Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 16:4 - Muslim Sindhi Bible

4 بلڪ هنن منهنجي جان بچائڻ واسطي پنهنجي جان بہ خطري ۾ وجھي ڇڏي هئي. انهن جو نہ فقط آءٌ پر غير قومن جون سموريون ڪليسيائون پڻ ٿورائتيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 جي منهنجي حياتيءَ جي لاءِ پنهنجو سر ڏيڻ لاءِ تيار هئا، تن جو نہ فقط آئون شڪرگذار آهيان، پر غير قومن جو سڀ ڪليسيائون بہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 بلڪ هنن منهنجي جان بچائڻ واسطي پنهنجي جان بہ خطري ۾ وجھي ڇڏي هئي. انهن جو نہ فقط آءٌ پر غير قومن جون سموريون وشواسي منڊليون پڻ ٿورائتيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 ۽ جيڪي منھنجي حياتيءَ واسطي پنھنجا سر بہ ڏيڻ لاءِ تيار ھئا، تن جو نہ رڳو آءٌ پر غير قومن جون سڀ ڪليسيائون بہ ٿورائتيون آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 16:4
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو منهنجي اڳيان انهن دشمنن کي پٺ ڏياري ڀڄائي ڪڍيو، تان‌تہ آءٌ انهن کي نابود ڪريان جن مون کي ڌڪاريو ٿي.


اهو ئي سبب آهي جو خداوند پاڻ بہ انهن جي خلاف منصوبا جوڙي فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ اوهان اميرن تي آفت نازل ڪرڻ وارو آهيان، جنهن مان اوهين بچي ڪين سگھندا. هائو، اوهان تي اهڙو تہ برو وقت اچڻ وارو آهي، جو اوهين اڳتي مغروريءَ سان هلي نہ سگھندا.


انهيءَ کان وڌيڪ ڪوبہ پيار ڪونهي جو ماڻهو پنهنجي دوستن لاءِ پنهنجي جان ڏئي.


اهي ٻئي اهڙا ماڻهو آهن جن اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي تي پنهنجي جان جوکي ۾ وڌي آهي.


پولس شام ۽ ڪلڪيا جي صوبن مان ٿيندو اتي جي ڪليسيائن کي ايمان ۾ مضبوط ڪندو اڳتي ويو.


اهڙيءَ طرح اتان جون ڪليسيائون ڏينهون ڏينهن ماڻهن جي تعداد ۾ وڌنديون ۽ ايمان ۾ مضبوط ٿينديون ويون.


انهن ڳالهين کان پوءِ سڄي يهوديہ، گليل ۽ سامريہ علائقن ۾ ڪليسيا کي امن حاصل ٿيو. اها خداوند جو خوف رکندي ترقي ڪندي ويئي ۽ پاڪ روح جي مدد سان وڌندي ويئي.


پرسڪلا ۽ سندس مڙس اڪولا کي منهنجا سلام ڏجو، جيڪي نہ رڳو مون سان گڏجي عيسيٰ مسيح جي خدمت ڪندا رهيا آهن،


جيڪا ڪليسيا سندن گھر ۾ گڏ ٿيندي آهي، تنهن کي بہ سلام ڏجو. منهنجي پياري دوست اپينتس کي سلام چئجو، جيڪو آسيا صوبي ۾ پهريون شخص آهي جنهن مسيح تي ايمان آندو هو.


ڪنهن سچار ماڻهوءَ خاطر بہ مشڪل سان ڪو پنهنجي جان ڏيندو، پر ٿي سگھي ٿو جو ڪو ماڻهو ڪنهن نيڪ ماڻهوءَ لاءِ پنهنجي جان ڏيڻ جي همت ڪري بہ وجھي.


باقي رهي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ چندي جي ڳالهہ، جنهن بابت آءٌ اوهان کي ساڳي هدايت ڪريان ٿو، جيڪا مون گلتيا صوبي جي ڪليسيائن کي ڪئي هئي تہ


آءٌ سڀني ڪليسيائن کي اهو ساڳيو ئي حڪم ٿو ڏيان تہ خدا جنهن کي جهڙيءَ حالت ۾ مسيح ڏانهن سڏيو آهي، اهو انهيءَ حالت ۾ ئي رهي، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن جي حالت خداوند عيسيٰ جي طرفان مقرر ڪيل آهي.


ڇاڪاڻ تہ هو مسيح جي خدمت خاطر پنهنجي جان جوکي ۾ وجھي مرڻ تي هو. هن انهيءَ لاءِ ائين ڪيو تہ جيئن اوهان جي غير حاضريءَ سبب منهنجي خدمت ۾ اوهان جي طرفان جيڪا ڪمي رهجي ويئي هئي، تنهن کي هو پورو ڪري.


انهيءَ ڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين خدا جي انهن ڪليسيائن جهڙا ٿي پيا، جيڪي يهوديہ صوبي ۾ عيسيٰ مسيح ۾ آهن، ڇاڪاڻ تہ اوهان بہ پنهنجي هم‌وطن ماڻهن کان ساڳيون ئي تڪليفون سٺيون، جهڙيون انهن ڪليسيائن پنهنجي هم‌وطن يهودين کان سٺيون هيون.


تڏهن يشوع بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي سڏايو ۽ لشڪر جا سالار جيڪي ساڻس گڏ جنگ تي ويا هئا تن کي چيائين تہ ”ويجھا اچو ۽ پنهنجا پير هنن بادشاهن جي ڳچين تي رکو.“ سو هنن ويجھو اچي پنهنجا پير انهن جي ڳچين تي رکيا.


اسان پيار کي انهيءَ مان ڄاتو آهي تہ مسيح اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏني. سو اسان جو بہ فرض آهي تہ اسين پنهنجن هم‌ايمان ڀائرن ڀينرن لاءِ جان ڏيون.


هي پيغام يوحنا جي طرفان انهن ستن ڪليسيائن ڏانهن آهي جيڪي آسيا صوبي ۾ آهن. شل اوهان تي خدا جو فضل ۽ سلامتي هجي، جيڪو آهي، جيڪو هو ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو. انهيءَ کان علاوہ جيڪي ست روح خدا جي تخت جي اڳيان آهن، تن وٽان بہ اوهان تي فضل ۽ سلامتي هجي


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ