Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 14:6 - Muslim Sindhi Bible

6 جيڪڏهن ڪو ڪنهن ڏينهن کي سڀاڳو ٿو سمجھي تہ هو خداوند عيسيٰ جي لاءِ ائين ٿو سمجھي ۽ جيڪو گوشت ٿو کائي سو بہ خداوند عيسيٰ جي واسطي کائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ هو انهيءَ لاءِ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪري. پر جيڪو نہ ٿو کائي سو بہ خداوند عيسيٰ جي واسطي نہ ٿو کائي ۽ هو بہ انهيءَ لاءِ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 جيڪو ڪنهن ڏينهن کي سڳورو ٿو سمجهي سو خداوند جي ڪري ائين سمجهي ٿو: ۽ جيڪو کائي ٿو سو خداوند جي خاطر ٿو کائي، ڇالاءِ جو خدا جو شڪر ٿو ڪري؛ ۽ جيڪو نٿو کائي سو بہ خدا جي خاطر نٿو کائي، ۽ خدا جو شڪر ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 جيڪڏهن ڪو ڪنهن ڏينهن کي سڀاڳو ٿو سمجھي تہ هو پرڀو يسوع جي لاءِ ائين ٿو سمجھي ۽ جيڪو گوشت ٿو کائي سو بہ پرڀوءَ جي واسطي کائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ هو انهيءَ لاءِ ايشور جو شڪر ادا ٿو ڪري. پر جيڪو نہ ٿو کائي سو بہ پرڀوءَ جي واسطي نہ ٿو کائي ۽ هو بہ انهيءَ لاءِ ايشور جو شڪر ادا ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 جيڪڏھن ڪو ڪنھن ڏينھن کي سڀاڳو ٿو سمجھي تہ ھو خداوند جي ڪري ئي ائين ٿو سمجھي ۽ جيڪو گوشت ٿو کائي سو بہ خداوند جي ڪري ئي کائي ٿو، ڇالاءِ⁠جو ھو انھيءَ لاءِ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪري. پر جيڪو نہ ٿو کائي سو بہ خداوند جي ڪري ئي نہ ٿو کائي ۽ ھو بہ انھيءَ لاءِ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 14:6
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو ڏينهن بني اسرائيل کي هميشہ ياد رهي، بلڪ هو ان کي مون خداوند جي عيد جو ڏينهن سمجھي ملهائين ۽ هر سال پيڙهي بہ پيڙهي انهيءَ ڏينهن تي عيد ڪندا رهن.“


اها ئي رات هئي جڏهن خداوند بني اسرائيل کي پنهنجي نگهبانيءَ ۾ مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو. هيءَ ئي رات آهي جا خداوند لاءِ وقف ٿيل آهي ۽ اها سڄي بني اسرائيل کي سندن سڀني پيڙهين تائين ملهائڻي آهي.


موسيٰ چيو تہ ”اڄ اها ئي بچيل ماني کائو، ڇاڪاڻ تہ اڄ خداوند جو سبت آهي، تنهنڪري اڄ اها ماني اوهان کي ميدان ۾ ڪونہ ملندي.


ڇا اهڙو روزو مون کي پسند آهي؟ ڇا اوهان جي نظر ۾ روزو اهو ئي آهي تہ ماڻهو پنهنجي جان کي ڏک ڏئي، ڪاني وانگر پنهنجو مٿو جھڪائي ويهي، ۽ پنهنجي هيٺان کٿو وڇائي مٿي ۾ رک وجھي ويهي؟ ڀلا انهيءَ کي روزو چئي سگھجي ٿو ڇا؟ هائو، انهيءَ کي اوهين مون خداوند وٽ قبول پوڻ وارو روزو چوندا ڇا؟


يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جو هر هڪ ٿانءُ قادر‌مطلق خداوند جي لاءِ مخصوص ٿيندو ۽ جيڪي ماڻهو قربانيون ڪرڻ لاءِ ايندا سي سڀ اُهي ٿانوَ کڻي انهن ۾ قربانيءَ وارو گوشت رڌيندا پچائيندا. سو انهيءَ ڏينهن قادر‌مطلق خداوند جي گھر ۾ ڪوبہ انهن مخصوص ٿانون جو واپار نہ ڪندو.


هن ماڻهن کي بہ چيو تہ ”گاهہ تي ويهي رهو.“ تڏهن عيسيٰ اهي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي آسمان ڏانهن نهاريو ۽ انهن ۾ برڪت گھريائين. پوءِ هن مانيون ڀڃي شاگردن کي ڏنيون ۽ هو اهي مڇيءَ سان گڏ ماڻهن کي ڏيندا ويا.


پوءِ هن ست ئي مانيون ۽ مڇيون هٿن تي کڻي انهن ۾ خدا کان برڪت گھري ۽ ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪندو شاگردن کي ڏيندو ويو ۽ شاگرد خلق کي ڏيندا ويا.


پوءِ انهن کانئس پڇيو تہ ”ڀلا، اسين ڪهڙو ڪم ڪريون جنهن سان خدا جي مرضي پوري ٿئي؟“


جيئن تہ اوهين يهودين جي خاص ڏينهن، مهينن، وقتن ۽ سالن کي مڃيندا ٿا رهو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ