Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 12:17 - Muslim Sindhi Bible

17 جيڪو اوهان سان بڇڙائي ڪري تنهن سان بڇڙائي نہ ڪريو. اهڙي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو جنهن کي سڀ چڱو چون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 بديءَ جي عيوض ڪنهن سان بدي نہ ڪريو. جي ڳالهيون سڀني ماڻهن جي نظر ۾ چڱيون آهن، تن جو خيال رکو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 جيڪو اوهان سان بڇڙائي ڪري تنهن سان بڇڙائي نہ ڪريو. اهڙي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو جنهن کي سڀ چڱو چون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 جيڪو اوھان سان بڇڙائي ڪري تنھن سان بڇڙائي نہ ڪريو. اھڙي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو جنھن کي سڀ چڱو چون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 12:17
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يوسف حڪم ڏنو تہ هنن جي ٻورن ۾ اناج ڀريو وڃي ۽ هر ڪنهن جا پئسا بہ موٽائي سندن ٻوري ۾ وڌا وڃن ۽ کين واٽ جي لاءِ سمر بہ ڏنو وڃي. سو جيئن يوسف چيو تيئن ئي ڪيو ويو.


بڇڙائيءَ جو بدلو وٺڻ بابت نہ سوچو، بلڪ خداوند تي ڀروسو رکو، هو پاڻ اوهان جو انصاف ڪندو.


اهڙي موقعي تي پنهنجيءَ دل ۾ ائين نہ چئو تہ ”جيئن تہ هن اڳي منهنجو ڏوهہ ڪيو هو، تيئن آءٌ بہ ڪوڙي شاهدي ڏيئي کيس نقصان رسائيندس. هائو، آءٌ سندس ڪئي موجب بدلو ڏيندومانس.“


تہ پنهنجو نذرانو اتي قربان‌گاهہ جي اڳيان ڇڏي پهريائين وڃي انهيءَ کي پرچائي، پوءِ اچي پنهنجو نذرانو چاڙهي.


پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو اوهان سان بڇڙائي ڪري ان کان بدلو نہ وٺو. پر جيڪڏهن ڪو اوهان کي هڪ ڳل تي چماٽ هڻي تہ ان کي ٻيو ڳل بہ ڦيرائي ڏيو.


اي منهنجا عزيزؤ! پاڻ ڪڏهن بہ بدلو نہ وٺو، پر اهو خدا جي غضب تي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ خداوند فرمائي ٿو تہ ”بدلو وٺڻ منهنجو ڪم آهي، آءٌ ئي سزا ڏيندس.“


تنهنڪري اهو احتياط ڪر تہ جنهن شيءِ کي تون چڱو ٿو سمجھين تنهن کي ٻيا خراب نہ سمجھندا هجن.


جن اڃا ايمان نہ آندو آهي، تن سان هر هڪ موقعي جو فائدو وٺندي ڏاهپ سان هلت ڪندا رهو.


انهيءَ طرح اوهين ڪنهن بہ شيءِ جا محتاج نہ رهندا ۽ اوهان جي روزاني هلت چلت جي ڪري ڪليسيا کان ٻاهر وارن سان اوهان جو رويو بهتر رهندو.


خبردار، ڪوبہ ماڻهو ڪنهن سان بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪري، بلڪ هڪٻئي سان ۽ سڀني ماڻهن سان هميشہ نيڪي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهو.


۽ هر قسم جي برائيءَ کان پاسو ڪريو.


تنهنڪري آءٌ چاهيان ٿو تہ جوان رنون‌زالون شادي ڪن، ٻار ڄڻين ۽ پنهنجا گھر سنڀالين. اهڙيءَ طرح اهي ڪنهن مخالف کي اسان تي ملامت ڪرڻ جو وجھہ نہ ڏين.


غير ايمان وارن ۾ پنهنجي هلت چلت چڱي رکو، تہ جيئن جيڪي اوهان تي بڇڙو هئڻ جي تهمت ٿا هڻن سي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي انهيءَ ڏينهن تي خدا جي واکاڻ ڪن جڏهن هو اچي عدالت ڪندو.


۽ پنهنجي نيت کي صاف رکڻ سان. پوءِ جيڪي ماڻهو اوهان کي مسيح جي پوئلڳ هئڻ ڪري اوهان جي چڱي هلت چلت بابت گھٽ وڌ ٿا ڳالهائين، سي پنهنجي انهيءَ بدزبانيءَ تي شرمندا ٿيندا.


بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪريو ۽ گار جي بدلي گار نہ ڏيو، اٽلندو دعا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خدا اوهان کي برڪت جا وارث ٿيڻ لاءِ سڏيو آهي.


سو هوءَ صبح تائين هن جي پيرن وٽ ليٽي رهي. پر هوءَ منهن انڌاري جو اُٿي، ڇاڪاڻ تہ بوعز نہ ٿي چاهيو تہ ڪنهن کي خبر پوي تہ ڪا عورت ڳاهہ جي پِڙ تي آئي هئي.


پر خداوند ائين نہ ڪري جو آءٌ سندس مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ تي پنهنجو هٿ کڻان. سو هاڻي سندس سيرانديءَ کان کتل اهو نيزو ۽ پاڻيءَ جي گھُگھي کڻ تہ هليا هلون.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ