Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 11:16 - Muslim Sindhi Bible

16 ابراهيم خدا جو چونڊيل هو، تنهنڪري سندس نسل بہ چونڊيل آهي. هائو، خدا کي ڏنل نذراني جو پهريون چاڻو پاڪ قرار ڏنو ويو تہ سڄو ڳوهيل اٽو بہ پاڪ ٿي ويو يا وڻ جي پاڙ جڏهن مخصوص ڪئي ويئي تہ ان جون ٽاريون بہ مخصوص ٿي ويون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ جي نذراني جو پهريون چاڻو پاڪ آهي، تہ سڄو ڳوهيل اٽو بہ پاڪ آهي: ۽ جي پاڙ پاڪ آهي تہ ٽاريون بہ پاڪ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 ابرهام ايشور جو چونڊيل هو، تنهنڪري سندس پيڙهي بہ چونڊيل آهي. هائو، ايشور کي ڏنل دان جو پهريون چاڻو پوِتر قرار ڏنو ويو تہ سڄو ڳوهيل اٽو بہ پوِتر ٿي ويو يا وڻ جي پاڙ جڏهن مخصوص ڪئي ويئي تہ ان جون ٽاريون بہ مخصوص ٿي ويون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 جيڪڏھن خدا کي ڏنل نذراني جو پھريون چاڻو پاڪ آھي تہ سڄو ڳوھيل اٽو بہ پاڪ آھي ۽ جيڪڏھن ڪنھن وڻ جي پاڙ پاڪ آھي تہ سندس ٽاريون بہ پاڪ آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 11:16
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ پنهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد سان انهن جي سڀني پيڙهين تائين پنهنجو دائمي عهد ٻڌندس. آءٌ ئي تنهنجو ۽ تنهنجي اولاد جو خدا هوندس.


اوهين پنهنجي فصل ۽ ميون جي رس مان مون کي نذراني ڏيڻ ۾ دير نہ ڪجو. اوهين پنهنجن پٽن مان پهريتو پٽ مون کي ڏجو.


لاباري جي عيد، يعني جيڪي اوهين پنهنجي ٻنيءَ ۾ پوکيو تنهن جي پهرين پيداوار جي عيد ملهايو. سال جي پڇاڙيءَ ۾ جڏهن اوهين پنهنجي ٻنيءَ ۾ ڪيل پورهئي جو ڦل گڏ ڪريو، تڏهن تنبن واري عيد ملهايو.


اوهين پنهنجي زمين جي پهرين پيداوار جو بهترين ڀاڱو مون خداوند پنهنجي خدا جي گھر ۾ آڻيو. اوهين ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌيو.“


اوهين پنهنجي مال ملڪيت ۽ پنهنجي سموري پيداوار جي پهرئين ڦل جي نذرانن سان خداوند کي تعظيم ڏيو.


مون تہ تو کي سٺي ۾ سٺي ٻج مان انگورن جي ول جو عمدو ٻوٽو ڪري پوکيو هو، پوءِ تون ڪيئن منهنجي لاءِ جھنگلي ۽ کريل ول وانگر ٿي پئينءَ؟


هر فصل جي پيداوار جو پهريون حصو ڪاهنن جو هوندو. ان کان سواءِ هر نذراني جو پهريون حصو ڪاهنن کي ملندو ۽ هر دفعي اناج جي پچايل شين مان پهريون حصو بہ ڪاهنن کي ڏنو ويندو، تہ جيئن بني اسرائيل قوم تي برڪت نازل ٿئي.


بني اسرائيل لاءِ هي حڪم فرمايو تہ ”جيڪا زمين آءٌ خداوند اوهان کي ڏيڻ وارو آهيان، تنهن ۾ جڏهن اوهين پهچو ۽ انهيءَ جو فصل لڻو، تڏهن اوهين هر سال پنهنجي فصل جو پهريون اناج جو گڏو ڪاهن وٽ آڻجو.


سو هاڻي انهيءَ پوکيل زيتون جون ڪي ٽاريون ڀڳيون ويون آهن ۽ اوهين غير قوم وارا جيڪي هڪ جھنگلي زيتون جي ٽاريءَ مثل آهيو، سي انهن ڀڳل ٽارين جي جاءِ تي پيوند ڪيا ويا آهيو ۽ انهيءَ پوکيل زيتون جي مخصوص پاڙ ۾ شامل ٿي ان جي سڻڀي رس حاصل ڪريو ٿا.


انهن سان گڏوگڏ اسين پاڻ بہ پنهنجي اندر ۾ پيا ڪنجھون. جيتوڻيڪ خدا اسان کي انهيءَ آزاديءَ جي پهرين بخشش پاڪ روح جي صورت ۾ عطا ڪئي آهي، تہ بہ خدا جا پوريءَ طرح ٻار ٿيڻ يعني پنهنجي بدن کي نئين حالت ملڻ جي بيحد انتظار ۾ ويٺا آهيون.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ايمان واري زال جي ڪري غير ايمان وارو مڙس پاڪ ٿئي ٿو ۽ ايمان واري مڙس جي ڪري غير ايمان واري زال پاڪ ٿئي ٿي، نہ تہ جيڪر انهن جا ٻار پليت هجن ها، پر هاڻي اهي پاڪ آهن.


اوهين سال بسال پنهنجي اناج، مئي ۽ زيتون جي تيل مان پهرين پيداوار جو حصو ۽ پنهنجين رڍن جي پهرين اُن جو حصو انهن کي ڏجو.


سو ڏس، اي خداوند! جيڪا زمين تو مون کي ڏني آهي تنهن جو پهريون ڦل مون تو وٽ آندو آهي.‘ پوءِ اها ٽوڪري کڻي وري اوهين بہ خداوند پنهنجي خدا جي آڏو رکي خداوند کي سجدو ڪجو.


هن پنهنجي مرضيءَ سان اسان کي سچ جي پيغام وسيلي نئين سر پيدا ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين سندس مخلوقات ۾ پهريون ڦل بڻجون.


اهي ڪنوارن جيان پاڻ کي پاڪ رکندي گھيٽڙي جي ئي پٺيان هلن پيا. جيڏانهن هو وڃي ٿو، اوڏانهن اهي بہ وڃن ٿا. انهن کي گھيٽڙي مُلهہ ڏيئي انسانن مان خريد ڪيو آهي، تہ جيئن خدا ۽ گھيٽڙي جو پهريون ڦل ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ