Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 2:17 - Muslim Sindhi Bible

17 هاڻ اوهين جيڪي پاڻ کي يهودي ٿا سڏايو، تن بابت آءٌ ڇا چوان؟ اوهين شريعت تي ڀاڙي ٿا ويهو ۽ خدا سان پنهنجي تعلق تي فخر ٿا ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 پر جيڪڏهن تون پاڻ کي يهودي ٿو ڪوٺائين، ۽ شريعت تي اعتقاد ٿو رکين، ۽ خدا تي فخر ٿو ڪرين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 هاڻ اوهين جيڪي پاڻ کي يهودي ٿا سڏايو، تن بابت آءٌ ڇا چوان؟ اوهين ايشور جي نيم تي ڀاڙي ٿا ويهو ۽ ايشور سان پنهنجي واسطي تي فخر ٿا ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 تون ڪير آھين جو پاڻ کي يھودي ٿو سڏائين؟ تون شريعت تي ڀروسو ٿو رکين ۽ خدا تي فخر ٿو ڪرين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 2:17
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيشڪ خداوند بني يعقوب کي پنهنجي واسطي، هائو، بني اسرائيل کي پنهنجي خاص ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊي ورتو آهي.


بني اسرائيل جي سڄي نسل کي آءٌ فتح ۽ ڪاميابي بخشيندس. اهي مون خداوند تي ئي فخر ڪندا.“


اوهان جا عملدار رشوت وٺي ناانصافيءَ وارو فيصلو ٿا ڪن. اوهان جا ڪاهن پئسن جي لالچ ۾ شريعت جي تعليم ٿا ڏين، ۽ اوهان جا نبي سڏائيندڙ دولت وٺي اڳڪٿيون ٿا ڪن. انهيءَ هوندي بہ اوهين دعويٰ ٿا ڪريو تہ ”خداوند اسان سان گڏ آهي، سو اسان تي ڪا آفت ڪا نہ ايندي.“


اي يروشلم وارؤ! انهيءَ ڏينهن اوهين ڪنهن بہ اهڙي ڪم جي ڪري، جنهن جي ڪرڻ سان اوهان منهنجا گنهگار بڻيا هوندا وري خوار خراب نہ ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي شهر منجھان انهن سڀني کي تڙي ڪڍندس، جيڪي مغروريءَ وچان فخر ڪن ٿا. منهنجي پاڪ جبل صيئون تي وري ڪڏهن بہ مغروري ڏسڻ ۾ نہ ايندي.


ائين نہ سمجھو تہ اوهين ابراهيم جو اولاد هئڻ ڪري بچي ويندا. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ خدا هنن پٿرن مان بہ ابراهيم لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو.


تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”برابر، تو صحيح جواب ڏنو آهي. هاڻي وڃي ائين ئي ڪر تہ دائمي زندگي ملندءِ.“


اوهين پاڪ ڪلام انهيءَ لاءِ ڌيان سان ٿا پڙهو، جو اوهان جو خيال آهي تہ انهيءَ ۾ اوهان کي دائمي زندگي ملندي، جڏهن تہ اهو پاڪ ڪلام بہ منهنجي شاهدي ڏئي ٿو.


اوهين ائين نہ سمجھو تہ آءٌ پيءُ وٽ اوهان جي شڪايت ڪندس. اوهان جي شڪايت ڪرڻ وارو موسيٰ ئي آهي جنهن تي اوهان جو آسرو آهي.


ڇا موسيٰ اوهان کي شريعت نہ ڏني هئي؟ تڏهن بہ اوهان مان ڪو انهيءَ شريعت تي عمل نہ ٿو ڪري. اوهين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟“


تنهن تي انهن وراڻيو تہ ”اسين ابراهيم جو اولاد آهيون ۽ ڪڏهن بہ ڪنهن جا غلام نہ ٿيا آهيون، تہ پوءِ تنهنجي انهيءَ چوڻ جو مقصد ڇا آهي تہ ’اوهين آزاد ٿيندا‘؟“


اوهين اهي ڪم ڪريو ٿا جيڪي اوهان جي پيءُ ڪيا آهن.“ تڏهن انهن وراڻيو تہ ”اسين ناجائز اولاد آهيون ڇا؟ اسان جو پيءُ تہ هڪڙو ئي آهي، يعني خدا.“


اوهين شريعت تي فخر تہ ڪريو ٿا، پر پاڻ شريعت جا حڪم ڀڃي خدا جي بي‌حرمتي ڇو ٿا ڪريو؟


هاڻي ڪيڏانهن ويو اوهان جو فخر؟ انهيءَ جي تہ ڪا گنجائش ئي ناهي رهي. ڪهڙي شريعت جي ڪري؟ ڇا عمل واري شريعت جي ڪري؟ نہ، رڳو ايمان واري شريعت جي ڪري.


ان جو سبب ڪهڙو هو؟ اهو هو تہ هنن ايمان رکڻ جي وسيلي نہ، پر شريعت تي عمل جي وسيلي خدا وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ڪئي. ائين هنن انهيءَ ٿاٻڙائڻ واري پٿر تان ٿاٻو کاڌو.


ڇا هو ئي عبراني آهن؟ آءٌ بہ آهيان. ڇا هو ئي بني اسرائيل آهن؟ آءٌ بہ آهيان. ڇا هو ئي ابراهيم جي نسل مان آهن؟ آءٌ بہ آهيان.


بيشڪ آءٌ توڙي پطرس ڄائي ڄم کان يهودي آهيون ۽ غير يهودي جن کي گنهگار ليکيو وڃي ٿو، تن مان نہ آهيون.


تنهنڪري اوهين جيڪي پيدائشي طور غير قوم آهيو، جنهن سبب جسماني طور هٿ سان ڪرايل طهر وارا فخر وچان پاڻ کي طهريل سڏائيندي اوهان کي اڻ‌طهريل سڏيندا آهن، سي ياد رکو تہ


”مون کي اوهان جي ستائجڻ ۽ غريبيءَ جي ڄاڻ آهي، پر حقيقت ۾ اوهين دولتمند آهيو. جيڪي اوهان تي ڦٽ لعنت پيا ڪن تن کي بہ آءٌ ڄاڻان ٿو. اهي پاڻ کي يهودي تہ سڏائين ٿا پر آهن ڪين، اهي شيطان جو ٽولو آهن.


هن مون کي سرديس واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جنهن وٽ خدا جا ست روح ۽ ست تارا آهن، سو تنهنجي ڪليسيا وارن کي فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اوهان جي عملن کي ڄاڻان ٿو. ماڻهو اوهان کي روح جي لحاظ کان جيئرو سمجھن ٿا، پر اوهين تہ مئل آهيو.


ڏسو، ڪي ڪوڙا پاڻ کي يهودي ٿا سڏائين، پر حقيقت ۾ آهن ڪونہ، بلڪ اهي شيطان جو ٽولو آهن. انهن کي آءٌ اوهان جي حوالي ڪري ڇڏيندس. هو اچي اوهان جي پيرن تي ڪرندا ۽ اهو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ