Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 1:30 - Muslim Sindhi Bible

30 گلاخور، خدا کان نفرت ڪندڙ، بي‌ادب، مغرور، ٻٽاڪي، برايون پيدا ڪندڙ، ماءُ پيءُ جي نافرماني ڪندڙ،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 گلاخور، خدا جي نظر ۾ نفرتي، بي ادب، مغرور، ٻٽاڪي، خراب ڳالهيون بنائيندڙ، ماءُ پيءُ جا نافرمان،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

30 گلاخور، ايشور کان نفرت ڪندڙ، بي‌ادب، مغرور، ٻٽاڪي، برايون پيدا ڪندڙ، ماتا پتا جي نافرماني ڪندڙ،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

30 گلاخور، خدا کان نفرت ڪندڙ، بي⁠ادب، مغرور، ٻٽاڪي، برايون پيدا ڪندڙ، ماءُ⁠پيءُ جا نافرمان،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 1:30
42 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بادشاهہ اخي‌اب جواب ڏنو تہ ”وڃي بن‌هدد کي ٻڌايو تہ ’جنگي جوڌا جنگ کان پوءِ ٻٽاڪون هڻندا آهن، جنگ کان اڳ ۾ نہ.‘“


تڏهن هڪڙو نبي ييهو ولد حناني بادشاهہ سان ملڻ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”ڇا اهو مناسب آهي جو تون بدڪارن جي مدد ڪرين ۽ خداوند جي دشمنن سان محبت رکين؟ ياد رک، انهيءَ ڳالهہ جي ڪري تو تي خدا جو ڏمر آهي.


اي امصياہ! تو برابر ادوم کي شڪست ڏني آهي، تنهنڪري ئي هاڻ تنهنجو مٿو ڦري ويو آهي جو تون غرور سان ٿو ڳالهائين. هاڻي منهنجي صلاح مڃي پنهنجي گھر ۾ ئي ويٺو رهہ. ڇو ٿو پاڻ لاءِ ۽ پنهنجي ملڪ يهوداہ لاءِ مصيبت کي سڏين؟“


بڇڙا پنهنجي نفساني خواهشن تي فخر ٿا ڪن. لالچي خداوند کي ڇڏي ٿا ڏين ۽ ان جي توهين ٿا ڪن.


ائين ڪرڻ سان هنن خداوند سان بي‌وفائي ڪئي، ۽ پنهنجي انهن افعالن جي ڪري هو پاڻ بہ پليت ٿيا.


جيڪي پنهنجيءَ دولت تي ڀروسو رکن ٿا، ۽ جيڪي پنهنجي جھجھي مال ملڪيت تي ڪُڏن ٿا،


تنهنجي اڳيان ڪي‌بہ هٺيلا بيهي نہ ٿا سگھن. بيشڪ تو کي سڀني بدڪارن کان ڏاڍي نفرت آهي.


اي زورآور ظالم! تون بڇڙائيءَ تي ڇو ٿو فخر ڪرين؟ جڏهن تہ رڳو خدا جي رحمت ئي دائمي آهي.


ائين مون کان نفرت رکندڙ ڊڄندي ڊڄندي اچي مون آڏو جھڪن، ۽ سندن سزا هميشہ جي لاءِ قائم رهي.


ڪيستائين اهي سڀ بدڪار بڪ بڪ پيا ڪندا رهندا؟ ڪيستائين اهي مغروريءَ سان ڳالهائيندا ۽ ٻٽاڪون هڻندا رهندا؟


تڏهن جيڪي هٿرادو ٺاهيل مورتين جي پوڄا ڪن ٿا، ۽ انهن بتن تي فخر ٿا ڪن سي سڀ خوار خراب ٿين ٿا، جڏهن تہ سڀيئي معبود خداوند آڏو جھڪي سجدو ڪن ٿا.


اي خداوند اسان جا خدا! تو پنهنجي قوم جي ٻڌي آهي. تون اهو خدا آهين جيڪو کين معاف ڪندو رهيو آهين، تنهن هوندي بہ سندن ڪمن جي سزا کين ضرور ڏني اٿيئي.


جيڪو هميشہ بڇڙائيءَ واريون رٿون پيو رٿي، تنهن کي فسادي ماڻهو سڏيو ٿو وڃي.


جهڙيءَ طرح اتر جو واءُ برسات آڻيندو آهي، تهڙيءَ طرح گلا غيبت واريون ڳالهيون غصو ڏياريو ڇڏين.


جيڪو شخص پنهنجي والدين تي ٺٺوليون ٿو ڪري ۽ سندن نافرماني ٿو ڪري، تنهن جي لاش کي ڳِجھون پٽي کائينديون، هائو، ڪانوَ سندس اکين کي ٺونگا هڻي ڪڍي ڇڏيندا.


پر جيڪو مون کان محروم ٿو رهي، سو پنهنجو پاڻ تي ظلم ٿو ڪري. هائو، جيڪي مون کان نفرت ٿا ڪن، سي سڀ موت سان محبت ٿا رکن.“


تيئن ڏسو، مون رڳو اهو ئي معلوم ڪري ورتو آهي تہ خدا انسان کي معصوم ۽ ايماندار ڪري پيدا ڪيو، پر انسانن پنهنجي لاءِ تمام گھڻا مونجھارا پيدا ڪري ڇڏيا.


اهي بتن جي پوڄا ڪري مون کان ڌار ٿي ويا آهن. سو آءٌ سندن بت‌پرستيءَ جي دلي خواهش مطابق کين سزا ڏيندس.


تو منجھہ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت نہ ٿو ڪري. تو ۾ رهندڙ ڌارين سان ناحق زبردستي ڪئي ٿي وڃي ۽ يتيمن ۽ رنن‌زالن کي ستايو ٿو وڃي.


جڏهن عهد واري صندوق رواني ٿيندي هئي، تڏهن موسيٰ چوندو هو تہ ”اي خداوند! اُٿ، تہ تنهنجا دشمن ڇڙوڇڙ ٿي وڃن ۽ جيڪي تو سان ڪينو رکن ٿا سي تنهنجي اڳيان ڀڄي وڃن.“


جيئن تہ خدا فرمايو آهي تہ ’پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪريو‘ ۽ ’جيڪو بہ پنهنجي پيءُ يا ماءُ جي گلا ڪري تہ ان کي اڦٽ ماريو وڃي،‘


انهيءَ وقت کان وٺي عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي ظاهر ڪري ٻڌائڻ لڳو تہ ”اهو ضروري آهي جو آءٌ يروشلم وڃان ۽ اتي سردار ڪاهنن، شريعت جي عالمن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن جون گھڻيون سختيون سهان. مون کي ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي وري جيئرو ڪري اٿاريو وڃان.“


اوهان جا ماءُ پيءُ، ڀائر ڀينر، مٽ مائٽ ۽ سنگتي ساٿي بہ اوهان کي پڪڙائيندا ۽ اوهان مان ڪن کي قتل ڪيو ويندو.


دنيا اوهان کان نفرت ڪري نہ ٿي سگھي پر اها مون کان نفرت ڪري ٿي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هن کي ٻڌائيندو رهيو آهيان تہ هن جا ڪم بڇڙا آهن.


ڪجھہ عرصو اڳي ٿيوداس نالي هڪڙو شخص ظاهر ٿيو هو، جنهن دعويٰ ڪئي هئي تہ هو هڪ وڏي هستي آهي. اٽڪل چار سؤ ماڻهو سندس پوئلڳ بہ بڻيا. پر جڏهن هو ماريو ويو تہ سندس سڀ پوئلڳ ڇڙوڇڙ ٿي ويا ۽ سندن سرگرميون مٽيءَ ۾ ملي ويون.


هاڻ اوهين جيڪي پاڻ کي يهودي ٿا سڏايو، تن بابت آءٌ ڇا چوان؟ اوهين شريعت تي ڀاڙي ٿا ويهو ۽ خدا سان پنهنجي تعلق تي فخر ٿا ڪريو.


اوهين شريعت تي فخر تہ ڪريو ٿا، پر پاڻ شريعت جا حڪم ڀڃي خدا جي بي‌حرمتي ڇو ٿا ڪريو؟


هاڻي ڪيڏانهن ويو اوهان جو فخر؟ انهيءَ جي تہ ڪا گنجائش ئي ناهي رهي. ڪهڙي شريعت جي ڪري؟ ڇا عمل واري شريعت جي ڪري؟ نہ، رڳو ايمان واري شريعت جي ڪري.


اسين اهڙي ڪم تي فخر ڪونہ ٿا ڪريون جيڪو ٻين جي محنت سان ٿيل آهي. ان ۾ بہ اسين مناسب حد جي اندر رهون ٿا. ان جي بدران اسين اميد ٿا رکون تہ جيئن جيئن اوهان جو ايمان وڌندو ويندو، تيئن تيئن اسان جي ڪم جو دائرو بہ مقرر ڪيل حد موجب اوهان ۾ وڌندو ويندو،


تنهن هوندي بہ آءٌ ڊڄان ٿو تہ جڏهن اتي اچان تہ متان جيئن آءٌ چاهيان ٿو تيئن اوهان کي نہ ڏسان ۽ جيئن اوهين نہ ٿا چاهيو تيئن مون کي ڏسو. مون کي ڊپ آهي تہ متان اوهان ۾ جھيڙا جھڳڙا، حسد، ڪاوڙ، ڏڦيڙ، گھٽ وڌ ڳالهائڻ، گلائون، هٺ ۽ فساد هجن.


’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو پنهنجي ماءُ پيءُ جي بي‌عزتي ڪري.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘


جيڪي ساڻس دشمني ٿا رکن تن کي بدلي ۾ سندن ڏسندي ئي ڏسندي برباد ٿو ڪري. هو دير نہ ٿو ڪري، بلڪ انهن کان ئي بدلو ٿو وٺي.


هو پاڻ کي انهن سڀني کان مٿاهون ڄاڻيندو ۽ انهن جي مخالفت ڪندو، جيڪي خدا يا معبود ٿا سڏجن، ايتري قدر جو هو خدا جي پاڪ گھر ۾ ويهي اها دعويٰ ڪندو تہ ”خدا آءٌ آهيان.“


ڇاڪاڻ تہ ماڻهو خودغرض، پئسي جا پوڄاري، ٻٽاڪي، مغرور، ڪفر بڪندڙ، ماءُ پيءُ جا نافرمان، بي‌شڪرا ۽ خدا جي ڳالهين کي حقير ڄاڻيندڙ هوندا.


ڏس، اسين ڪنهن وقت نادان، نافرمان، گمراهہ ۽ طرح طرح جي نفساني خواهشن ۽ عياشين جا غلام هئاسين. اسين بغض ۽ حسد جي حالت ۾ گذاريندا هئاسين، نفرت جي لائق هئاسين ۽ هڪٻئي سان بہ نفرت ڪندا هئاسين.


ساڳيءَ طرح زبان بہ هڪڙو ننڍو عضوو آهي، پر وڏيون وڏيون ٻٽاڪون ٿي هڻي. ڏسو تہ هڪ ننڍڙي چڻنگ مان ڪيڏي نہ وڏي ٻيلي کي باهہ لڳي ٿي وڃي.


پر انهيءَ جي بدران اوهين ٻٽاڪون هڻي فخر ٿا ڪريو. اهڙو سمورو فخر برو آهي.


ڇاڪاڻ تہ اهي لٻاڙون هڻندي نهايت بيهوديون ڳالهيون ڪري، شهوت‌پرستيءَ جي وسيلي انهن ماڻهن کي جسماني خواهشن ۾ ڦاسائين ٿا، جن گمراهيءَ واري زندگيءَ مان هاڻي آزادي حاصل ڪئي آهي.


اهي ماڻهو ڪُرڪندڙ، شڪايت ڪندڙ، پنهنجين برين خواهشن تي هلندڙ ۽ لٻاڙون هڻندي پنهنجي فائدي لاءِ ٻين جي خوشامند ڪندڙ آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ