Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 11:23 - Muslim Sindhi Bible

23 بني اسرائيل وارا بہ جيڪڏهن ايمان نہ آڻڻ واري ڳالهہ تي قائم رهڻ ڇڏي ڏيندا تہ کين بہ پيوند ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي وري پيوند ڪرڻ جي قدرت رکي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ هو بہ، جي پنهنجي بي ايمانيءَ ۾ نہ رهندا، تہ پيوند ڪيا ويندا، ڇالاءِ جو خدا هنن کي وري پيوند ڪرڻ لاءِ طاقت وارو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 بني اسرائيل وارا بہ جيڪڏهن وشواس نہ آڻڻ واري ڳالهہ تي قائم رهڻ ڇڏي ڏيندا تہ کين بہ پيوند ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهن کي وري پيوند ڪرڻ جي شڪتي رکي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 يھودي بہ جيڪڏھن وري ايمان آڻيندا تہ انھن کي بہ پيوند ڪيو ويندو، ڇالاءِ⁠جو خدا انھن کي وري پيوند ڪرڻ جي طاقت رکي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 11:23
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن تي اهڙو روح نازل ڪندس جو اهي رحمدل ۽ دعا گھرندڙ ٿي پوندا. تڏهن هو مون تي يعني انهيءَ تي نگاهہ ڪندا، جنهن کي هنن گھاءُ ڏيئي ماريو هوندو. هو انهيءَ جي لاءِ ائين روڄ راڙو ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي ٻار لاءِ ڪندو آهي. هو انهيءَ لاءِ ڏاڍو ڏک ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي پهريتي ٻار لاءِ ڪندو آهي.


آءٌ تو کي چوان ٿو تہ تون هن کان پوءِ مون کي ايستائين نہ ڏسندين جيستائين ائين نہ چوندين تہ ’سڀاڳو آهي اهو، جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي.‘“


سو هاڻي انهيءَ پوکيل زيتون جون ڪي ٽاريون ڀڳيون ويون آهن ۽ اوهين غير قوم وارا جيڪي هڪ جھنگلي زيتون جي ٽاريءَ مثل آهيو، سي انهن ڀڳل ٽارين جي جاءِ تي پيوند ڪيا ويا آهيو ۽ انهيءَ پوکيل زيتون جي مخصوص پاڙ ۾ شامل ٿي ان جي سڻڀي رس حاصل ڪريو ٿا.


اوهين غير قومن وارا جيڪي جھنگلي وڻ جون ڀڳل ٽاريون آهيو، سي پوکيل زيتون سان غير طبعي طور پيوند ڪيا ويا آهيو. جڏهن تہ بني اسرائيل جيڪي پوکيل زيتون جي وڻ جون اصلي ٽاريون آهن، سي ڪيترو نہ آسانيءَ سان پنهنجي زيتون جي وڻ سان پيوند ٿي سگھندا.


پر جڏهن بہ ڪنهن جي دل خداوند ڏانهن ڦري اچي ٿي تڏهن اهو پردو کڄي وڃي ٿو.


انهيءَ مان اسين ڏسون ٿا تہ بي‌اعتباريءَ جي ڪري اهي بني اسرائيل وارا انهيءَ ملڪ ۾ داخل ٿي نہ سگھيا جتي کين آرام ملي ها.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ