رومين 15:16 - Muslim Sindhi Bible16 آءٌ عيسيٰ مسيح جو خادم ٿي غير قومن لاءِ ڪم ڪريان. سو آءٌ ڪاهن جي حيثيت وانگر مسيح بابت خدا جي خوشخبريءَ جي منادي ڪريان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ غير قومون پاڪ روح جي مخصوص ۽ پاڪ ڪرڻ سان خدا جي آڏو نذراني جي صورت ۾ قبول پون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible16 تہ آئون غير قومن لاءِ مسيح يسوع جو خادم ٿيان، ۽ ڪاهنت وانگر خدا جي خوشخبريءَ جي خدمت ڪريان، انهي لاءِ تہ غير قومون نذر جي طور پاڪ روح جي وسيلي پاڪ ٿي قبول پون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible16 آءٌ يسوع مسيح جو سيوڪ ٿي غير قومن لاءِ ڪم ڪريان. سو آءٌ ڪاهن جي حيثيت وانگر مسيح بابت ايشور جي خوشخبريءَ جو پرچار ڪريان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ غير قومون پوِتر آتما جي مخصوص ۽ پوِتر ڪرڻ سان ايشور جي آڏو دان جي روپ ۾ قبول پون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament16 آءٌ عيسيٰ مسيح جو خادم ٿي غير قومن لاءِ ڪم ڪريان. سو آءٌ ڪاھنن وانگر خدا جي خوشخبريءَ جي تبليغ ڪريان ٿو، انھيءَ لاءِ تہ غير قومون، جن کي پاڪ روح پاڪ ڪيو آھي سي خدا جي آڏو نذراني جي صورت ۾ قبول پون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
انهن نبين تي هيءَ ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي تہ سندن اهي اڳڪٿيون هنن جي پنهنجي لاءِ نہ، پر اوهان جي لاءِ هونديون هيون، جن جي پوري ٿيڻ جي ڄاڻ هاڻي اوهان کي انهن پيغام ٻڌائيندڙن جي معرفت ملي، جن آسمان مان موڪليل پاڪ روح جي وسيلي اوهان کي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائي. هي ڳالهيون اهڙيون تہ دلچسپ آهن جو ملائڪ بہ انهن کي وڏي چاهہ سان ڏسن ٿا.