Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 11:22 - Muslim Sindhi Bible

22 سو خدا جي مهربانيءَ ۽ سختيءَ کي ڌيان ۾ رکو. هو سختي انهن تي ٿو ڪري جيڪي گمراهہ ٿي ويا آهن، جڏهن تہ اوهان تي مهرباني ٿو ڪري. پر شرط هي آهي تہ اوهين سندس مهربانيءَ جو قدر ڪندا رهو، نہ تہ اوهين بہ ڀڃي اڇلايا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 تڏهن تون خدا جي مهرباني ۽ سختي ڏس: سختي اُنهن تي جي ڪِري پيا، پر خدا جي مهرباني تو تي، بشرطيڪ تون سندس مهربانيءَ تي قائم رهندين: نہ تہ تون بہ وڍجي ويندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 سو ايشور جي ڪرپا ۽ سختيءَ کي ڌيان ۾ رکو. هو سختي انهن تي ٿو ڪري جيڪي ڀَٽڪي ويا آهن، جڏهن تہ اوهان تي ڪرپا ٿو ڪري. پر شرط هي آهي تہ اوهين سندس ڪرپا جو قدر ڪندا رهو، نہ تہ اوهين بہ ڀڃي اڇلايا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 ڏسو، خدا ڪيڏو نہ مھربان ۽ سخت آھي. ھو انھن تي سخت آھي جيڪي گمراھہ ٿيا. پر اوھان تي ايستائين مھربان آھي جيستائين اوھين سندس مھربانيءَ تي قائم رھندا. پر جيڪڏھن اوھين قائم نہ رھندا تہ اوھين بہ ڀڳل ٽارين وانگر ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 11:22
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند! تنهنجي ڀلائي ڪيڏي نہ عظيم آهي! جيڪا تو پنهنجي تعظيم ڪرڻ وارن لاءِ گڏ ڪري رکي آهي، ۽ جيڪا تو ماڻهن آڏو پنهنجي پناهہ ۾ آيلن تي ظاهر ڪئي آهي.


جڏهن اوهين اهو سڀ ٿيندو ڏسندا، تڏهن اوهين بيحد خوش ٿيندا. اوهان جي طاقت ۽ صحت ايترو تہ تيزيءَ سان وڌندي، جيئن گاهہ وڌندو آهي. تڏهن هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ خداوند پنهنجي فرمانبردار ٻانهن سان گڏ آهيان، پر پنهنجي دشمنن کان بيحد ناراض آهيان.“


پر جيڪڏهن ڪو سچار ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري وڃي ٿو ۽ گناهہ ڪري ٿو ۽ اُهي سڀ ڪراهت جهڙا ڪم ڪري ٿو جيڪي بدڪار ماڻهو ڪندا آهن، تڏهن ڇا اهو جيئرو رهندو؟ نہ، هرگز نہ، بلڪ هن جيڪي بہ سچائيءَ جا ڪم ڪيا هوندا سي وساريا ويندا. هو پنهنجي نافرمانيءَ ۽ ڪيل گناهن جي ڪري ضرور لوڙيندو.


وري جيڪڏهن سچار ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري وڃي بڇڙائيءَ ۾ پوندا، تہ آءٌ کين اهڙين مشڪل حالتن ۾ وجھندس جو اهي مري کپي ويندا. پر جيڪڏهن تو هنن کي خبردار نہ ڪيو تہ هو پنهنجي بڇڙاين جي ڪري مرندا. آءٌ سندن ڪيل سچائيءَ وارن ڪمن کي بہ وساري ڇڏيندس. مگر انهن جي خون جو ذميوار آءٌ تو کي بڻائيندس.


پر جيڪي ڀليءَ زمين تي ڪريا، سا ڀلي زمين اهي ماڻهو آهن جيڪي پيغام ٻڌن ٿا ۽ سچيءَ دل ۽ پوري توجھہ سان ان کي سانڍين ٿا ۽ ثابت قدميءَ سان ڦر جھلين ٿا.“


مون ۾ جيڪا ٽاري ميوو نہ ٿي جھلي تنهن کي هو وڍي اڇلائي ٿو. پر جيڪا ٽاري ميوو جھلي ٿي تنهن کي هو ڇانگي ٿو تہ جيئن اها وڌيڪ ميوو ڏئي.


پوءِ جن يهودين مٿس ايمان آندو هو، عيسيٰ تن کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين منهنجي ڳالهين تي قائم رهندا تہ اوهين سچ پچ منهنجا شاگرد آهيو.


برنباس هڪ نيڪ شخص هو، جيڪو پاڪ روح ۽ ايمان سان ڀرپور هو. جڏهن هو اتي پهتو ۽ ڏٺائين تہ خدا ڪيئن نہ مٿن فضل ڪيو آهي تڏهن هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ حوصلہ‌افزائي ڪندي کين چيائين تہ ”خداوند عيسيٰ سان دل وَ جان سان وفادار رهجو.“ پوءِ اتي گھڻا ئي ماڻهو خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻي ڪليسيا ۾ شامل ٿي ويا.


هنن هر هنڌ خداوند عيسيٰ جي پوئلڳن جي ايمان کي مضبوط ڪيو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ هو ايمان تي قائم رهن. هنن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مشڪلاتن مان لنگھڻو پوندو.“


هاڻ جڏهن خدا بني اسرائيل وارن، يعني اصلي ٽارين کي بہ وڻ ۾ رهڻ نہ ڏنو، تہ پوءِ اوهين ڪيئن بچي سگھندا؟


جيڪي نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ ثابت قدم رهندي عزت، عظمت ۽ بقا جا طالب آهن، تن کي خدا دائمي زندگي ڏيندو.


انهيءَ جي ئي وسيلي اوهان کي ڇوٽڪارو ملي ٿو، بشرطيڪ جيڪا خوشخبري اوهان کي ٻڌائي هئم، تنهن تي جيئن جو تيئن پابند رهندا اچو، نہ تہ اوهان جو ايمان آڻڻ بنا ڪنهن سوچ سمجھہ جي آهي.


اسان کي نيڪي ڪرڻ ۾ ٿڪجڻ نہ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن همت نہ هارينداسين تہ پوري وقت تي لابارو لاهينداسين.


اها حالت ڏسي آءٌ وڌيڪ برداشت ڪري نہ سگھيس، سو اوهان جي ايمان بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ تيمٿيس کي موڪليو هئم. مون کي ڊپ هو تہ متان ڪنهن طرح آزمائڻ واري، يعني شيطان اوهان کي آزمايو هجي ۽ اسان جي اوهان تي ڪيل محنت بيڪار ويئي هجي.


ڇاڪاڻ تہ خداوند عيسيٰ تي اوهان جي ايمان قائم رهڻ سان ئي اسان جي بدن ۾ ساهہ آهي.


اچو تہ جنهن اميد جو اسين اقرار ٿا ڪريون تنهن تي بنا ڪنهن شڪ شبهي جي قائم رهون، ڇاڪاڻ تہ جنهن اسان کي اها اميد ڏني آهي سو سچو آهي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسين مسيح جا ساٿي ٿي ويا آهيون، بشرطيڪ اسين پنهنجي شروع واري اعتماد تي پڇاڙيءَ تائين مضبوطيءَ سان قائم رهون.


پر مسيح فرزند جي حيثيت ۾ خدا جي گھراڻي جو مختيار هوندي وفادار رهيو. هاڻي خدا جو گھراڻو اسين آهيون، بشرطيڪ اسين پنهنجيءَ همت ۽ انهيءَ اميد تي قائم رهون، جنهن تي اسان کي اعتماد آهي.


مسيح جا اهي مخالف نڪتا تہ اسان منجھان ئي آهن، پر حقيقت ۾ اهي اسان منجھان نہ هئا، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن هو اسان منجھان هجن ها تہ اسان سان گڏ رهن ها. هنن جو اسان کي ڇڏي وڃڻ اهو ثابت ڪري ٿو تہ انهن مان ڪنهن جو بہ اسان سان ڪو واسطو ڪونہ هو.


سو ياد ڪريو تہ اوهين ڪٿان ڪريا آهيو ۽ پوءِ توبهہ‌تائب ٿي اڳي وانگر عمل ڪريو. جيڪڏهن اوهان ائين نہ ڪيو تہ آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ اوهان جو شمعدان مقرر جاءِ تان کڻي ڇڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ