رومين 15:12 - Muslim Sindhi Bible12 وري يسعياہ نبي بہ چوي ٿو تہ ”يسيءَ جي پٽ دائود جي اولاد مان ڪو ايندو. هائو، اهو جيڪو غير قومن تي حڪومت ڪرڻ لاءِ اٿي کڙو ٿيندو، تنهن تي ئي غير قومون اميد رکنديون.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible12 ۽ وري يسعياہ نبي بہ چوي ٿو، تہ ”يسيءَ جي پاڙ ڦٽندي، يعني اهو شخص غير قومن تي حڪومت ڪرڻ لاءِ ايندو، جنهن تي غير قومون اُميد رکنديون.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible12 وري سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ بہ چوي ٿو تہ ”يسيءَ جي پٽ راجا دائود جي اولاد مان ڪو ايندو. هائو، اهو جيڪو غير قومن تي حڪومت ڪرڻ لاءِ اٿي کڙو ٿيندو، تنهن تي ئي غير قومون اميد رکنديون.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament12 وري يسعياہ نبي بہ چوي ٿو تہ ”يشيءَ جي اولاد مان ڪو ايندو، يعني ھو غير قومن تي حڪومت ڪرڻ لاءِ ايندو ۽ اھي ھن ۾ اميد رکنديون.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
هاڻ اهو ئي خداوند مون کي فرمائي ٿو تہ ”تون نہ رڳو انهيءَ لاءِ منهنجو ٻانهو بڻيو آهين، جو بني اسرائيل جي باقي بچيلن کي موٽائي آڻين، ۽ سندن قبيلن کي نئين سر آباد ڪرين، بلڪ انهيءَ کان وڌيڪ مون تہ تو کي غير قومن لاءِ بہ روشني بڻايو آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون پوريءَ دنيا جي لاءِ منهنجي طرفان امن وَ خوشحاليءَ جو سبب بڻجين.
توهان پنهنجي خواب ۾ اهو بہ ڏٺو تہ انساني هٿ لڳڻ کان سواءِ هڪ پٿر ٽڪر مان ٽٽي نڪتو. انهيءَ پٿر لوهہ، پتل، ٺڪر، چانديءَ ۽ سون کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. انهيءَ جو مطلب هي آهي تہ انهن ئي حڪمرانن جي ڏينهن ۾ عرش عظيم وارو خدا هڪڙي اهڙي بادشاهت قائم ڪندو، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي. نڪي انهيءَ جي حڪمراني ڪنهن ٻيءَ قوم جي حوالي ڪئي ويندي. اٽلندو اها ٻين سڀني شهنشاهتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ناس ڪندي ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي. سو اي بادشاهہ! ائين ڪرڻ سان عظيم خدا توهان کي اهو ڪجھہ ڏيکاريو آهي، جيڪو ايندڙ وقت ۾ ٿيندو. توهان اهو ئي خواب ڏٺو آهي ۽ ائين ئي ٿيڻو آهي.“