Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 2:24 - Muslim Sindhi Bible

24 اهو ئي سبب آهي جو پاڪ ڪلام ۾ چيو ويو آهي تہ ”اوهان يهودين جي ڪري ئي غير قومون خدا جي نالي خلاف ڪفر بڪين ٿيون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 جيئن لکيل بہ آهي، تہ ”اوهان جي ئي ڪري غير قومن وارا خدا جي نالي ڪفر ٿا بڪن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 اهو ئي سبب آهي جو پوِتر شاستر ۾ چيو ويو آهي تہ ”اوهان يهودين جي ڪري ئي غير قومون ايشور جي نالي خلاف نندا ڪن ٿيون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 ڇا ھي لکيل نہ آھي تہ ”اوھان يھودين جي ڪري ئي غير قومون خدا جي نالي خلاف ڪفر بڪين ٿيون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 2:24
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن هوندي بہ جيئن تہ اهو ڪم ڪري تو خداوند جي نالي کي خسيس سمجھيو آهي. سو جيڪو ٻار تو کي ڄائو آهي سو ضرور مرندو.“


هاڻي اها ساڳي ڳالهہ بابل ۾ ٿي رهي آهي، جو اوهان کي قيد ڪيو پيو وڃي. اوهان جي مٿان حڪمراني ڪندڙ هر روز گھڙيءَ گھڙيءَ ٻٽاڪ ۽ لٻاڙ هڻندي منهنجي نالي تي ڪفر ٿا بڪن.


تنهنڪري اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! هاڻي بني اسرائيل وارن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌائي ڇڏ تہ انهن جي ابن ڏاڏن مون سان وري ٻيهر بہ بي‌وفائي ڪري منهنجي بي‌ادبي ڪئي.


حيف آهي هن دنيا تي، جنهن جون شيون ماڻهن کي گمراهہ ٿيون ڪن. ماڻهو گمراهہ تہ ضرور ٿيندو پر مصيبت آهي اُن ماڻهوءَ لاءِ جنهن جي وسيلي اهو گمراهہ ٿئي ٿو.


تنهنڪري آءٌ چاهيان ٿو تہ جوان رنون‌زالون شادي ڪن، ٻار ڄڻين ۽ پنهنجا گھر سنڀالين. اهڙيءَ طرح اهي ڪنهن مخالف کي اسان تي ملامت ڪرڻ جو وجھہ نہ ڏين.


جيڪي ايمان وارا غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ آهن، سي پنهنجن مالڪن کي پوريءَ عزت جي لائق سمجھن، انهيءَ لاءِ تہ خدا جي نالي جي ۽ اسان جي تعليم جي بدنامي نہ ٿئي.


سمجھُو ۽ پاڪدامن هجن، گھر سنڀاليندڙ، مهربان ۽ پنهنجن مڙسن جون تابعدار هجن، تہ جيئن خدا جي پيغام جي بدنامي نہ ٿئي.


اهڙي صحيح تعليم ڏي جيڪا ملامت جوڳي نہ هجي، انهيءَ لاءِ تہ مخالف ماڻهو اسان تي تهمت هڻڻ جو ڪوبہ سبب نہ ڏسي شرمندا ٿين.


ڪيترائي ماڻهو انهن جي شهوت‌پرستيءَ جي پٺيان لڳندا، جن جي ڪري حق جي راهہ جي بدنامي ٿيندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ