Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 14:14 - Muslim Sindhi Bible

14 آءٌ ڄاڻان ٿو ۽ خداوند عيسيٰ جي وسيلي مون کي يقين آهي تہ اهڙي ڪابہ شيءِ نہ آهي جيڪا خود حرام هجي. پر جيڪڏهن ڪنهن شيءِ کي ڪو حرام سمجھي ٿو تہ پوءِ اها انهيءَ جي لاءِ حرام آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 آئون ڄاڻان ٿو، ۽ خداوند يسوع ۾ مون کي يقين آهي، تہ ڪابہ شيءِ پاڻوهي ناپاڪ نہ آهي: سواءِ هن جي تہ جيڪو ڪنهن شيءِ کي ناپاڪ سمجهي ٿو، تنهن جي لاءِ اُها ناپاڪ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 آءٌ ڄاڻان ٿو ۽ پرڀو يسوع جي وسيلي مون کي يقين آهي تہ اهڙي ڪابہ شيءِ نہ آهي جيڪا خود اپوِتر هجي. پر جيڪڏهن ڪنهن شيءِ کي ڪو اپوِتر سمجھي ٿو تہ پوءِ اها انهيءَ جي لاءِ اپوِتر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 آءٌ ڄاڻان ٿو ۽ خداوند عيسيٰ جي وسيلي مون کي يقين آھي تہ اھڙي ڪابہ شيءِ نہ آھي جيڪا خود ناپاڪ آھي. پر جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو اعتقاد آھي تہ فلاڻي شيءِ ناپاڪ آھي، تہ پوءِ اھا انھيءَ جي لاءِ ناپاڪ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 14:14
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن ڏٺو تہ عيسيٰ جا ڪي شاگرد پنهنجا هٿ ڌوئي پاڪ ڪرڻ کان سواءِ ئي پليت هٿن سان ماني کائين ٿا پيا.


پطرس انهن کي چيو تہ ”اوهين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ يهودين جي مذهب ۾ جائز نہ آهي تہ هو ڪنهن غير قوم واري سان ملن جلن يا دوستي رکن. پر خدا مون کي صاف چيو آهي تہ آءٌ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي پليت يا گھٽ نہ سمجھان.


هڪڙو ماڻهو مڃي ٿو تہ هر ڪا شيءِ کائڻ جائز آهي، پر ٻئي جو ايمان ڪمزور آهي سو رڳو ڀاڄي ٿو کائي.


اوهين کاڌي جي ڪري خدا جي ڪم کي برباد نہ ڪريو. بيشڪ سڀ شيون پاڪ آهن، پر جنهن شيءِ جي کائڻ ڪري ڪو ٻيو ماڻهو گمراهہ ٿئي ٿو تہ کائڻ واري ماڻهوءَ لاءِ اها شيءِ خراب آهي.


پر جيڪو ڪنهن شيءِ ۾ شڪ رکندي بہ اها کائيندو تہ اهو ڏوهاري ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ هو اها شيءِ جائز هجڻ جي اعتقاد سان نہ ٿو کائي ۽ جيڪي ڪجھہ اعتقاد سان نہ ڪيو وڃي سو گناهہ آهي.


جيڪو بہ گوشت بازار ۾ وڪامجي ٿو سو ڀلي کائو، پر انهيءَ جي جائز يا ناجائز هجڻ بابت دل ۾ سوچ ويچار نہ ڪريو،


فرض ڪريو تہ ڪو ڪمزور سمجھہ وارو اوهان ڄاڻ وارن مان ڪنهن کي بت‌خاني ۾ بتن تي قرباني ڪيل کاڌو کائيندو ڏسي، تہ هو بہ اهو کاڌو کائڻ ۾ نہ همتائبو ڇا؟


پر سڀني ماڻهن کي اها ڄاڻ نہ آهي، ايتري قدر جو اسان ايمان وارن مان بہ اڃا تائين ڪن جي اها سوچ آهي تہ بتن جو وجود آهي. سو بتن تي قرباني ڪيل کاڌو کائڻ سان هو پاڻ کي انهن جي پوڄا ۾ شامل سمجھن ٿا. اهڙيءَ طرح ضمير جي ڪمزوريءَ جي ڪري سندن سوچ پليت ٿي پوي ٿي.


خدا جيڪي ڪجھہ جوڙيو آهي، سو چڱو آهي ۽ انهيءَ کي رد ڪرڻ نہ گھرجي. پر ضروري اهو آهي تہ انهيءَ کي خدا جي شڪرگذاريءَ سان قبول ڪيو وڃي،


پاڪ ماڻهن لاءِ سڀ شيون پاڪ آهن، پر جيڪي پليت ۽ ايمان نہ آڻيندڙ آهن، تن جي لاءِ ڪابہ شيءِ پاڪ ناهي. حقيقت ۾ انهن جو ذهن توڙي ضمير ٻئي پليت آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ