Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 2:26 - Muslim Sindhi Bible

26 جيڪڏهن ڪنهن غير قوم واري جو طهر ٿيل نہ آهي، پر هو شريعت جي حڪمن تي عمل ڪري ٿو، تہ ڇا خدا کيس طهريلن جهڙو ڪري نہ ڀائيندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 تنهنڪري جنهن شخص جو ختنو ٿيل نہ آهي، سو جيڪڏهن شريعت جي حڪمن تي عمل ڪندو، تہ سندس نامختوني بہ ختني جهڙي ڪري نہ ليکبي ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

26 جيڪڏهن ڪنهن غير قوم واري جو ختنو ٿيل نہ آهي، پر هو نيم جي حڪمن تي عمل ڪري ٿو، تہ ڇا ايشور کيس ختني ڪيلن جهڙو ڪري نہ ڀائيندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 جيڪڏھن ڪنھن غير قوم واري جو طھر ٿيل نہ آھي، پر ھو شريعت جي حڪمن تي عمل ڪري ٿو، تہ ڇا خدا کيس طھريلن جھڙو ڪري نہ ڀائيندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 2:26
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”اي مائي! تون تہ وڏو ايمان رکين ٿي. تون جيڪو گھرين ٿي سو ئي تو لاءِ ٿئي.“ انهيءَ وقت ئي سندس ڌيءَ چڱي ڀلي ٿي پيئي.


طهر ڪرائڻ مان تہ بيشڪ فائدو آهي، پر تڏهن جڏهن اوهين شريعت تي عمل ڪريو. جيڪڏهن اوهين انهيءَ شريعت جي ئي ڀڃڪڙي ٿا ڪريو تہ پوءِ اوهان جو طهر جهڙو ٿيو تهڙو نہ ٿيو.


جيتوڻيڪ اوهان يهودين جو طهر ٿيل آهي ۽ اوهان وٽ شريعت بہ موجود آهي، تڏهن بہ اوهين انهيءَ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ٿا ڪريو. تہ پوءِ غير قوم وارا جن جو طهر ٿيل نہ آهي، پر شريعت جهڙا عمل ڪن ٿا، تن جي ڪري اوهان کي گنهگار قرار نہ ڏنو ويندو ڇا؟


جيئن تہ خدا هڪڙو ئي آهي، سو هو طهريلن توڙي اڻ‌طهريلن کي هڪڙي ئي رستي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو، يعني ايمان آڻڻ سان.


اهو خدا انهيءَ لاءِ ڪيو تہ اسان ۾ شريعت جي سچائي پوري ٿي وڃي، جيڪي انساني فطرت موجب نہ پر پاڪ روح موجب زندگي گذاريون ٿا.


انهيءَ ڪري طهر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪجھہ بہ نہ آهي، پر اهم ڳالهہ نئين سر پيدا ٿيڻ آهي.


تنهنڪري اوهين جيڪي پيدائشي طور غير قوم آهيو، جنهن سبب جسماني طور هٿ سان ڪرايل طهر وارا فخر وچان پاڻ کي طهريل سڏائيندي اوهان کي اڻ‌طهريل سڏيندا آهن، سي ياد رکو تہ


ياد رکو تہ حقيقي طهر ڪرايل اسين آهيون، جيڪي خدا جي پاڪ روح جي مرضيءَ سان زندگي گذاريون ٿا، عيسيٰ مسيح تي فخر ڪريون ٿا ۽ جسماني ڳالهين تي ويساهہ نہ ٿا رکون.


مسيح ۾ اوهان جو اهڙو طهر ٿيو آهي جيڪو ماڻهن جي هٿن سان نہ، پر مسيح جي وسيلي ٿيو آهي، جنهن ۾ جسماني فطرت کي لاٿو وڃي ٿو.


اهي سڀ طهريل هئا پر جيڪي ماڻهو مصر مان نڪرڻ کان پوءِ واٽ تي بيابان ۾ ڄاوا هئا، تن جو طهر نہ ٿيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ