Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 1:1 - Muslim Sindhi Bible

1 هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو مسيح يعني عيسيٰ جو ٻانهو آهيان. خدا مون کي رسول ڪري چونڊيو آهي ۽ پنهنجي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ مخصوص ڪيو اٿس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 پولس، جو يسوع مسيح جو غلام آهي، ۽ رسول ٿيڻ جي لاءِ سڏيو ويو آهي، ۽ خدا جي انهيءَ خوشخبريءَ جي ڏيڻ لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو مسيح يعني يسوع جو داس آهيان. ايشور مون کي سنت ڪري چونڊيو آهي ۽ پنهنجي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ مخصوص ڪيو اٿس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 ھي خط عيسيٰ مسيح جي غلام پولس جي طرفان آھي، جنھن کي خدا رسول ڪري چونڊيو ۽ کيس پنھنجي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ خاص طور مقرر ڪيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 1:1
73 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عمرام ولد قهات جا پٽ هارون ۽ موسيٰ هئا. هارون ۽ سندس اولاد کي هميشہ لاءِ ڪاهن مقرر ڪيو ويو هو تہ هو مخصوص شين جي سنڀال ڪن، خداوند اڳيان جانورن جون قربانيون پيش ڪن، سندس خدمت ڪن ۽ سندس نالي تي هميشہ دعا ڏيندا رهن.


اي ٻيٽن جا رهاڪؤ! منهنجي ٻڌو. اي پري جون قومون! ڪن ڏيو. جڏهن آءٌ اڃا پيٽ ۾ ئي هئس، تہ خداوند مون کي چونڊيو. هائو، آءٌ ماءُ جي پيٽ ۾ ئي هئس، تہ هن مون کي پنهنجو خاص ٻانهو ٿيڻ لاءِ مقرر ڪيو.


”جڏهن مون تو کي ماءُ جي پيٽ ۾ خلقيو، تنهن کان اڳ ئي مون تو کي چونڊي ڇڏيو هو. تنهنجي ڄمڻ کان اڳ مون تو کي مخصوص ڪري دنيا کان ڌار ڪيو هو ۽ تو کي قومن جو نبي مقرر ڪري ڇڏيو هو.“


يحيٰ جي گرفتار ٿيڻ کان پوءِ عيسيٰ گليل علائقي ۾ موٽي آيو ۽ خدا جي خوشخبريءَ جي منادي ڪرڻ لڳو تہ


جيڪو منهنجي خدمت ڪرڻ چاهي سو منهنجي پيروي ڪري، تہ جيئن جتي آءٌ آهيان اتي منهنجو خدمتگار بہ هجي. منهنجو پيءُ انهيءَ کي عزت بخشيندو جيڪو منهنجي خدمت ڪندو.“


هن کان پوءِ آءٌ نہ چوندس تہ اوهين غلام آهيو، ڇاڪاڻ تہ غلام کي خبر نہ هوندي آهي تہ سندس مالڪ ڇا ڪري رهيو آهي. پر مون اوهان کي دوست ڪري سڏيو آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون مون پنهنجي پيءُ کان ٻڌيون آهن سي سڀ اوهان کي ٻڌايون اٿم.


مون اوهان کي اڳ ۾ جيڪي ٻڌايو آهي سو ياد رکو تہ ڪوبہ غلام پنهنجي مالڪ کان وڏو نہ آهي. سو جيئن ماڻهن مون کي ستايو آهي تيئن اوهان کي بہ ستائيندا. جيئن ڪن منهنجي ڳالهين تي عمل ڪيو آهي تيئن اوهان جي ڳالهين تي بہ عمل ڪندا.


پوءِ سائول، جنهن کي پولس ڪري بہ سڏيندا آهن، پاڪ روح سان ڀرجي جادوگر ڏانهن چتائي نهاريو


پر مون کي پنهنجي جان جي ڳڻتي نہ آهي، نڪي اها منهنجي لاءِ ڪا قيمت رکي ٿي. مون کي رڳو اهو فڪر آهي تہ آءٌ پنهنجي ڊوڙ پوري ڪريان ۽ جيڪا خدمت خداوند عيسيٰ کان مون کي ڪرڻ لاءِ ملي آهي سا پوري ڪريان، يعني خدا جي فضل جي خوشخبري ٻڌائيندو رهان.


جڏهن ڪپتان اجازت ڏنس تڏهن پولس ڏاڪڻ تي بيهي هٿ جي اشاري سان ماڻهن کي خاموش ٿيڻ لاءِ چيو. جڏهن ماٺ ٿي ويئي تڏهن پولس عبراني ٻوليءَ ۾ کين چوڻ لڳو تہ


پوءِ خداوند عيسيٰ مون کي چيو تہ ’هتان روانو ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي غير قومن ڏانهن پري پري موڪليندس.‘“


تنهن تي آءٌ زمين تي ڪري پيس ۽ هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيم تہ ’سائول! اي سائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟‘


تڏهن اگرپا پولس کي چيو تہ ”تو کي اجازت آهي تہ تون پنهنجي پاران ڪجھہ چئُہ.“ پولس هٿ جو اشارو ڪندي پنهنجي صفائيءَ ۾ هي بيان ڏنو تہ


اسين سڀ زمين تي ڪري پياسين تہ ان وقت مون عبراني ٻوليءَ ۾ هڪ آواز ٻڌو تہ ’سائول! اي سائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟ ڏاند وانگر پنهنجي مالڪ جي لٺ آڏو لت کڻي تون پاڻ کي نقصان ڇو ٿو پهچائين؟‘


ڏسو، جنهن خدا جو آءٌ ٻانهو آهيان ۽ جنهن جي آءٌ عبادت ٿو ڪريان، تنهن جو ملائڪ رات منهنجي ڀرسان ظاهر ٿيو


خداوند عيسيٰ هن کي چيو تہ ”وڃ، ڇاڪاڻ تہ مون هن کي پنهنجي خدمت واسطي چونڊيو آهي تہ هو منهنجو نالو غير قومن، بادشاهن ۽ بني اسرائيل اڳيان ظاهر ڪري.


آءٌ خوشخبري ٻڌائيندي نہ ٿو شرمايان، ڇاڪاڻ تہ اها هر انهيءَ ماڻهوءَ جي ڇوٽڪاري لاءِ خدا جي قدرت آهي، جيڪو مسيح تي ايمان آڻي ٿو. اها پهريائين يهودين لاءِ ۽ هاڻي غير قومن لاءِ بہ آهي.


انهيءَ جي ئي معرفت خدا مون تي اهو ڪرم ڪيو جو آءٌ رسول مقرر ٿيس، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ مسيح جي نالي خاطر سڀني قومن جي ماڻهن کي هي پيغام ڏيان تہ هو ايمان آڻي فرمانبردار ٿين.


خدا، جنهن جي فرزند بابت خوشخبري ٻڌائڻ ۾ آءٌ پنهنجي دل وَ جان سان سندس خدمت ٿو ڪريان، سو ئي منهنجو شاهد آهي تہ ڪيئن نہ آءٌ هردم اوهان کي پنهنجي دعائن ۾ ياد ڪندي


اي غير قومن وارؤ! آءٌ خاص طور اوهان سان ڳالهائي رهيو آهيان، ڇاڪاڻ تہ آءٌ غير قومن ڏانهن رسول ڪري موڪليو ويو آهيان. مون کي پنهنجي هن ڪم تي فخر بہ آهي،


آءٌ عيسيٰ مسيح جو خادم ٿي غير قومن لاءِ ڪم ڪريان. سو آءٌ ڪاهن جي حيثيت وانگر مسيح بابت خدا جي خوشخبريءَ جي منادي ڪريان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ غير قومون پاڪ روح جي مخصوص ۽ پاڪ ڪرڻ سان خدا جي آڏو نذراني جي صورت ۾ قبول پون.


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جڏهن آءٌ اوهان وٽ ايندس تڏهن مسيح جي ڪامل برڪت اسان تي نازل ٿيندي.


هائو، جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا سي اسان جي خداوند مسيح جي خدمت نہ ٿا ڪن، پر پنهنجي پيٽ جي پوڄا ٿا ڪن ۽ پنهنجي سڻڀي ۽ مٺيءَ زبان سان اٻوجھن جون دليون ٿا ٺڳين.


جيڪو راز گھڻي وقت کان وٺي ڳجھو رکيو ويو هو، سو هاڻي ابدي خدا جي حڪم موجب نبين جي لکتن جي وسيلي سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي ايمان آڻي فرمانبردار ٿين. عيسيٰ مسيح جي جنهن خوشخبريءَ جي آءٌ منادي ٿو ڪريان تنهن ۾ انهيءَ راز جي ظاهر ٿيڻ موجب شل خدا اوهان کي ايمان ۾ مضبوط ڪري.


هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو خدا جي مرضيءَ سان مسيح يعني عيسيٰ جو رسول ٿيڻ لاءِ سڏيو ويو آهيان. هي اسان جي ڀاءُ سوسٿنيس جي طرفان بہ آهي.


ڇا ٻين وانگر آءٌ پنهنجو حق وٺڻ لاءِ آزاد نہ آهيان؟ ڇا آءٌ رسول نہ آهيان؟ ڇا مون عيسيٰ کي نہ ڏٺو آهي جيڪو اسان جو خداوند آهي؟ ڇا اوهين خداوند جي لاءِ منهنجي خدمت جو نتيجو نہ آهيو؟


هي خط مون پولس، جيڪو خدا جي مرضيءَ سان مسيح يعني عيسيٰ جو رسول آهيان ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان لکجي ٿو. هي خط ڪرنٿس شهر ۾ خدا جي ڪليسيا بلڪ اخيا صوبي جي پوري علائقي ۾ رهندڙ سڀني مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن ڏانهن آهي.


اهڙي منادي ڪرڻ وارا، جن کي اوهين تمام وڏا رسول ٿا سمجھو، تن کان آءٌ پاڻ کي ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گھٽ نہ ٿو سمجھان.


ڀلا ڇا منهنجو ڏوهہ اهو آهي جو مون اوهان کي خدا جي خوشخبري مفت ۾ ٻڌائڻ سان پنهنجو پاڻ کي هيٺاهون ڪيو تہ جيئن اوهان جو مان مٿاهون ٿئي؟


آءٌ بي‌وقوف تہ برابر ٿيو آهيان، پر انهيءَ لاءِ اوهان ئي مون کي مجبور ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان منهنجي تعريف نہ ڪئي جيڪا اوهان کي ڪرڻ گھربي هئي. جيتوڻيڪ آءٌ ڪجھہ بہ نہ آهيان، تڏهن بہ جن کي اوهين تمام وڏا رسول سمجھو ٿا، تن کان آءٌ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گھٽ نہ آهيان.


جڏهن آءٌ مسيح بابت خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ تروآس شهر ۾ پهتس تہ خداوند عيسيٰ جي طرفان مون لاءِ خدمت ڪرڻ جو هڪڙو در کُلي پيو.


جڏهن تہ اسين پاڻ بابت نہ پر عيسيٰ مسيح بابت تبليغ ڪريون ٿا تہ هو ئي خداوند آهي ۽ پنهنجي لاءِ هيئن ٿا چئون تہ عيسيٰ جي خاطر اسين اوهان جا خادم آهيون.


هي خط مون پولس رسول جي طرفان آهي. آءٌ نہ ماڻهن جي پاران نڪي ماڻهن جي وسيلي رسول چونڊيو ويو آهيان. پر آءٌ عيسيٰ مسيح ۽ پيءُ يعني خدا جي طرفان آهيان، جنهن مسيح کي مئلن مان جيئرو ڪري اٿاريو.


هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو خدا جي مرضيءَ سان مسيح يعني عيسيٰ جو رسول آهيان. هي خط اِفسس شهر ۾ رهندڙ اوهان مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن ڏانهن لکجي ٿو، جيڪي عيسيٰ مسيح جا وفادار پوئلڳ آهيو.


اوهين غير يهودي بہ مسيح جا ٿيا جڏهن اوهان سچائيءَ جو پيغام يعني خوشخبري ٻڌي مسيح تي ايمان آندو ۽ اها خوشخبري اوهان لاءِ ڇوٽڪاري جو سبب بڻي. اهڙيءَ طرح خدا پنهنجو واعدو پورو ڪندي اوهان کي بہ پاڪ روح عطا ڪيو، جيڪو سندس مالڪيءَ جي مُهر آهي.


مسيح پنهنجي بخشش وارو فضل اهڙي نموني ورهايو جو ڪن کي رسول، ڪن کي خدا جو پيغام ڏيندڙ، ڪن کي خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ ڪن کي ڪليسيا جا نگهبان ۽ استاد مقرر ڪيائين.


هوڏانهن جڏهن بني اسرائيل اڃا سينا جبل وٽ ئي هئا تہ خداوند لاويءَ جي قبيلي کي الڳ ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اهي خداوند جي عهد واري صندوق کڻن ۽ خداوند جي حضور ۾ حاضر رهي سندس خدمت ڪن ۽ سندس نالو وٺي ماڻهن لاءِ خير جي دعا گھرن. اڄ ڏينهن تائين ائين ئي ٿيندو پيو اچي.


هي خط مون پولس ۽ تيمٿيس جي طرفان آهي، جيڪي مسيح يعني عيسيٰ جا ٻانها آهيون. هي خط ڪليسيا جي نگهبانن ۽ خادمن سميت عيسيٰ مسيح ۾ انهن سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن ڏانهن لکجي ٿو جيڪي فلپي شهر ۾ رهن ٿا.


۽ هر هڪ زبان اقرار ڪري تہ ”عيسيٰ مسيح ئي خداوند آهي،“ تہ جيئن خدا پيءُ جي عظمت جي واکاڻ ٿئي.


هي خط مون پولس، جيڪو خدا جي مرضيءَ سان مسيح يعني عيسيٰ جو رسول آهيان ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان آهي.


خدا مون کي ڪليسيا جو خادم مقرر ڪري اها ذميواري ڏني آهي تہ آءٌ مسيح بابت خدا جو پيغام اوهان وٽ پوريءَ طرح پيش ڪريان.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان وٽ اچڻ کان اڳ فلپي شهر ۾ اسان ڪيڏيون نہ تڪليفون سٺيون ۽ ڪيئن نہ اسان کي بي‌عزت ڪيو ويو. پر خدا اسان کي همت ڏني جو سخت مخالفت جي باوجود اسان اوهان وٽ اچي بنا ڪنهن خوف جي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائي.


انهيءَ طرح اسان کي اوهان لاءِ ايڏي تہ چاهت هئي جو اسان اوهان کي نہ رڳو خدا جي خوشخبري ٻڌائي، بلڪ پنهنجي جان بہ اوهان جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار هئاسين، ڇاڪاڻ تہ اوهين اسان جا ڏاڍا پيارا ٿي ويا هئا.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي ضرور ياد هوندو تہ جڏهن اسان اوهان کي خدا جي خوشخبري پئي ٻڌائي، تڏهن اسان رات ڏينهن محنت ۽ سخت پورهيو بہ ٿي ڪيو تہ جيئن ڪنهن تي بہ بار نہ ٿيون.


هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا ۽ اسان جي اميد مسيح يعني عيسيٰ جي حڪم سان سندس رسول آهيان.


انهيءَ شاهديءَ جو منادي ڪندڙ ۽ رسول مون کي مقرر ڪيو ويو، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ غير قومن کي تعليم ڏيان تہ جيئن اهي ايمان آڻي سچائيءَ کي ڄاڻي وٺن. آءٌ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالهايان.


مون کي انهيءَ ئي خوشخبريءَ جو منادي ڪندڙ، رسول ۽ استاد مقرر ڪيو ويو،


هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو خدا جو ٻانهو ۽ عيسيٰ مسيح جو رسول آهيان. آءٌ انهيءَ ڪري مقرر ڪيو ويو آهيان تہ جيئن ايمان ۾ مضبوط رهڻ لاءِ خدا جي چونڊيلن جي رهنمائي ڪريان ۽ کين انهيءَ سچائيءَ جي پوريءَ طرح ڄاڻ ڏيان، جيڪا دينداريءَ جو رستو ٿي ڏيکاري.


عزت وارو اهو عهدو ڪوبہ ماڻهو پنهنجو پاڻ حاصل ڪري نہ ٿو سگھي، جيستائين خدا کيس هارون نالي پهرئين سردار ڪاهن وانگر نہ چونڊي.


سو اهڙي ئي سردار ڪاهن جي اسان کي گھرج هئي جيڪو پاڪ، بي‌ڏوهہ، بي‌عيب، گنهگارن کان ڌار ۽ مٿي عرش عظيم تائين بلند ڪيو ويو هجي.


هي خط خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي ٻانهي مون يعقوب جي طرفان اوهان هنڌ هنڌ پکڙيل ماڻهن ڏانهن آهي، جيڪي خدا جا چونڊيل آهيو. آءٌ اوهان کي سلام ٿو چوان.


هاڻي اهو وقت اچي پهتو آهي تہ عدالت خدا جي گھراڻي کان شروع ٿئي. سو جيڪڏهن اها عدالت اسان جي بہ ٿئي ٿي تہ پوءِ انهن جو ڪهڙو انجام ٿيندو جيڪي مسيح بابت خدا جي خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين؟


هي خط مون شمعون پطرس جي طرفان آهي، جيڪو عيسيٰ مسيح جو ٻانهو ۽ رسول آهيان. هي خط انهن ڏانهن ٿو لکجي، جن کي اسان جي خدا ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ، يعني عيسيٰ مسيح جي سچائيءَ جي وسيلي اسان جهڙو قيمتي ايمان حاصل ٿيو آهي.


هي خط مون يهوداہ جي طرفان آهي، جيڪو عيسيٰ مسيح جو ٻانهو ۽ يعقوب جو ڀاءُ آهيان. هي انهن ڏانهن لکجي ٿو، جيڪي خدا پيءُ جي پيار ۽ عيسيٰ مسيح جي حفاظت ۾ رهڻ لاءِ سڏيا ويا آهن.


هن ڪتاب ۾ انهن ڳالهين جو بيان آهي، جيڪي عيسيٰ مسيح ظاهر ڪيون. اهو مڪاشفو خدا هن کي انهيءَ لاءِ ڏنو تہ هو پنهنجي ٻانهن کي اهي ڳالهيون ڏيکاري جيڪي جلد ٿيڻ واريون آهن. مسيح پنهنجي ملائڪ جي وسيلي پنهنجي ٻانهي يوحنا تي اهي ڳالهيون ظاهر ڪيون.


پوءِ انهيءَ ملائڪ مون کي چيو تہ ”هي ڳالهيون اعتبار جوڳيون ۽ سچيون آهن.“ خداوند خدا، جيڪو پنهنجي پيغام ڏيندڙن تي پنهنجو روح نازل ڪري ٿو، تنهن پنهنجو ملائڪ انهيءَ لاءِ موڪليو تہ پنهنجي ٻانهن کي اهي ڳالهيون ڏيکاري جيڪي جلد ٿيڻ واريون آهن.


پر هن چيو تہ ”خبردار، متان ائين ڪرين! رڳو خدا کي ئي سجدو ڪر! آءٌ تہ تو وانگر، ٻين پيغام ڏيندڙن وانگر ۽ هن ڪتاب جي ڳالهين تي عمل ڪرڻ وارن وانگر خدمت ڪرڻ وارو آهيان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ