Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 15:31 - Muslim Sindhi Bible

31 تہ خدا مون کي يهوديہ علائقي ۾ غير ايمان وارن کان بچائي ۽ يروشلم شهر وارن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن وٽ منهنجي خدمت قبول پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 تہ يهوديہ ۾ جيڪي نافرمان آهن، تن کان آئون ڇُٽي پوان، ۽ يروشلم ۾ جيڪا خدمت ڪرڻي اٿم، سا شل پاڪ ٿيلن وٽ قبول پوي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

31 تہ ايشور مون کي يهوديہ علائقي ۾ غير وشواسين کان بچائي ۽ يروشلم شهر وارن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن وٽ منهنجي سيوا قبول پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

31 تہ خدا مون کي يھوديہ ۾ انھن ماڻھن کان بچائي، جن عيسيٰ مسيح تي ايمان نہ آندو آھي ۽ يروشلم ۾ ايمان وارن وٽ منھنجي خدمت قبول پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 15:31
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ڪپتان پولس بابت حڪم ڏنو تہ ”هن کي قلعي ۾ وٺي وڃو ۽ چهبڪ هڻي سندس زباني بيان وٺو تہ مون کي خبر پوي تہ اهي ڇو هن جي خلاف ايڏيون رڙيون ڪن ٿا.“


سردار ڪاهنن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن فيستس وٽ وڃي پولس جي خلاف دانهن ڏني ۽ عرض ڪيائونس تہ


پوءِ فيستس چوڻ لڳو تہ ”اي بادشاهہ اگرپا ۽ درٻار ۾ موجود مانوارؤ! هن شخص ڏانهن ڏسو، جنهن بابت يهودين جي سڄي خلق هتي قيصريہ ۾ ۽ يروشلم ۾ مون وٽ فرياد ڪيو ۽ واڪا ڪري چيائون تہ ’هن ماڻهوءَ کي جيئرو نہ ڇڏيو.‘


پر حننياہ چيس تہ ”اي خداوند! ڪيترن ئي ماڻهن مون کي انهيءَ شخص بابت ٻڌايو آهي تہ هن تو تي ايمان رکندڙن سان يروشلم ۾ ڪيڏيون نہ جٺيون ڪيون آهن.


خداوند عيسيٰ هن کي چيو تہ ”وڃ، ڇاڪاڻ تہ مون هن کي پنهنجي خدمت واسطي چونڊيو آهي تہ هو منهنجو نالو غير قومن، بادشاهن ۽ بني اسرائيل اڳيان ظاهر ڪري.


پر هينئر تہ آءٌ يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن منجھہ خدمت ڪرڻ لاءِ اوڏانهن وڃي رهيو آهيان،


اوهين ڄاڻو ٿا تہ استفناس ۽ سندس گھر جا ڀاتي اخيا صوبي ۾ اهي پهريان ماڻهو آهن جن عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو ۽ پاڻ کي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل ماڻهن جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيائون. سو اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ


هن اسان کي هيبتناڪ موت جي منهن مان بچائي ورتو ۽ بچائيندو رهي ٿو. هن ۾ اميد آهي تہ اسان کي اڃا بہ بچائيندو رهندو.


هنن اسان کي ڏاڍي منٿ ڪندي عرض ڪيو تہ ”مهرباني ڪري اسان کي اهو موقعو ڏنو وڃي تہ جيئن اسين يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ خدمت واري ڪم ۾ شريڪ ٿيون.“


يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ امداد ڏيڻ واري خدمت بابت مون کي اوهان ڏانهن لکڻ جي ڪابہ ضرورت نہ آهي،


انهيءَ خدمت مان اهو ثابت ٿيندو تہ ڪيئن نہ اوهين مسيح بابت خوشخبريءَ کي قبول ڪرڻ جو اقرار ڪندي سندس تابعداري ڪريو ٿا. ضرورتمند اوهان جي انهيءَ فرمانبرداريءَ ڪري خدا جي واکاڻ ڪندا ۽ انهيءَ ڪري بہ تہ اوهين نہ رڳو هنن جي بلڪ سڀني ماڻهن جي سخاوت سان مدد ڪريو ٿا.


يهودين خداوند عيسيٰ کي توڙي نبين کي ماري وڌو ۽ اسان کي بہ ستائي تڙي ڪڍيائون. اهي خدا کي نہ ٿا وڻن ۽ سڀني ماڻهن جي برخلاف آهن.


هيءَ بہ دعا گھرو تہ اسين ڏنگن ۽ بڇڙن ماڻهن کان بچيل رهون، ڇاڪاڻ تہ سڀ ڪنهن ۾ ايمان ڪونهي.


انهيءَ کان علاوہ تو انهن آزارن ۽ ڏکن سورن ۾ بہ منهنجي پيروي ڪئي آهي، جيڪي انطاڪيا، اڪونيم ۽ لسترا شهرن ۾ مون کي ڏنا ويا. مون ڪيڏا نہ آزار سٺا، پر خداوند عيسيٰ مون کي انهن سڀني مان ڇڏايو.


پر خداوند عيسيٰ مون سان گڏ هو، جنهن مون کي طاقت بخشي، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي وسيلي خوشخبريءَ جي منادي پوري ٿئي ۽ سڀ غير قومون ان کي ٻڌن. ائين ڄڻ تہ آءٌ شينهن جي وات مان ڇڏايو ويس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ