رومين 16:25 - Muslim Sindhi Bible25-26 جيڪو راز گھڻي وقت کان وٺي ڳجھو رکيو ويو هو، سو هاڻي ابدي خدا جي حڪم موجب نبين جي لکتن جي وسيلي سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي ايمان آڻي فرمانبردار ٿين. عيسيٰ مسيح جي جنهن خوشخبريءَ جي آءٌ منادي ٿو ڪريان تنهن ۾ انهيءَ راز جي ظاهر ٿيڻ موجب شل خدا اوهان کي ايمان ۾ مضبوط ڪري. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible25 هاڻي جو راز ازل کان وٺي پوشيدہ رکيو ويو هو، ۽ جو هاڻي ازلي خدا جي حڪم موجب نبين جي لکيتن جي وسيلي، سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آهي، انهي لاءِ تہ هو ايمان جا تابعدار ٿين، အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible25-26 جيڪو ڀيد گھڻي وقت کان وٺي ڳجھو رکيو ويو هو، سو هاڻي هميشہ واري ايشور جي حڪم موجب سنديش ڏيندڙ سنتن جي لکتن جي وسيلي سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي وشواس آڻي فرمانبردار ٿين. يسوع مسيح جي جنهن خوشخبريءَ جو آءٌ پرچار ٿو ڪريان تنهن ۾ انهيءَ ڀيد جي ظاهر ٿيڻ موجب شل ايشور اوهان کي وشواس ۾ مضبوط ڪري. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament25-26 جيڪو راز گھڻي وقت کان وٺي ڳجھو رکيو ويو ھو، سو ھاڻي ابدي خدا جي حڪم موجب نبين جي صحيفن جي وسيلي سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آھي، انھيءَ لاءِ تہ ھو ايمان جا تابعدار ٿين. عيسيٰ مسيح جي جنھن خوشخبريءَ بابت آءٌ منادي ٿو ڪريان تنھن ۾ انھيءَ راز جي ظاھر ٿيڻ موجب شل خدا اوھان کي ايمان ۾ مضبوط ڪري. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪ ڳجھو راز آهي، جيڪو آءٌ سمجھان ٿو تہ اوهان کي ڄاڻڻ گھرجي. شايد اهو اوهان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪي جو اوهين پنهنجو پاڻ کي داناءُ سمجھو. اهو راز هي آهي تہ بني اسرائيل جي ڪن ماڻهن ۾ جيڪا دل جي سختي پيدا ٿي آهي، سا رڳو ايستائين رهندي جيستائين خدا ڏانهن ڦري ايندڙ غير قومن جو تعداد پورو نہ ٿئي.
آءٌ انهيءَ ڪري ويس جو مڪاشفي ۾ مون کي اوڏانهن وڃڻ جو حڪم ٿيو. اتي ڪليسيا جي معتبر سمجھيو ويندڙ ماڻهن جي اڳيان مون نويڪلائيءَ ۾ اها خوشخبري پيش ڪئي، جنهن جي تبليغ آءٌ غير قومن ۾ ڪندو آهيان. اهو مون انهيءَ ڪري ڪيو تہ جيئن سڀني جي اڳيان اهو ظاهر ٿئي تہ اسان رسولن جي خوشخبري هڪجهڙي آهي يا نہ. مون نہ ٿي چاهيو تہ منهنجي اڳوڻي يا هاڻوڪي ڊڪ ڊوڙ اجائي ٿئي.