Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 11:33 - Muslim Sindhi Bible

33 واہ! خدا جو رحم ڪيڏو نہ وڏو آهي! سندس ڏاهپ ۽ ڄاڻ ڪيڏي نہ اونهي آهي! سندس فيصلا سمجھہ کان بلڪل ٻاهر آهن ۽ سندس منصوبن جو پتو ئي پئجي نہ ٿو سگھي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 واهہ واهہ، خدا جي دولت ۽ حڪمت ۽ علم ڪهڙو نہ بي بيان آهي! سندس فيصلا ڪهڙا نہ سمجهہ کان ٻاهر آهن، ۽ سندس رستن جو پتو پئجي نٿو سگهي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

33 واہ! ايشور جي ديا ڪيڏي نہ وڏي آهي! سندس ڏاهپ ۽ ڄاڻ ڪيڏي نہ اونهي آهي! سندس فيصلا سمجھہ کان بلڪل ٻاهر آهن ۽ سندس منصوبن جو پتو ئي پئجي نہ ٿو سگھي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

33 خدا جي نعمت ڪيڏي نہ وڏي آھي! سندس ڏاھپ ۽ علم ڪيڏو نہ اونھو آھي! سندس فيصلا ڪيڏا نہ سمجھہ کان ٻاھر آھن ۽ سندس رستن جو پتو ئي پئجي نہ ٿو سگھي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 11:33
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر مردڪئيءَ کي ان سازش جو پتو پئجي ويو، جنهن وڃي راڻي آستر کي اها ڳالهہ ٻڌائي. آستر وري وڃي اها ڳالهہ مردڪئيءَ جي نالي سان شهنشاهہ کي ٻڌائي.


پر هاڻي آءٌ ڄاڻان ٿو تہ منهنجي خلقڻ ۾ تنهنجو ڪهڙو ارادو لڪل هو. هائو، آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تنهنجو منصوبو هي هو تہ


ڇا خدا جي ڳجھي مصلحت تو ٻڌي ورتي آهي؟ تہ پوءِ تون ڪيئن پاڻ کي ئي ڏاهپ جو ٺيڪيدار ٿو سمجھين؟


مون بابت جيڪي ڪجھہ مقرر ڪيو ويو آهي تنهن کي هو عمل ۾ آڻي ٿو، ۽ اهڙيون گھڻيون ئي رٿون اڃا تائين سندس هٿ ۾ آهن.


ياد رک، اها تہ سندس عظيم طاقت جي رڳو هڪڙي جھلڪ آهي، هائو، رڳو ماٺيڻو آواز، جيڪو اسين ٻڌون ٿا. پر سندس عظيم قدرت جي وسعت کي ڪير ٿو سمجھي سگھي؟“


تون انهيءَ سان ڇو ٿو جھڳڙو ڪرين، تہ هو تو کي تنهنجي ڪنهن ڳالهہ جو جواب ڇو نہ ٿو ڏئي؟


جيڪڏهن تون ائين ڪري ٿو سگھين تہ ڀلا اسان کي بہ سمجھاءِ تہ اسين خدا آڏو بيهي ساڻس ڪيئن ڳالهايون، ڇاڪاڻ تہ اونداهيءَ ۾ هئڻ ڪري اسين ساڻس ڪو مقدمو وڙهي نہ ٿا سگھون.


بيشڪ قادرِمطلق جي عظمت اسان جي سوچ کان بہ مٿاهين آهي، هن جي قدرت ۽ عدالت ايتري تہ عظيم آهي، جو هو انصاف کي ڪڏهن بہ نہ ٿو بگاڙي.


بيشڪ خدا اهڙا تہ وڏا وڏا ڪم ڪري ٿو، جيڪي سمجھہ کان ٻاهر آهن، هائو، سندس عجيب ڪمن کي شمار ئي نہ ٿو ڪري سگھجي.


هو اهڙا تہ وڏا وڏا ۽ بي‌شمار عجيب ڪم ڪري ٿو، جيڪي سمجھہ کان ٻاهر آهن.


مون بابت تنهنجو ايڏو علم مون لاءِ نهايت عجيب آهي. هائو، اهو بلند وَ بالا آهي جنهن تائين آءٌ پهچي نہ ٿو سگھان.


اي خداوند! بيشڪ تون عظيم ۽ واکاڻ جي لائق آهين، بلڪ تنهنجي عظمت سوچ کان بہ مٿاهين آهي.


تنهنجي سچائي ايڏي اوچي آهي جيڏا اوچا وڏا پهاڙ آهن. تنهنجا فيصلا ايڏا اونها آهن جيڏي اونهائي وڏي بحر جي آهي. اي خداوند! ماڻهن توڙي جانورن کي تون ئي ٿو سنڀالين.


اي خداوند، منهنجا خدا! تو گھڻا ئي عجيب ڪم ڪيا آهن. اسان جي لاءِ تدبيرون ڪرڻ ۾ تو مثل ڪو ئي ناهي. اسان لاءِ تنهنجا ڪيل ڪم ايترا تہ بي‌شمار آهن، جو آءٌ پنهنجي سڄي حياتي بہ انهن سڀني کي بيان ڪري نہ ٿو سگھان.


تنهنجي واٽ سمنڊ جي وچان آهي، تنهنجو رستو وڏن بحرن مان آهي، توڙي تنهنجي پيرن جا ڪي بہ نشان نہ ٿا ڏسجن.


اي خداوند! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ عظيم آهن! ۽ تنهنجا خيال انساني سوچ کان ڪيڏا نہ بلند آهن!


هو گھُگھُہ اونداهي ڪڪر جي پردي وچان سچائيءَ ۽ انصاف سان بادشاهي ڪري ٿو.


خدا جا راز ڳجھا آهن ۽ انهيءَ مان ئي سندس عظمت ظاهر آهي، جڏهن تہ بادشاهہ جي عظمت انهيءَ ۾ آهي تہ هو رازن بابت کوجنا ڪري.


جيئن آسمان جي بلندي ۽ زمين جي اونهائيءَ جو ماپڻ وس کان ٻاهر آهي، تيئن بادشاهن جي دل جو حال معلوم ڪرڻ ناممڪن آهي.


خدا دنيا کي ائين پيدا ڪيو آهي جو هر شيءِ پنهنجي مناسب وقت تي پوري ٿئي ٿي. انهيءَ سان گڏوگڏ هن اسان انسانن جي دلين ۾ اصل مقصد جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي خواهش پڻ پيدا ڪئي آهي. پر ان جي باوجود اسين سندس ڪمن جي جاچ شروع کان آخر تائين ڪري نہ ٿا سگھون.


زندگيءَ جي حقيقت کي سمجھڻ تمام مشڪل، بلڪ ناممڪن آهي. ڪير آهي جيڪو انهيءَ حقيقت کي سمجھي سگھي؟


هائو، مون خدا جي سڀني ڪمن کي پرکيو. پوءِ مون مڃيو تہ انسان ڪيڏي بہ ڪوشش ڪري پر هو اصل حقيقت معلوم ڪري نہ ٿو سگھي تہ هن دنيا ۾ ائين ڇو ٿي رهيو آهي. ايتري قدر جو ڏاها ماڻهو بہ جيڪي سمجھڻ جي دعويٰ ڪن ٿا پر اهي بہ نہ ٿا سمجھي سگھن.


اها سموري ڏاهپ قادرِمطلق خداوند وٽان ئي ملي ٿي. بيشڪ انهيءَ جي مصلحت عجيب ۽ ڏاهپ عظيم آهي.


ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو يا اوهان نہ ٻڌو آهي تہ خداوند ئي هميشہ قائم رهندڙ خدا آهي، جيڪو سڄيءَ دنيا جو خالق آهي. اهو نہ ٿڪجي ٿو، نڪي ساڻو ٿو ٿئي. هن جي حڪمت سمجھڻ کان ٻاهر آهي.


ڌرتيءَ جو هر ڪو باشندو هن جي آڏو ڪين جهڙو آهي، آسماني مخلوق هجي توڙي ڌرتيءَ وارا، تن سان هو جيئن چاهي تيئن ڪري ٿو. ڪوبہ ناهي جيڪو سندس هٿ روڪي سگھي، نڪي وري ڪو اهڙو آهي، جيڪو هن کان پڇي تہ ’تون هي ڇا ٿو ڪرين پيو؟‘


ائين ٿو لڳي جو تون خدا جي ڀلائيءَ، بردباريءَ ۽ صبر واري دولت کي خسيس ٿو سمجھين. ڇا تون ايترو نہ ٿو سمجھين تہ خدا جي ڀلائي تو کي توبهہ ڏانهن ٿي ڇڪي؟


يا انهيءَ ۾ عجب جي ڪهڙي ڳالهہ آهي جو خدا پنهنجي جلوي جي دولت انهن رحم وارن ٿانوَن تي ظاهر ڪئي، جيڪي هن پنهنجي جلوي جي لاءِ اڳي ئي تيار ڪري ڇڏيا هئا،


پر اسان تي خدا اهو پنهنجي پاڪ روح جي وسيلي ظاهر ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ پاڪ روح سڀني ڳالهين کي، بلڪ خدا جي ڳجھين ڳالهين کي بہ معلوم ڪري ٿو وٺي.


انهيءَ فرزند ۾ ئي سندس رت جي وسيلي اسين ڇڏايا وڃون ٿا، يعني اسان جا گناهہ معاف ڪيا وڃن ٿا. اهو خدا جي انهيءَ فضل جي دولت موجب آهي،


اهو انهيءَ لاءِ ڪيائين تہ هو پنهنجي انهيءَ مهربانيءَ جي وسيلي جيڪا عيسيٰ مسيح ۾ اسان تي آهي، پنهنجي فضل جي بي‌انداز دولت کي ايندڙ زمانن ۾ ظاهر ڪري.


خدا چاهيو ٿي تہ هاڻي ڪليسيا جي وسيلي سندس طرح طرح جي حڪمت جي انهن حڪمرانن ۽ اختياريءَ وارن کي ڄاڻ پئجي وڃي، جيڪي آسماني جاين ۾ آهن.


دعا ٿو گھران تہ هو پنهنجي عظمت واري دولت موجب اوهان کي پنهنجي پاڪ روح جي وسيلي طاقت عطا ڪري تہ اوهين پنهنجي اندر ۾ طاقتور ٿيو


هائو، منهنجي دعا آهي تہ مسيح ۾ سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن سان گڏ اوهين پوريءَ طرح سمجھي سگھو تہ مسيح جي محبت ايڏي تہ جھجھي آهي جو ان جي ويڪرائي، ڊگھائي، اوچائي ۽ اونهائي ماپي نہ ٿي سگھجي.


جيتوڻيڪ آءٌ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن منجھہ سڀني کان گھٽ آهيان، تنهن هوندي بہ خدا اهو فضل مون کي عطا ڪيو تہ آءٌ غير قومن کي مسيح جي بي‌انداز دولت جي خوشخبري ٻڌايان


انهن تي خدا اهو ظاهر ڪرڻ ٿي چاهيو تہ انهيءَ راز جي دولت سڀني قومن لاءِ ڪيڏي نہ عظمت ڀري آهي. اهو راز هي آهي تہ مسيح جيڪو اوهان ۾ آهي، سو خدا جي جلوي ۾ شريڪ ٿيڻ جي اميد آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ