Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 1:32 - Muslim Sindhi Bible

32 جيتوڻيڪ اهي خدا جي هن حڪم کي ڄاڻين ٿا تہ جيڪي ماڻهو هي ڪم ڪن ٿا سي موت جي لائق آهن، تنهن هوندي بہ اهي نہ رڳو پاڻ هي ڪم ڪن ٿا، بلڪ جيڪي ٻيا اهڙا ڪم ڪن ٿا تن کان بہ راضي ٿين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 ۽ هنن کي خدا جي انهي حڪم جي خبر آهي، تہ جيڪي اهڙا ڪم ٿا ڪن، سي موت جي لائق آهن، انهيءَ هوندي بہ نہ رڳو هو پاڻ اُهي ساڳيا ڪم پيا ڪن، پر ٻيا جيڪي اُهي ڪن ٿا، تن سان راضي ٿا رهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

32 جيتوڻيڪ اهي ايشور جي هن حڪم کي ڄاڻين ٿا تہ جيڪي ماڻهو هي ڪم ڪن ٿا سي موت جي لائق آهن، تنهن هوندي بہ اهي نہ رڳو پاڻ هي ڪم ڪن ٿا، بلڪ جيڪي ٻيا اهڙا ڪم ڪن ٿا تن کان بہ راضي ٿين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

32 جيتوڻيڪ انھن کي خدا جي انھيءَ حڪم جي ڄاڻ آھي تہ جيڪي ماڻھو ھي ڪم ڪن ٿا سي موت جي لائق آھن، تنھن ھوندي بہ اھي نہ رڳو پاڻ ھي ڪم ڪن ٿا، پر جيڪي ٻيا اھي ڪم ڪن ٿا تن کان بہ راضي آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 1:32
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين جڏهن ڪو چور ٿا ڏسو تہ انهيءَ جا ساٿي بڻجي ٿا وڃو، ۽ زنا ڪندڙن جا اوهين حامي ٿا بڻجي وڃو.


جيڪي شريعت تي هلڻ ڇڏي ٿا ڏين، سي بدڪارن جي تعريف ٿا ڪن. مگر شريعت تي قائم رهڻ وارا هميشہ انهن جي مخالفت ٿا ڪن.


هو پنهنجن ڪُوڙن ۽ بڇڙاين سان پنهنجن اميرن بلڪ بادشاهہ کي بہ ٺڳي ٿا وٺن.


انهن قبن ٺاهڻ سان اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جي گناهن جي حمايت ڪندي ڄڻ شاهدي ٿا ڏيو تہ جيڪي قتل انهن ڪيا سي اوهان کي قبول آهن.


جنهن وقت تنهنجي شاهد استيفنس جو رت ٿي وهايو ويو، تنهن وقت آءٌ بہ اتي بيٺو هئس ۽ انهيءَ ڳالهہ ۾ راضي هئس ۽ جن کيس ماريو پئي تن جي ڪپڙن جي مون سنڀال پئي ڪئي.‘


پوءِ ڪن ديندار ماڻهن استيفنس کي دفنايو ۽ انهيءَ لاءِ ڏاڍو سوڳ ڪيائون. سائول هن جي قتل تي راضي هو. انهيءَ ڏينهن کان وٺي يروشلم ۾ ڪليسيا کي ڏاڍو ستايو ويو. رسولن کان سواءِ سڀيئي ايمان وارا يهوديہ ۽ سامريہ جي علائقن ۾ ٽڙي پکڙي ويا.


جڏهن تہ جيڪي ماڻهو پنهنجي بڇڙائيءَ جي ڪري سچ کي دٻائي ٿا ڇڏين، تن جي اهڙي بي‌ديني ۽ بڇڙائيءَ سبب آسمان مان خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.


پر هنن خدا کي سڃاڻڻ جي باوجود سندس لائق وڏائي بيان نہ ڪئي، نڪي سندس شڪرگذاري ڪيائون، بلڪ اجاين خيالن ۾ پئجي ويا ۽ سندن بي‌عقل دماغن تي اوندهہ ڇانئجي ويئي.


پوءِ جن ڪمن تي اوهين هن مهل شرمسار آهيو، تن کي ڪرڻ مان اوهان کي ڪهڙو فائدو مليو؟ ڪجھہ بہ نہ، ڇاڪاڻ تہ انهن ڪمن جو نتيجو تہ موت آهي.


بيشڪ گناهہ جو اجورو موت آهي، جڏهن تہ خدا اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي اسان کي پنهنجي فضل واري بخشش يعني دائمي زندگي عطا ڪري ٿو.


اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ جيڪي سچ تي ايمان نہ ٿا آڻين ۽ بڇڙائيءَ ۾ خوش ٿا رهن، تن سڀني کي گنهگار قرار ڏنو وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ