Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 16:18 - Muslim Sindhi Bible

18 هائو، جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا سي اسان جي خداوند مسيح جي خدمت نہ ٿا ڪن، پر پنهنجي پيٽ جي پوڄا ٿا ڪن ۽ پنهنجي سڻڀي ۽ مٺيءَ زبان سان اٻوجھن جون دليون ٿا ٺڳين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ڇالاءِ جو جيڪي اهڙا آهن سي اسان جي خداوند مسيح جي خدمت نہ پر پنهنجي پيٽ جي ٿا ڪن؛ ۽ پنهنجي سڻڀيءَ ۽ مٺي ٻوليءَ سان ڀورڙن جون دليون ٿا ٺڳين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 هائو، جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا سي اسان جي پرڀو مسيح جي سيوا نہ ٿا ڪن، پر پنهنجي پيٽ جي پوجا ٿا ڪن ۽ پنهنجي سڻڀي ۽ مٺيءَ زبان سان اٻوجھن جون دليون ٿا ٺڳين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 ڇالاءِ⁠جو جيڪي اھڙا ڪم ڪن ٿا سي خداوند جي خدمت نہ ٿا ڪن، پر پنھنجي پيٽ جي پوڄا ٿا ڪن ۽ پنھنجي سڻڀي ۽ مٺيءَ زبان سان اٻوجھن جون دليون ٿا ٺڳين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 16:18
54 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهڙيءَ طرح بني اسرائيل جا جيڪي بہ ماڻهو بادشاهہ وٽ عدالت جي لاءِ ايندا هئا، تن سان ابي‌سلوم ائين ئي هلندو هو. اهڙيءَ طرح ابي‌سلوم بني اسرائيل جي ماڻهن جون دليون موهي ورتيون.


تڏهن اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب چار سؤ نبي سڏائيندڙن کي گڏ ڪيو ۽ کانئن پڇيائين تہ ”اسين جنگ ڪرڻ لاءِ رامات شهر ڏانهن وڃون يا نہ؟“ هنن وراڻيس تہ ”اوهين ڀلي چڙهائي ڪري وڃو، ڇاڪاڻ تہ خدا بادشاهہ سلامت کي انهيءَ تي فتح بخشيندو.“


تنهنجي ڳالهين جي تشريح روشني عطا ڪري ٿي، اها اٻوجھن کي بہ سمجھہ عطا ڪري ٿي.


هر ڪو ٻئي سان ڪوڙيون ڳالهيون پيو ڪري. اهي منهن جا مٺڙا ٿي پر دل ۾ دغا رکي ڳالهائين ٿا.


خداوند جي شريعت ڪامل آهي، جيڪا جان کي تازگي ڏئي ٿي. هن جا حڪم ڀروسي جهڙا آهن، جيڪي نادانن کي بہ دانائي ٿا بخشن.


نادان ماڻهو سڀ ڪنهن ڳالهہ تي ويساہ ٿو ڪري، مگر سياڻو ماڻهو سوچي سمجھي قدم ٿو کڻي.


سياڻو ماڻهو مصيبت کي ايندو ڏسي پاسو ڪريو وڃي، مگر بي‌سمجھہ ماڻهو سڌو اوڏانهن وڌيو وڃي، ۽ پوءِ مصيبت ۾ ڦاسيو پوي.


اي نادانؤ! اوهين دانائي سکو. اي بي‌وقوفؤ! اوهين عقلمند ٿيو.


جيڪي مون خداوند جي فرمان جي توهين ٿا ڪن، تن کي هو چوندا ٿا وتن تہ ’خداوند فرمايو آهي تہ اوهان وٽ خير وَ سلامتي هوندي،‘ هائو، جيڪي پنهنجي هوڏ تي هلندڙ آهن، تن کي هو چون ٿا تہ ’اوهان تي ڪابہ آفت ڪانہ ايندي.‘“


هائو، بني اسرائيل جا اهي سڀ نبي سڏائيندڙ جيڪي يروشلم جي باري ۾ اڳڪٿيون ڪندا هئا ۽ ان جي خير وَ سلامتيءَ جون ڪوڙيون رويائون ٻڌائيندا هئا، جيتوڻيڪ سلامتي تہ هئي ئي ڪونہ.‘ اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


اوهان جَوَن جي چند مُٺين ۽ مانيءَ جي چند ٽُڪرن حاصل ڪرڻ خاطر منهنجي قوم آڏو منهنجي بي‌حرمتي ڪئي آهي. اوهان انهن جانين کي مارڻ جون اڳڪٿيون ٿيون ڪريو جيڪي مرڻ جي لائق نہ آهن ۽ انهن جانين کي بچائڻ جون اڳڪٿيون ٿيون ڪريو جيڪي بچائڻ جي لائق نہ آهن. سو اوهين منهنجي قوم کي ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌايو ٿيون ۽ اهي اوهان جي ڳالهين تي يقين ٿا ڪن.


انهن ثابت قدم رهڻ وارن کي سندن مصيبت واري وقت ۾ ٿورا گھڻا ماڻهو اچي ٽيڪو ڏيندا، پر انهن ۾ گھڻا ئي مطلبي ماڻهو هوندا.


نبي سڏائيندڙن کي خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم کي گمراهہ ڪرڻ وارؤ! جيڪي اوهان کي کارائين پيئارين ٿا، تن سان منهنجي طرفان امن وَ سلامتيءَ جو واعدو ٿا ڪريو. پر جيڪي اوهان جو وات نہ ٿا ڀرين، تن کي اوهين منهنجو نالو وٺي آفتن اچڻ جا دڙڪا ٿا ڏيو.


جيڪر اوهان منجھہ ڪو اهڙو هجي جيڪو منهنجي عبادت‌گاهہ جا دروازا بند ڪري ڇڏي، تہ جيئن اوهين منهنجي قربان‌گاهہ تي اهڙي اجائي نموني قربانيون نہ ساڙي سگھو. آءٌ اوهان مان راضي نہ آهيان، نہ ئي آءٌ اوهان جي هٿان نذرانا قبول ڪندس.


گھڻا ئي نبي سڏائيندڙ ظاهر ٿيندا ۽ گھڻن ماڻهن کي گمراهہ ڪندا.


ڇاڪاڻ تہ اهڙا ڪوڙا ماڻهو ظاهر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا نبي سڏائيندا. اهي وڏيون نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جهڙا ڪم ڪندا، انهيءَ مقصد لاءِ تہ جيڪڏهن کانئن ٿي سگھي تہ خدا جي چونڊيلن کي بہ گمراهہ ڪري ڇڏين.


”ڪوبہ ماڻهو هڪ ئي وقت ٻن مالڪن جي غلامي ڪري نہ ٿو سگھي. هو هڪڙي سان محبت تہ ٻئي سان نفرت ڪندو، يا هڪڙي سان وفادار رهندو تہ ٻئي کي خسيس ڄاڻيندو. سو اوهين خدا ۽ دولت ٻنهي جي هڪ ئي وقت غلامي ڪري نہ ٿا سگھو.


”انهن نبي سڏائيندڙن کان هوشيار ٿجو، جيڪي حقيقي نبي نہ آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي اوهان وٽ رڍن جي روپ ۾ اچن ٿا پر اندر ۾ اهي وحشي بگھڙ آهن.


جيڪو منهنجي خدمت ڪرڻ چاهي سو منهنجي پيروي ڪري، تہ جيئن جتي آءٌ آهيان اتي منهنجو خدمتگار بہ هجي. منهنجو پيءُ انهيءَ کي عزت بخشيندو جيڪو منهنجي خدمت ڪندو.“


سو جيڪو بہ اهڙي نموني مسيح جي خدمت ٿو ڪري، اهو خدا کي پسند آهي ۽ ماڻهن کي بہ قبول آهي.


جيتوڻيڪ مسيح لاءِ اوهان جي فرمانبرداري سڀني ماڻهن کي معلوم ٿي ويئي آهي، جنهن ڪري آءٌ اوهان مان ڏاڍو خوش آهيان، تنهن هوندي بہ منهنجي اها خواهش آهي تہ اوهين نيڪ ڪمن ۾ سياڻا ۽ خراب ڪمن ۾ اٻوجھہ ٿي رهو.


پر مون کي اهو ڊپ آهي تہ جيئن نانگ پنهنجي مڪاريءَ سان حوا کي برغلايو، تيئن متان ڪنهن نموني اوهان جا خيال بہ انهيءَ سچائيءَ ۽ پاڪيزگيءَ کان بگڙي وڃن جيڪي مسيح جي لائق آهن.


ڪوبہ نہ. تنهن هوندي بہ اسين انهن گھڻن ماڻهن وانگر نہ آهيون، جيڪي پنهنجي فائدي لاءِ مسيح بابت خدا جي پيغام جو غلط استعمال ڪن ٿا. پر اسين خدا کي حاضر ڄاڻيندي خدا جي طرفان ۽ دل جي سچائيءَ سان مسيح ۾ ڳالهايون ٿا.


اسين بي‌شرميءَ وارين لڪل ڳالهين کان بہ پاسو ڪريون ٿا. اسين نڪي ٺڳيءَ سان ٿا هلون ۽ نہ وري مسيح بابت خدا جي پيغام ۾ ڦيرڦار ٿا ڪريون. اٽلندو سچ کي پڌرو ڪري خدا جي آڏو هر هڪ ماڻهوءَ جي دل ۾ پنهنجي نيڪي ٿا ڄمايون.


آءٌ ائين چئي ماڻهن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش نہ ٿو ڪريان، پر خدا کي راضي ڪرڻ چاهيان ٿو. ڇا اوهين سمجھو ٿا تہ آءٌ ماڻهن کي خوش ڪرڻ ٿو گھران؟ جيڪڏهن هن مهل تائين ماڻهن کي خوش ڪندو رهان ها تہ جيڪر مسيح جو ٻانهو نہ هجان ها.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ هر ڪو ماڻهو عيسيٰ مسيح جي ڳالهين کي نہ، بلڪ پنهنجي مطلب جي ڳالهين کي ٿو ڏسي.


اهڙن ماڻهن جي پڇاڙي بربادي آهي، انهن جو خدا سندن پيٽ آهي، اهي پنهنجي شرمناڪ ڳالهين تي فخر ٿا ڪن ۽ کين رڳو دنياوي شين جو فڪر ٿو رهي.


هي آءٌ انهيءَ ڪري ٿو چوان تہ متان ڪو ماڻهو مٺڙيون مٺڙيون ڳالهيون ڪري اوهان کي گمراهہ نہ ڪري وجھي.


اها ڳالهہ ذهن ۾ رکو تہ مالڪن جي اهڙي خدمت جي عيوض ۾ اوهان کي خداوند کان ميراث ملندي. سو ائين اوهين خداوند مسيح جي خدمت ڪندا رهو.


انهن سان هو برباد ٿيڻ وارن کي هر قسم جي بڇڙائيءَ وارو دوکو ڏيندو. اهي ماڻهو انهيءَ ڪري برباد ٿيندا جو سچ جو قدر ئي نہ ڪندا، جنهن جي وسيلي کين ڇوٽڪارو ملي ها.


عقل کان بگڙيل اهڙن ماڻهن جي وچ ۾ سدائين اڻ‌بڻت پيدا ٿيندي ٿي رهي. اهي سچ کان محروم آهن ۽ دينداريءَ کي مالي فائدي حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجھن ٿا.


هي خط خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي ٻانهي مون يعقوب جي طرفان اوهان هنڌ هنڌ پکڙيل ماڻهن ڏانهن آهي، جيڪي خدا جا چونڊيل آهيو. آءٌ اوهان کي سلام ٿو چوان.


اهي لالچ جي ڪري بناوٽي ڳالهيون ٻڌائي اوهان مان ناجائز فائدو حاصل ڪندا. گھڻو وقت اڳي خدا سندن خلاف فتويٰ جاري ڪئي هئي، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ هو تيار رهي ٿو ۽ کين برباد ڪرڻ لاءِ سجاڳ آهي.


هي خط مون يهوداہ جي طرفان آهي، جيڪو عيسيٰ مسيح جو ٻانهو ۽ يعقوب جو ڀاءُ آهيان. هي انهن ڏانهن لکجي ٿو، جيڪي خدا پيءُ جي پيار ۽ عيسيٰ مسيح جي حفاظت ۾ رهڻ لاءِ سڏيا ويا آهن.


هي ماڻهو اوهان جي محبت وارين رفاقتي دعوتن لاءِ نقصانڪار آهن، جيڪي بنا ڪنهن جي پرواهہ ڪرڻ جي رڳو پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ اوهان سان گڏ کائين پيئن ٿا. اِهي بي‌آب ڪڪر آهن، جن کي هوائون کنيو اُڏائينديون وتن. اِهي سرءُ جا سڪل وڻ آهن جيڪي ٻنهي لحاظن کان مئل آهن، يعني بي‌ڦل ۽ پاڙؤن پٽيل آهن.


اهي ماڻهو ڪُرڪندڙ، شڪايت ڪندڙ، پنهنجين برين خواهشن تي هلندڙ ۽ لٻاڙون هڻندي پنهنجي فائدي لاءِ ٻين جي خوشامند ڪندڙ آهن.


هن ڪتاب ۾ انهن ڳالهين جو بيان آهي، جيڪي عيسيٰ مسيح ظاهر ڪيون. اهو مڪاشفو خدا هن کي انهيءَ لاءِ ڏنو تہ هو پنهنجي ٻانهن کي اهي ڳالهيون ڏيکاري جيڪي جلد ٿيڻ واريون آهن. مسيح پنهنجي ملائڪ جي وسيلي پنهنجي ٻانهي يوحنا تي اهي ڳالهيون ظاهر ڪيون.


اي عيلي! تون پنهنجي پٽن کي مون کان وڌيڪ عزت ڇو ٿو ڏئين؟ اوهين منهنجيءَ قوم بني اسرائيل جي سڀني قربانين مان عمدا حصا کائي پاڻ کي ٿلهو متارو ڪريو ٿا. منهنجي انهن قربانين ۽ نذرانن، جن لاءِ مون حڪم ڪيو هو تہ اهي منهنجي گھر ۾ پيش ڪيا وڃن، تن ۾ اوهين ڇو ٿا اکيون وجھو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ