رومين 2:10 - Muslim Sindhi Bible10 پر جيڪي نيڪ ڪم ڪن ٿا تن سڀني کي خدا عزت، عظمت ۽ سلامتي بخشيندو، نہ رڳو يهودين کي جيڪي پهريائين چونڊيا ويا، بلڪ غير قومن کي بہ، အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible10 پر وڏائي ۽ عزت ۽ سلامتي سڀ ڪنهن چڱي ڪم ڪندڙ کي ملندي، پهرين يهوديءَ کي، ۽ پوءِ يونانيءَ کي؛ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible10 پر جيڪي نيڪ ڪم ڪن ٿا تن سڀني کي ايشور مان، مهانتا ۽ شانتي بخشيندو، نہ رڳو يهودين کي جيڪي پهريائين چونڊيا ويا، بلڪ غير قومن کي بہ، အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament10 پر جيڪي چڱا ڪم ڪن ٿا تن کي خدا شان، عزت ۽ سلامتي ڏيندو، پھريائين يھودين کي پوءِ غير قومن کي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تنهنڪري آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ مون برابر واعدو ڪيو هو تہ تنهنجو گھراڻو ۽ تنهنجي پيءُ جو گھراڻو منهنجي حضور ۾ ڪاهن طور هميشہ خدمت ڪندو رهي. پر هاڻي مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي مون کي تعظيم ٿا ڏين، تن کي آءٌ عزت ڏيندس ۽ جيڪي مون کان منهن موڙين ٿا، سي بيآبرو ڪيا ويندا.