Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 16:23 - Muslim Sindhi Bible

23-24 گيُس بہ اوهان کي سلام ٿو ڏئي، جيڪو نہ رڳو مون پولس جي بلڪ سڄي ڪليسيا جي پنهنجي گھر ۾ مهمان‌نوازي ڪندو آهي. شهر جو خزانچي اراستس ۽ اسان جو هم‌ايمان ڀاءُ ڪوارتس بہ اوهان کي سلام ڏئي رهيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 منهنجو ۽ ساريءَ ڪليسيا جو مهماندار گيس اوهان کي سلام ٿو ڏئي. ارستس، شهر جو خزانچي ۽ ڪوارتس اسان جو ڀاءُ، اوهان کي سلام ٿا ڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23-24 گيُس بہ اوهان کي نمسڪار ٿو چوي، جيڪو نہ رڳو مون پولس جي بلڪ سڄي وشواسي منڊليءَ جي پنهنجي گھر ۾ مهمان‌نوازي ڪندو آهي. شهر جو خزانچي اراستس ۽ اسان جو وشواسي ڀاءُ ڪوارتس بہ اوهان کي نمسڪار چئي رهيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 منھنجو ۽ ساريءَ ڪليسيا جو مھماندار گيُس بہ اوھان کي سلام ٿو چوي. شھر جو خزانچي اراستس ۽ اسان جو ڀاءُ ڪوارتس بہ اوھان کي سلام چئي رھيا آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 16:23
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هن پنهنجي مددگارن مان ٻن ڄڻن تيمٿيس ۽ اراستس کي اڳواٽ مڪدُنيا صوبي ڏانهن موڪليو ۽ پاڻ ڪجھہ وڌيڪ عرصو آسيا صوبي ۾ رهي پيو.


سڄي شهر ۾ هُل مچي ويو. گيُس ۽ ارسترخس، جيڪي مڪدُنيا جا رهاڪو هئا ۽ پولس سان گڏ سفر ڪري رهيا هئا، تن کي ماڻهن جي هڪ ميڙ گڏجي پڪڙي تماشہ‌گاهہ ۾ آندو.


آسيا صوبي تائين پولس سان گڏ سفر ڪرڻ وارا ساٿي هي هئا: بيريا واري پُرس جو پٽ سوپترس، ٿِسلُنيڪي وارن مان ارسترخس ۽ سڪندُس، دربيءَ وارو گيُس، آسيا صوبي وارن تخڪُس ۽ تروفيمس کان علاوہ تيمٿيس پڻ.


آءٌ خدا جو شڪر ٿو ڪريان تہ مون اوهان مان ڪرسپس ۽ گيُس کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ بپتسما نہ ڏني آهي.


اراستس ڪرنٿس شهر ۾ رهي پيو، جڏهن تہ تروفيمس کي بيمار هئڻ ڪري ميليتس شهر ۾ ڇڏڻو پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ