Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 3:25 - Muslim Sindhi Bible

25 خدا عيسيٰ کي اهڙو ڪفارو بڻايو، جو سندس جان جي قربانيءَ جي ڪري جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي ٿو تنهن جا گناهہ معاف ڪيا وڃن ٿا. خدا ان مان پنهنجي سچائي ظاهر ڪري ڏيکاري ٿو. جڏهن تہ هن کان اڳي خدا بردباري ڪندي ماڻهن جي گناهن کي درگذر ٿي ڪيو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 انهي (يسوع مسيح) کي خدا سندس رت جي ڪري، هڪڙو اهڙو ڪفارو ٺهرايو، جو ايمان آڻڻ ڪري فائدي وارو ٿئي؛ انهي لاءِ تہ جيڪي گناهہ اڳي ٿيا آهن، ۽ جن بابت خدا تحمل ڪري گذر ڪيو هو، تن بابت پنهنجي راستبازي ظاهر ڪري؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 ايشور يسوع کي اهڙو ڪفارو بڻايو، جو سندس جان جي ٻليدان جي ڪري جيڪو بہ مٿس وشواس آڻي ٿو تنهن جا پاپ معاف ڪيا وڃن ٿا. ايشور ان مان پنهنجي سچائي ظاهر ڪري ڏيکاري ٿو. جڏهن تہ هن کان اڳي ايشور بردباري ڪندي ماڻهن جي پاپن کي درگذر ٿي ڪيو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 عيسيٰ مسيح جي قربانيءَ جي ڪري خدا کيس اھڙو ڪفارو بڻايو، جو جيڪو بہ مٿس ايمان آڻيندو تہ ان جا گناھہ معاف ٿيندا. ان مان اھو ظاھر ٿو ٿئي تہ خدا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڪيئن سچار ڪري ٿو. ھن کان اڳي خدا صبر ڪيو ۽ ماڻھن جي ڏوھن کي درگذر ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 3:25
51 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجي سچائي ابدي سچائي آهي، تنهنجي شريعت بلڪل سچي آهي.


هائو، جيڪي پوءِ پيدا ٿيندا، تن کي اهي خداوند جا ڪم ظاهر ڪري چوندا تہ ”خداوند ئي پنهنجي قوم کي ڇڏايو هو.“


مون تنهنجي سچائيءَ وارن ڪمن کي پنهنجيءَ دل ۾ لڪائي نہ رکيو آهي، بلڪ تنهنجي وفا ۽ بچائڻ وارن ڪمن کي ظاهر ڪيو اٿم. مون هيڪل جي وڏي گڏجاڻيءَ کان تنهنجي دائمي شفقت ۽ وفا ڳجھي ڪين رکي آهي.


آسمان خدا جي سچائيءَ کي بيان ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ خدا پاڻ ئي انصاف ڪندڙ آهي.


آسمان انهيءَ جي سچائي ظاهر ڪن ٿا، ۽ سڀيئي قومون انهيءَ جو جلال ڏسن ٿيون.


خداوند دنيا جي سڀني قومن تي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي تہ هو انصاف ڪرڻ ۽ ڇڏائڻ جي قدرت رکي ٿو.


هو پنهنجي ڏکن واري زندگيءَ کان پوءِ وري خوشيون ڏسندو. هن کي مون بابت وڏو عرفان حاصل هوندو، سو منهنجو اهو سچار ٻانهو گھڻن ئي کي سچار قرار ڏيندو، ۽ انهن جون خطائون پنهنجي سر تي کڻندو. هائو، هن جي خاطر آءٌ گھڻن ئي کي معاف ڪري ڇڏيندس.


پر جنهن ٻڪر لاءِ ڇڏي ڏيڻ جو پُکو نڪري، تنهن کي ڪفاري جي لاءِ جيئرو ئي مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ پوءِ انهيءَ کي ڇڏي ڏيڻ جي لاءِ بيابان ۾ هڪليو وڃي.


ان بعد هو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ واري انهيءَ ٻڪر کي ذبح ڪري، جيڪو قوم جي واسطي آهي. انهيءَ جو رت کڻي پردي جي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ اچي ۽ وهڙي جي رت وانگر انهيءَ جو رت بہ رحمت جي پوش جي اڳئين حصي تي ۽ صندوق جي اڳيان ڇٽڪاري.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ مون تي ايمان آڻي ٿو تنهن جي ئي زندگي دائمي آهي.


گذريل زمانن ۾ هن هر قوم کي پنهنجي پنهنجي رستي تي هلڻ لاءِ ڇڏي ڏنو هو.


هي آءٌ خداوند چوان ٿو، جيڪو قديم زماني کان اهو سڀ ڪري ڏيکاريندو آيو آهيان.‘“


خدا جهالت وارن زمانن کي نظرانداز ڪندي هاڻي سڀني ماڻهن کي هر هنڌ اهو حڪم ٿو ڏئي تہ هو توبهہ ڪن،


خدا جي اڳي ئي رٿيل منصوبي ۽ ڄاڻ موجب عيسيٰ کي اوهان جي حوالي ڪيو ويو. تڏهن اوهان هن کي غير يهودين جي هٿان صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻائي مارايو.


ائين خدا جيڪو اڳي سڀني نبين جي معرفت چيو هو تہ سندس مسيح اهي تڪليفون سهندو، سو هن انهيءَ طرح پورو ڪيو.


اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي تنهنجي هٿان ۽ تنهنجي مرضيءَ موجب اڳي ئي مقرر ٿيل هو سو پورو ٿئي.


ائين ٿو لڳي جو تون خدا جي ڀلائيءَ، بردباريءَ ۽ صبر واري دولت کي خسيس ٿو سمجھين. ڇا تون ايترو نہ ٿو سمجھين تہ خدا جي ڀلائي تو کي توبهہ ڏانهن ٿي ڇڪي؟


پر هاڻي هو ائين نہ ٿو ڪري. انهيءَ جي بدران پنهنجي سچائي ڏيکاريندي خدا اهو ظاهر ٿو ڪري تہ هو سچو آهي ۽ هر انهيءَ ماڻهوءَ کي پڻ پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو، جيڪو عيسيٰ تي ايمان آڻي ٿو.


جيئن تہ اسين ايمان رکڻ جي ڪري خدا ڏانهن سچار بڻايا ويا آهيون، تنهنڪري اسان جو پنهنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا سان ميل ميلاپ ٿي ويو آهي.


نہ رڳو ايترو پر پنهنجي خداوند عيسيٰ مسيح، جنهن جي وسيلي اسان جو خدا سان ميل ميلاپ ٿيو آهي، تنهن جي معرفت اسين خدا تي فخر بہ ڪريون ٿا.


جهڙيءَ طرح هڪڙي ماڻهوءَ جي نافرمانيءَ جي ڪري سڀني ماڻهن لاءِ گنهگار هئڻ جي فتويٰ جاري ٿي، تهڙيءَ طرح هڪڙي جي سچائيءَ واري ڪم جي وسيلي سڀني ماڻهن کي خدا ڏانهن سچار بڻجي زندگي حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو آهي.


هاڻ جڏهن هن جي قربانيءَ جي وسيلي اسين خدا ڏانهن سچار بڻايا وياسين، تڏهن اها ڳالهہ ڪيڏي نہ يقيني آهي جو اسين مسيح جي وسيلي خدا جي غضب کان بچي وينداسين.


پنهنجي پاڻ مان خمير ڪڍي ڇڏيو تہ جيئن اوهين نج ڳوهيل اٽو بڻجي پئو. حقيقت ۾ اوهين خمير کان پاڪ بہ آهيو، ڇاڪاڻ تہ اسان جو عيد فصح وارو گھيٽڙو يعني مسيح اسان جي لاءِ قربان ٿي ويو آهي.


مسيح جيڪو گناهہ کان پاڪ هو، تنهن کي خدا اسان جي واسطي گناهہ جي قرباني مقرر ڪيو، تہ جيئن مسيح ۾ هئڻ ڪري اسان مان خدا جي سچائي ظاهر ٿئي.


انهيءَ فرزند ۾ ئي سندس رت جي وسيلي اسين ڇڏايا وڃون ٿا، يعني اسان جا گناهہ معاف ڪيا وڃن ٿا. اهو خدا جي انهيءَ فضل جي دولت موجب آهي،


پر هاڻي عيسيٰ مسيح ۾ شامل ٿيڻ ڪري اوهين جيڪي پهريائين گھڻو پري هئا، سي سندس رت جي وسيلي خدا جي ويجھو ٿي پيا آهيو.


اها ڳالهہ ڀروسي جوڳي ۽ پوريءَ طرح قبول ڪرڻ جي لائق آهي تہ عيسيٰ مسيح گنهگارن کي ڇوٽڪاري ڏيڻ لاءِ دنيا ۾ آيو، جن ۾ سڀني کان وڏو گنهگار آءٌ آهيان.


مطلب تہ ائين ٿي نہ ٿو سگھي جو ڏاندن ۽ ٻڪرن جو رت گناهن کي مِٽائي ڇڏي.


جيڪي ماڻهو اهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن، سي ظاهر ڪندا آهن تہ ”اسان جو وطن ڪو ٻيو آهي، جنهن جا اسين طلبگار آهيون.“


ايمان جي ڪري ئي ابراهيم پنهنجي آزمائش وقت اسحاق کي نذراني طور قربان ڪيو. جيتوڻيڪ ابراهيم خدا جا واعدا قبول ڪيا هئا ۽ خدا کيس فرمايو هو تہ ”اسحاق مان ئي تنهنجو نسل جاري ٿيندو،“ تنهن هوندي بہ هو پنهنجي سڪيلڌي پٽ کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو.


ايمان جي ڪري ئي نوح اهي ڳالهيون مڃيون جيڪي اڃا ڏسڻ ۾ نہ آيون هيون، جن بابت خدا کيس خبردار ڪيو هو. هن خدا جو خوف رکي پنهنجي خاندان کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ هڪڙو ٻيڙو ٺاهيو. اهڙيءَ طرح نوح دنيا کي ڏوهي قرار ڏنو ۽ انهيءَ سچائيءَ جو وارث ٿيو، جيڪا ايمان جي ڪري حاصل ٿئي ٿي.


تهڙيءَ طرح مسيح بہ هڪڙي ئي ڀيري گھڻن ماڻهن جي گناهن کي کڻي وڃڻ لاءِ قربان ٿيو. پر جڏهن هو ٻيهر ظاهر ٿيندو تہ گناهن لاءِ قربان ٿيڻ واسطي نہ، پر انهن کي ڇوٽڪارو ڏيڻ واسطي ظاهر ٿيندو جيڪي سندس واٽ پيا نهارين.


صندوق جي مٿان پردار آسماني مخلوق جهڙا ٻہ مجسما ٺهيل هئا، جيڪي خدا جي موجودگيءَ جي نشاني هئا ۽ اهي ڪفاري واري جاءِ تي ڇانوَ ڪيو بيٺا هئا. پر هن وقت انهن ڳالهين کي تفصيل سان بيان ڪرڻ جو موقعو ناهي.


هاڻ جيڪڏهن اسين چئون تہ اسان گناهہ ڪونہ ڪيو آهي، تڏهن اسين ڄڻ خدا کي ڪوڙو ٿا ڪريون ۽ اسان ۾ سندس پيغام موجود نہ آهي.


اهو ئي اسان جي گناهن جو ڪفارو ڏيڻ واري قرباني آهي، نہ رڳو اسان جي، بلڪ سڄي جهان جي گناهن جو ڪفارو پڻ.


پيار اهو نہ آهي تہ اسين خدا سان پيار ڪريون ٿا، پر هي آهي تہ خدا اسان سان پيار ڪندي پنهنجي فرزند کي اسان جي گناهن جو ڪفارو ڏيڻ واري قربانيءَ طور موڪليو.


۽ عيسيٰ مسيح وٽان بہ، جيڪو سچو شاهد، مئلن مان جيئرو ٿي اٿڻ وارن ۾ پهريتو ۽ ڌرتيءَ جي بادشاهن تي حڪم هلائيندڙ آهي. عيسيٰ مسيح، جيڪو اسان سان پيار ٿو ڪري، جنهن پنهنجو رت وهائي اسان کي گناهن کان ڇوٽڪارو ڏنو آهي


ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪو انهيءَ حيوان کي سجدو ڪندا، سواءِ انهن جي جن جا نالا دنيا جي شروعات کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، جيڪو ڪُٺل گھيٽڙي جو آهي.


جنهن جو بہ نالو زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ ڏٺو ويو، تنهن کي انهيءَ باهہ جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويو.


گھيٽڙي جي پيرن تي ڪرندي ئي اهي هڪڙو نئون گيت ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اهو ويڙهوٽو وٺڻ ۽ انهيءَ جي مُهرن کي ٽوڙڻ جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ تو پنهنجي رت سان سڀ ڪنهن قوم، قبيلي، ٻوليءَ ۽ ذات منجھان ماڻهن کي خدا جي لاءِ خريد ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ