Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 10:21 - Muslim Sindhi Bible

21 پر بني اسرائيل بابت خدا فرمائي ٿو تہ ”مون سڄو وقت هڪڙي نافرمان ۽ ضدي قوم جو آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ پنهنجا هٿ ڊگھيري رکيا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 پر اسرائيل جي بابت هو چوي ٿو تہ ”آئون سڄو ڏينهن هڪڙيءَ نافرمان ۽ ضدي اُمت ڏانهن پنهنجا هٿ ڊگهيريندو رهيس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 پر بني اسرائيل بابت ايشور فرمائي ٿو تہ ”مون سڄو وقت هڪڙي نافرمان ۽ ضدي قوم جو آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ پنهنجا هٿ ڊگھيري رکيا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 پر بني اسرائيل بابت ھو چوي ٿو تہ ”آءٌ سڄو ڏينھن ھڪڙي نافرمان ۽ ضدي قوم ڏانھن پنھنجا ھٿ ڊگھيريندو رھيس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 10:21
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ هوندي بہ هو نافرمان ٿيا، ۽ تنهنجي خلاف بغاوت ڪندي تنهنجي شريعت کي پٺيءَ پويان اڇلائي ڇڏيائون. هنن تنهنجي انهن نبين کي قتل ڪري ڇڏيو، جن کين نصيحت ٿي ڪئي تہ هو تو آڏو توبهہ‌تائب ٿين. ان کان علاوہ هنن وڏيون ڪفر واريون ڳالهيون پڻ ڪيون.


آءٌ اوهان کي سڏي رهي آهيان. هائو، آءٌ اوهان کي اچڻ جي دعوت ڏيئي رهي آهيان. پر اوهين ٻڌو ئي ڪونہ ٿا، نڪي مون ڏانهن ڪو ڌيان ٿا ڏيو.


جيتوڻيڪ خداوند اوهان ڏانهن بار بار پنهنجا ٻانها يعني نبي پئي موڪليا آهن، تہ بہ اوهان انهن کي ناهي ٻڌو، نہ وري انهن ڏانهن ڪو ڌيان ئي ڏنو اٿوَ.


مون بار بار اوهان ڏانهن پنهنجا ٻانها يعني نبي پئي موڪليا آهن. اهي اوهان کي منهنجو پيغام ٻڌائيندا رهيا آهن تہ ’اوهان مان هر ڪو پنهنجي بڇڙي واٽ کان باز اچي ۽ پنهنجا عمل سڌاري ۽ غير معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي پوڄا نہ ڪري. تڏهن ئي اوهين انهيءَ ملڪ ۾ هميشہ رهندا جيڪو مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي.‘ پر اوهان مون ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو، نہ وري اوهان منهنجي ڪا ٻڌي.


تنهنڪري ياد رکو، آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ آءٌ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي ماڻهن تي اُهي سڀ مصيبتون آڻڻ وارو آهيان جن جي آڻڻ بابت آءٌ اڳي ئي ٻڌائي چڪو آهيان. مون اوهان سان ڳالهايو پر اوهان نہ ٻڌو. مون اوهان کي سڏيو پر اوهان جواب نہ ڏنو.“


پوءِ يروشلم کان وٺي سڀني قومن تائين هن جي نالي سان گناهن جي معافيءَ لاءِ توبهہ جي تبليغ ڪئي ويندي.


ڇاڪاڻ تہ مون کي هنن جي بغاوت ۽ هٺ جي خبر آهي. ڏسو، اڄ تائين جڏهن تہ آءٌ هنن سان جيئرو ويٺو آهيان، تڏهن بہ هنن خداوند جي خلاف بغاوت پئي ڪئي آهي. سو منهنجي مرڻ کان پوءِ ڪيترو نہ وڌيڪ ائين ڪندا.


خداوند مون کي وڌيڪ فرمايو تہ ’مون هن قوم کي ڏٺو آهي، سچ پچ تہ هيءَ هڪ ضدي قوم آهي.


اهو هن مان ظاهر ٿئي ٿو جو اهي اسان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا تہ اسين غير قومن کي سندن ڇوٽڪاري جو پيغام ٻڌايون. اهڙيءَ طرح اهي پنهنجن گناهن جي ٽمٽار مٽڪي کي اڃا بہ ڀريندا ٿا رهن. پر نيٺ خدا جو غضب انهن تي ڪڙڪڻ لاءِ اچي پهتو آهي.


۽ ”اهو ٿاٻڙائڻ وارو پٿر، يعني ماڻهن لاءِ ٿاٻو کائڻ واري ڇپ ٿيو آهي.“ سو اهي ماڻهو خدا جي فرمان تي ايمان نہ آڻڻ سان ٿاٻڙجن ٿا ۽ انهيءَ جي لاءِ ئي اهي مقرر بہ ڪيا ويا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ