Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 16:13 - Muslim Sindhi Bible

13 روفس، جيڪو مسيح ۾ اسان جو ڀاءُ آهي تنهن کي سلام ڏجو ۽ سندس ماءُ کي بہ منهنجا سلام ڏجو، جنهن مون کي پنهنجو پٽ ڪري ٿي ڀانئيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 روفس، جو خداوند ۾ چونڊيل آهي، ۽ سندس ماءُ، جا منهنجي بہ ماءُ آهي، تن کي سلام ڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 روفس، جيڪو مسيح ۾ اسان جو ڀاءُ آهي تنهن کي نمسڪار چئجو ۽ سندس ماتا کي بہ منهنجا نمسڪار چئجو، جنهن مون کي پنهنجو پٽ ڪري ٿي ڀانئيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 روفس، جيڪو خداوند جو چونڊيل خادم آھي تنھن کي سلام ڏجو ۽ سندس ماءُ کي بہ منھنجا سلام ڏجو، جنھن مون کي پنھنجو پٽ ڪري ڀانئيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 16:13
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اهڙيءَ طرح جيڪي پويان آهن سي اڳيان ٿيندا ۽ جيڪي اڳيان آهن سي پويان ٿيندا.“


رستي تي انهن کي شمعون نالي هڪڙو ماڻهو مليو، جيڪو ٻهراڙيءَ کان شهر ڏانهن اچي رهيو هو. هو ڪريني شهر جو رهاڪو هو ۽ سڪندر ۽ روفس جو پيءُ هو. سپاهي انهيءَ تي زور رکي کيس عيسيٰ جو صليب کڻائي هليا.


ڇاڪاڻ تہ جيڪو بہ خدا جي مرضيءَ موجب هلندو سو منهنجو ڀاءُ، ڀيڻ ۽ ماءُ آهي.“


اوهان مون کي ڪين چونڊيو آهي، بلڪ مون اوهان کي چونڊيو آهي ۽ انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو اٿم تہ وڃي اهڙو ميوو جھليو جيڪو هميشہ هلي. پوءِ اوهين منهنجي نالي تي پيءُ کان جيڪي بہ گھرندا سو هو اوهان کي ڏيندو.


وري انهيءَ شاگرد کي چيائين تہ ”هيءَ تنهنجي ماءُ آهي.“ انهيءَ ئي ڏينهن اهو شاگرد عيسيٰ جي ماءُ کي پنهنجي گھر رهائڻ لاءِ وٺي ويو.


تروفينا ۽ تروفوسا، جيڪي خداوند عيسيٰ جي خدمت ۾ محنت ڪن ٿيون، تن کي منهنجا سلام ڏجو. پياري ڀيڻ پرسس کي بہ منهنجا سلام ڏجو، جنهن خداوند عيسيٰ لاءِ ڏاڍو ڪم ڪيو آهي.


اسنڪرتس، فلگون، هرميس، پترباس، هرماس ۽ انهن سان گڏ جيڪي ٻيا ايمان وارا ڀائر ڀينر آهن، تن کي بہ منهنجا سلام ڏجو.


هن ئي اسان کي دنيا بڻائڻ کان اڳ مسيح ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چونڊي ڇڏيو، تہ جيئن اسين سندس آڏو محبت ۾ پاڪ ۽ بي‌عيب هجون.


پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اي خداوند جا پيارؤ! اسان تي لازم آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ خدا جو شڪر ادا ڪندا رهون، ڇاڪاڻ تہ هن شروع ۾ ئي اوهان کي انهيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو هو تہ اوهين پاڪ روح جي وسيلي پاڪ ٿي ۽ سچ تي ايمان آڻي ڇوٽڪارو حاصل ڪريو.


وڏي عمر وارين عورتن کي ماءُ وانگر ۽ جوان عورتن کي ڀينرن وانگر سمجھي کين پوري پاڪيزگيءَ سان سمجھاءِ.


آءٌ جيڪو بزرگ سڏيو وڃان ٿو، سو هي خط مسيح ۾ چونڊيل تو مانواري عورت ۽ تنهنجي ٻارن ڏانهن لکي رهيو آهيان. اوهان کي آءٌ سچائيءَ سبب پيار ٿو ڪريان، نہ رڳو آءٌ پر اهي سڀيئي پڻ جيڪي سچ کي ڄاڻين ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ