Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 15:24 - Muslim Sindhi Bible

24 سو جڏهن آءٌ اسپين ملڪ ڏانهن ويندس، تڏهن اميد آهي تہ اوهان وٽان ٿيندو ويندس، تہ جيئن اوهان جي پيار مان منهنجي دل ڪجھہ قدر ڀرجي. پوءِ اوهين مون کي اسپين ڏانهن روانو ڪرڻ ۾ مدد ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 تنهنڪري جڏهن آئون اسپين ڏانهن ويندس، تڏهن اُميد اٿم تہ انهي سفر ۾ اوهان وٽان ٿيندو ويندس. ڇالاءِ تہ جڏهن اوهان جي صحبت مان ڪجهہ قدر منهنجي دل ڀربي، تڏهن اوهين مون کي انهي پاسي روانو ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 سو جڏهن آءٌ اسپين ملڪ ڏانهن ويندس، تڏهن اميد آهي تہ اوهان وٽان ٿيندو ويندس، تہ جيئن اوهان جي پيار مان منهنجي دل ڪجھہ قدر ڀرجي. پوءِ اوهين مون کي اسپين ڏانهن روانو ڪرڻ ۾ مدد ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 سو جڏھن آءٌ اسپين ڏانھن ويندس، تڏھن اميد آھي تہ رستي تي اوھان وٽان ٿيندو ويندس. پوءِ جڏھن اوھان جي محبت مان منھنجي دل ڪجھہ قدر ڀرجي تہ اوھين مون کي اسپين ڏانھن روانو ڪري ڇڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 15:24
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ساڳيءَ طرح پنهنجي دوست جي گھر ۾ گھڻي اچ وڃ نہ ڪريو، جو اهو اوهان مان تنگ ٿي وڃي، ۽ اوهان کان نفرت ڪرڻ لڳي.


تنهن تي انطاڪيا جي ڪليسيا وارن هنن کي روانو ڪيو. هو فينيڪي ۽ سامريہ مان لنگھندي واٽ تي ٻڌائيندا ويا تہ ڪيئن غير قومن عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو آهي. اهو ٻڌي اتان جي ايمان وارن کي ڏاڍي خوشي ٿي.


هنن ڳالهين جي ٿيڻ کان پوءِ پولس ارادو ڪيو تہ هو يونان جي صوبن مڪدُنيا ۽ اخيا مان ٿيندو يروشلم وڃي. هن وڌيڪ هي بہ فيصلو ڪيو تہ ”اتي وڃڻ کان پوءِ مون کي روم بہ ضرور وڃڻ گھرجي.“


پر جڏهن ست ڏينهن پورا ٿيا تہ اسين ساڳئي ئي سفر لاءِ اتان نڪرڻ لڳاسين. تڏهن هو پنهنجن ٻارن ۽ زالن سميت شهر کان ٻاهر تائين اسان کي ڇڏڻ آيا ۽ اسان سان گڏجي سمنڊ جي ڪناري تي گوڏن ڀر ويهي دعا گھريائون.


آءٌ سمجھان ٿو تہ انهيءَ سان اسان ٻنهي جي حوصلہ‌افزائي ٿيندي، اوهان جي ايمان سان منهنجي ۽ منهنجي ايمان سان اوهان جي.


جڏهن آءٌ اهو ضروري ڪم ختم ڪندس يعني انهن لاءِ گڏ ڪيل پوري امداد سندن حوالي ڪندس، تڏهن آءٌ اسپين ڏانهن ويندس ۽ رستي تي اوهان سان بہ ملندو ويندس.


يعني آءٌ اوهان وٽان ٿيندو مڪدُنيا صوبي ڏانهن وڃان ۽ اتان موٽي وري اوهان وٽ اچان. پوءِ اوهين منهنجي مدد ڪري يهوديہ صوبي ڏانهن روانو ڪريو.


هتان جي ڪليسيا جي اڳيان انهن تنهنجي پيار جي شاهدي ڏني آهي. اهو چڱو ٿيندو جيڪڏهن تون ائين سندن مدد ڪري کين سفر لاءِ روانو ڪرين جيئن خدا کي پسند آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ