رومين 3:11 - Muslim Sindhi Bible11 ڪوبہ سمجھو نہ آهي، ڪوبہ خدا جو طالبو نہ آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible11 سمجهدار ڪوبہ ڪونهي، ڪوبہ اهڙو ناهي، جو خدا جو طالب هجي؛ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible11 ڪوبہ سمجھو نہ آهي، ڪوبہ ايشور جو ڳولائو نہ آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament11 ڪوبہ سمجھو نہ آھي، ڪوبہ خدا جو طالبو نہ آھي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي قوم جي ماڻهن جون دعائون قبول ڪرڻ لاءِ تيار هئس، پر هنن دعا ئي نہ گھري. آءٌ تيار هئس تہ هو منهنجي مرضي معلوم ڪن، پر هنن تہ اهڙي ڪوشش ئي نہ ڪئي. اها ئي قوم هئي، جنهن منهنجي عبادت کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جيتوڻيڪ مون کين چيو هو تہ ’اِجھو، آءٌ اوهان جي ويجھو آهيان، آءٌ اوهان جي مدد ڪندس.‘
۽ منهنجي قوم مون بابت ڄاڻ نہ رکڻ ڪري تباهہ وَ برباد ٿي ويندي. جيئن تہ اوهان ڪاهنن مون بابت ڄاڻ ڏيڻ کي ڄاڻيواڻي وساري ڇڏيو آهي، تنهنڪري آءٌ بہ اوهان کي وساري ڇڏيندس، هاڻي اوهين منهنجا ڪاهن نہ رهندا. هائو، جيئن تہ اوهان مون پنهنجي خدا جي شريعت کي وساري ڇڏيو آهي، سو آءٌ بہ اوهان جي اولاد کي بلڪل ئي وساري ڇڏيندس.