Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 1:24 - Muslim Sindhi Bible

24 سو خدا انهن کي سندن دلين جي خواهشن موجب گندين عادتن ۾ ڇڏي ڏنو، تہ ڀلي جيئن وڻين تيئن پاڻ ۾ هڪٻئي سان بي‌حيائيءَ وارا ڪم پيا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 انهي ڪري خدا اُنهن جي دلين جي خواهش موجب کين ناپاڪيءَ ۾ ڇڏي ڏنو، تہ اُنهن جا بدن پاڻ ۾ بي آبرو ڪيا وڃن:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 سو ايشور انهن کي سندن دلين جي خواهشن موجب گندين عادتن ۾ ڇڏي ڏنو، تہ ڀلي جيئن وڻين تيئن پاڻ ۾ هڪٻئي سان بي‌حيائيءَ وارا ڪم پيا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 سو خدا انھن کي سندن دلين جي خواھشن موجب گندين عادتن ۾ ڇڏي ڏنو، تہ جيئن اھي پاڻ ۾ ھڪٻئي سان بي⁠حيائيءَ جا ڪم ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 1:24
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهان ڪنهن مرد سان عورت وانگر صحبت نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اهو ڪراهت جهڙو ڪم آهي.


سو اوهين انهن کي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ هو انڌن جا انڌا اڳواڻ آهن. هاڻي جيڪڏهن انڌو انڌي جي اڳواڻي ڪندو تہ ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا.“


گذريل زمانن ۾ هن هر قوم کي پنهنجي پنهنجي رستي تي هلڻ لاءِ ڇڏي ڏنو هو.


تنهن تي خدا انهن کان منهن موڙيو ۽ کين ڇڏي ڏنائين تہ وڃي آسمان جي لشڪر جي پوڄا ڪن، جيئن نبين جي هڪ لکت ۾ خدا فرمائي ٿو تہ ’اي بني اسرائيل وارؤ! ڇا اوهان منهنجي لاءِ بيابان ۾ چاليهن سالن تائين جانور ڪهي قربانيون ڏنيون؟ ڪڏهن بہ نہ.


تنهنڪري اوهين پنهنجي هن فاني جسم ۾ گناهہ کي حڪمراني ڪرڻ نہ ڏيو، متان اوهين گناهہ وارين خواهشن جي تابعداري ڪريو.


بيشڪ، ”کاڌو پيٽ لاءِ آهي ۽ پيٽ کاڌي لاءِ ۽ خدا ٻنهي کي ختم ڪري ڇڏيندو.“ پر انهيءَ جو مطلب اهو نہ آهي تہ بدن زناڪاريءَ لاءِ آهي. اهو تہ خداوند عيسيٰ جي خدمت لاءِ آهي ۽ هو ئي انهيءَ جو مالڪ آهي.


سو زناڪاريءَ کان ڀڄو. ٻيو هر گناهہ، جيڪو ماڻهو ڪري ٿو سو بدن کان ٻاهر آهي، پر جيڪو زنا ڪري ٿو سو پاڻ پنهنجي بدن جو گنهگار آهي.


اڳ اسين سڀيئي بہ انهن سان گڏ پنهنجي انساني فطرت جي جسماني خواهشن موجب زندگي گذاريندا هئاسين ۽ پنهنجي جسم ۽ نفس جون خواهشون پوريون ڪندا هئاسين. اسين فطري حالت جي ڪري ٻين ماڻهن وانگر خدا جي ناراضپي جا حقدار هئاسين.


اوهان مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي بدن کي پاڪ ۽ عزت واري نموني ۾ تابع رکڻ سکي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ