Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 15:1 - Muslim Sindhi Bible

1 انهيءَ کان علاوہ اسان مان جن جو ايمان مضبوط آهي سي ڪمزور ايمان وارن جي ڪمزورين کي برداشت ڪن ۽ پنهنجي مرضيءَ تي نہ هلن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 هاڻي اسين جي مضبوط آهيون، تن کي گهرجي تہ هيڻن جون ڪمزوريون برداشت ڪريون، ۽ نہ پاڻ کي خوش ڪريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 انهيءَ کان علاوہ اسان مان جن جو وشواس مضبوط آهي سي ڪمزور وشواس وارن جي ڪمزورين کي برداشت ڪن ۽ پنهنجي مرضيءَ تي نہ هلن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 اسان مان جن جو ايمان مضبوط آھي سي رڳو پنھنجي مرضيءَ تي نہ ھلن، پر ڪمزور ايمان وارن جي ڪمزورين کي برداشت ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 15:1
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنهن جو ايمان ڪمزور آهي تنهن کي قبول ڪريو ۽ شڪ شبهي بابت ساڻس بحث نہ ڪريو.


هڪڙو ماڻهو مڃي ٿو تہ هر ڪا شيءِ کائڻ جائز آهي، پر ٻئي جو ايمان ڪمزور آهي سو رڳو ڀاڄي ٿو کائي.


۽ خدا جي واعدي تي ذرو بہ شڪ نہ ڪيائين. اٽلندو هو ايمان ۾ وڌيڪ پڪو ٿي خدا جي واکاڻ ڪندو رهيو.


اسين تہ مسيح جي خاطر بي‌وقوف ٿا سڏجون، پر اوهين مسيح ۾ سياڻا ٿا ليکجو. اسين هيڻا پر اوهين طاقتور، اوهين عزت وارا پر اسين بي‌عزت ٿا ليکجون.


ڪمزور ضمير وارن لاءِ آءٌ انهن جهڙو ڪمزور بڻيس تہ جيئن کين هٿ ڪريان. مطلب تہ جيڪو جهڙو هو تنهن لاءِ آءٌ تهڙو بڻيس، تہ جيئن ڪنهن نہ ڪنهن نموني آءٌ ڪن کي بچايان.


سو آءٌ مسيح جي خاطر ڪمزورين ۾، بي‌عزتين ۾، گھُرجن ۾، ستائجڻ ۾ ۽ مشڪلاتن ۾ خوش ٿو رهان، ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ ڪمزور هوندو آهيان تڏهن ئي آءٌ طاقتور هوندو آهيان.


انهيءَ کان علاوہ اوهين سڀ خداوند عيسيٰ ۾ سندس قدرت سان ڀرپور ٿي طاقتور ٿيو.


اوهان مان هر هڪ رڳو پنهنجي باري ۾ نہ، پر ٻين جي باري ۾ بہ سوچي.


انهيءَ سان گڏ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي اهو تاڪيد بہ ڪريون ٿا تہ اجايو وقت وڃائڻ وارن کي سمجھايو، بزدل ماڻهن کي همتايو، هيڻن جي مدد ڪريو ۽ سڀني سان ڏاڍي صبر سان پيش اچو.


هاڻ اي منهنجا پٽ! جيڪو فضل تو کي عيسيٰ مسيح ۾ عطا ٿيو آهي، تنهن سان پختو ٿيءُ.


اي منهنجا عزيزؤ! مون اوهان ڏانهن انهيءَ ڪري لکيو آهي جو اوهين پيءُ کي چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا. اي پوڙهؤ! مون اوهان ڏانهن انهيءَ ڪري لکيو آهي جو اوهين مسيح کي چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا، جيڪو شروعات کان وٺي آهي. اي نوجوانؤ! مون اوهان ڏانهن انهيءَ ڪري لکيو آهي جو اوهين مضبوط آهيو ۽ خدا جو پيغام اوهان ۾ رهي ٿو ۽ اوهين شيطان تي فتحياب ٿيا آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ