسول آهيان. هي خط انهن ڏانهن ٿو لکجي، جن کي اسان جي خدا ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ، يعني عيسيٰ مسيح جي سچائيءَ جي وسيلي اسان جهڙو قيمتي ايمان حاصل ٿيو آهي.


انهيءَ ماڪڙ کي چيو ويو تہ ”زمين جي گاهہ توڙي وڻن کي، بلڪ ڪنهن بہ ساوڪ کي نقصان نہ رسائجو. رڳو انهن ماڻهن کي نقصان رسائجو، جن جي پيشانين تي خدا جي مُهر لڳل نہ هجي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ