Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 10:11 - Muslim Sindhi Bible

11 اهو پيغام سڀني لاءِ آهي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ بہ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ هن تي ايمان آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 پاڪ ڪتاب چوي ٿو تہ ”جيڪو مٿس ايمان آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 اهو سنديش سڀني لاءِ آهي، جيئن پوِتر شاستر ۾ بہ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ هن تي وشواس آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 ڇالاءِ⁠جو اھو لکيل آھي تہ ”جيڪو بہ ھن تي ايمان آڻيندو تنھن کي مايوس نہ ڪيو ويندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 10:11
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ بنياد رکڻ لاءِ هڪڙو مضبوط پيڙهہ جو پٿر رکان ٿو، جيڪو نهايت اهم ۽ ڀروسي جهڙو هوندو. جيڪو بہ انهيءَ تي يقين ڪندو، تنهن کي ڪڏهن بہ لوڏو نہ ايندو.


انهن جا بادشاهہ تنهنجي پٽن جا سنڀاليندڙ ابا ٿيندا، ۽ راڻيون تنهنجي ڌيئرن جون پاليندڙ مائرون ٿينديون. اهي گوڏن ڀر جھڪي تنهنجي تعظيم ڪندا. هائو، اهي تنهنجي پيرن جي مٽي چٽيندا. تڏهن تون ڄاڻيندينءَ تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، ۽ جيڪي مون تي ڀروسو ٿا ڪن، سي ڪڏهن بہ شرمندا نہ ٿيندا.“


پر سڀاڳا آهن اهي ماڻهو جن جي توڪل خداوند تي آهي، ۽ جن جي اميد آسرو خداوند ئي آهي.


ڏسو، دل سان ايمان آڻڻ ڪري ئي اسين خدا ڏانهن سچار بڻجون ٿا ۽ زبان سان اقرار ڪرڻ ڪري ئي اسان کي ڇوٽڪارو ملي ٿو.


اهو پٿر عيسيٰ آهي، جنهن بابت خدا پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ ٿاٻڙائڻ وارو پٿر، يعني هڪ ڇپ رکي ڇڏيان ٿو، جيڪا ٿاٻو کائڻ جو سبب بڻبي، پر جيڪو هن تي ايمان آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“


هن ڪري جو پاڪ ڪلام ۾ خدا فرمايو آهي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ هڪ پٿر رکان ٿو، جيڪو مخصوص، قيمتي ۽ پيڙهہ جو پٿر آهي. جيڪو ماڻهو انهيءَ تي ايمان آڻيندو، سو ڪڏهن بہ شرمندو نہ ٿيندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ