Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 9:20 - Muslim Sindhi Bible

20 جيڪي ماڻهو انهن آفتن مان باقي بچيا، تن بڇڙائيءَ کان توبهہ نہ ڪئي. هائو، اهي بدروحن ۽ سون، چانديءَ، پتل، پٿر ۽ ڪاٺ جي ٺهيل بتن جي پوڄا ڪرڻ کان نہ مڙيا، جيڪي نہ ڏسي سگھن ٿا، نہ ٻڌي سگھن ٿا ۽ نہ وري گھمي ڦري ٿا سگھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ باقي ماڻهو جي انهن آفتن جي ڪري نہ مُئا، تن پنهنجي هٿن جي ڪمن کان توبهہ نہ ڪئي، ۽ نہ انهيءَ کان، تہ بدروحن جي، ۽ سون، ۽ چاندي، ۽ پتل، ۽ پهڻ، ۽ ڪاٺ جي بُتن جي عبادت نہ ڪن؛ جي نہ ڏسن، نہ ٻُڌن ٿا، نڪي هلي ٿا سگهن:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 جيڪي ماڻهو انهن آفتن مان باقي بچيا، تن بڇڙائيءَ کان توبهہ نہ ڪئي. هائو، اهي برين آتمائن ۽ سون، چانديءَ، پتل، پٿر ۽ ڪاٺ جي ٺهيل بتن جي پوجا ڪرڻ کان نہ مڙيا، جيڪي نہ ڏسي سگھن ٿا، نہ ٻڌي سگھن ٿا ۽ نہ وري گھمي ڦري ٿا سگھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 جيڪي ماڻھو باقي بچيا جن کي انھن آفتن نہ ماريو، تن نہ توبھہ ڪئي ۽ نڪي ھنن پنھنجن بڻايل بتن کي ڇڏيو. اُھي بدروحن ۽ سون، چانديءَ، پتل، پٿر ۽ ڪاٺ جي ٺھيل بتن جي پوڄا ڪرڻ کان نہ مڙيا، جيتوڻيڪ اھڙيون شيون نہ ڏسي سگھن ٿيون، نہ ٻڌي سگھن ٿيون ۽ نڪي گھمي ڦري سگھن ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 9:20
43 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن تہ هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ غير معبودن اڳيان قربانيون پيش ڪيون اٿن ۽ پنهنجن اعمالن سان مون کي ڪاوڙايو اٿن، انهيءَ ڪري منهنجي ڪاوڙ يروشلم تي ڀڙڪي آهي جيڪا هرگز جھڪي نہ ٿيندي.‘


آخز بادشاهہ پنهنجي تنگيءَ وارن ڏينهن ۾ اڃا بہ وڌيڪ خداوند جو نافرمان ٿي پيو.


انهيءَ ڪري جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ٻين معبودن لاءِ قربانيون پيش ڪيون اٿن، ۽ پنهنجي ئي اعمالن سان مون کي ڪاوڙايو اٿن، تنهنڪري منهنجو قهر يروشلم تي نازل ٿيندو جيڪو هرگز جھڪو نہ ٿيندو.


ڪنعان ملڪ جي انهن ڀوتن جي آڏو هنن پنهنجا ٻچا بہ قربان ڪيا. هائو، پنهنجي معصوم پٽن توڙي ڌيئرن جو رت وهائي، هنن پنهنجي ملڪ کي پليت ڪري ڇڏيو.


ان جي باوجود هنن جو ملڪ بتن سان ڀريل آهي، اهي پنهنجن هٿن سان ٺاهيل انهن شين جي پوڄا ٿا ڪن.


اهڙيءَ طرح بت ٺاهيندڙ واڍا، سونارا ۽ ٻيا ڪاريگر هڪٻئي کي همتائي چون ٿا تہ ’ديوتا جي مورتيءَ تي ٽاڪو مضبوط لڳل آهي. دلجاءِ ڪريو.‘ سو اهي انهن بتن کي ڪلين سان سوگھو ٿا ڪن، تہ جيئن اهي اونڌا ٿي نہ ڪرن.


آءٌ پنهنجي قوم جي بڇڙائيءَ سبب مٿن پنهنجي فتويٰ جاري ڪندس، ڇاڪاڻ تہ هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، غير معبودن آڏو قربانيون پيش ڪيون اٿائون ۽ پنهنجي هٿن سان ٺاهيل شين جي پوڄا ڪئي اٿائون.


اوهين غير معبودن يا پنهنجي هٿن سان ٺاهيل بتن جا پوئلڳ بڻجي انهن جي پوڄا نہ ڪريو، نڪي انهن کي سجدو ڪري خداوند کي چڙ ڏياريو. تڏهن خداوند اوهان کي ڪوبہ ايذاءُ نہ رسائيندو.‘


مصر ملڪ جتي اوهين رهڻ لاءِ آيا آهيو، اتي ڇو غير معبودن جي پوڄا ڪندي سندن اڳيان قربانيون پيش ڪري اوهين مون کي ڪاوڙ ٿا ڏياريو؟ اهڙيءَ طرح اوهين پاڻ کي برباد ڪري دنيا جي سڀني قومن منجھہ لعنت ۽ ملامت جوڳو بڻائيندا.


اي خداوند! بيشڪ تنهنجيون اکيون ماڻهن ۾ سچائيءَ کي تلاش ڪنديون رهن ٿيون. تو يروشلم وارن کي سٽي وڌو، پر مٿن ڪو اثر نہ ٿيو. تو کين چٿيو تہ بہ هو نہ سڌريا. هنن هوڏ ڪئي ۽ توبهہ‌تائب ٿيڻ کان انڪار ڪيائون.


اهو ڏسندي هر بت‌پرست ماڻهو بي‌سمجھہ ۽ اڻ‌ڄاڻ ثابت ٿئي ٿو. هر سونارو پنهنجي اُڪريل مورت جي ڪري نااميد ٿئي ٿو، ڇو تہ سندس اُڪريل مورتيون دوکو آهن، جن ۾ ساهہ ئي ڪونهي.


اٽلندو عرش عظيم جي مالڪ آڏو تو پاڻ کي مٿاهون بڻايو آهي. ايتري قدر جو سندس هيڪل جا ٿانوَ تو پاڻ وٽ گھرايا ۽ تو، تنهنجي اميرن، تنهنجين زالن ۽ سريتن انهن ۾ مئي پيتي آهي. انهيءَ کان علاوہ تو چانديءَ، سون، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پٿر جي انهن بتن جي واکاڻ ڪئي، جيڪي نہ ڏسن ٿا، نڪي ٻڌن ٿا ۽ نہ وري ڪجھہ ڄاڻين ٿا. پر جنهن خدا جي هٿ ۾ تنهنجو ساهہ آهي ۽ جنهن جي قبضي ۾ تنهنجيون سموريون راهون آهن، تنهن جي وڏائي تو بيان نہ ڪئي آهي.


هو مئي پيئڻ سان گڏ سون، چانديءَ، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پٿر مان ٺهيل پنهنجي معبودن جي تعريف ۽ واکاڻ ڪندا ٿي رهيا.


اڳتي بني اسرائيل جا ماڻهو ٻڪر جي ڀوتن جي لاءِ پنهنجيون قربانيون نہ ڪن، ڇاڪاڻ تہ اهڙيءَ طرح هو مون سان بي‌وفائي ٿا ڪن. اهو ئي هنن جي لاءِ سندن پيڙهي بہ پيڙهي هميشہ جو قانون ٿيندو.‘


آءٌ اوهان جون تراشيل مورتيون، ٿنڀي جيان کوڙيل پوڄا وارا پٿر، ۽ يسيرہ نالي اوهان جي ديويءَ جا کوڙيل بت ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس. بلڪ آءٌ اوهان جا بت‌پرستيءَ وارا شهر بہ ناس ڪري ڇڏيندس. اوهين اڳتي وري ڪڏهن بہ پنهنجي هٿن سان جوڙيل شين جي پوڄا نہ ڪندا.


ان جو سبب هي آهي تہ يحيٰ جيڪو اوهان کي سچائيءَ جو رستو ڏيکارڻ لاءِ آيو هو، تنهن تي اوهان يقين نہ ڪيو، جڏهن تہ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ ڪسبياڻين هن تي يقين ڪيو انهيءَ رستي تي آيا. اهو سڀ ڏسڻ کان پوءِ بہ اوهان نہ پڇتايو جو مٿس يقين ڪريو ها.“


هاڻ جيئن تہ اسين خدا جو اولاد آهيون، تنهنڪري اهو مناسب نہ آهي جو اسين سمجھون تہ هن جي ذات سون، چانديءَ يا پٿر جي ڪنهن بت وانگر آهي، جيڪو انساني هنر ۽ ڪاريگريءَ سان ٺاهيو وڃي ٿو.


اوهين پاڻ ڏسي ۽ ٻڌي سگھو ٿا تہ نہ رڳو اِفسس ۾، بلڪ سڄي آسيا صوبي ۾ هن شخص پولس گھڻن ماڻهن کي برغلائي گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي. هو چئي رهيو آهي تہ ’ماڻهن جا ٺاهيل هي بت خدا هرگز نہ آهن.‘


انهن ئي ڏينهن ۾ هنن هڪڙو بت ٺاهيو، جيڪو گابي جي شڪل جهڙو هو ۽ انهيءَ بت تي قرباني ڏنائون. هو پنهنجن هٿن سان ٺهيل بت کي ڏسي خوشيون ڪرڻ لڳا.


هائو، مون کي اهو بہ ڊپ آهي تہ جڏهن آءٌ وري اوهان وٽ اچان تہ منهنجو خدا متان مون کي اوهان جي اڳيان شرمندو ڪري ۽ مون کي اهڙن گھڻن ماڻهن جي ڪري افسوس ڪرڻو پوي جن هيستائين حرامڪاريءَ، زناڪاريءَ ۽ فحاشيءَ وارا ڪم ڪري گناهہ پئي ڪيا آهن ۽ انهن کان توبهہ نہ ڪئي اٿن.


مون کي يقين آهي تہ منهنجي مرڻ کان پوءِ اهي پاڻ کي بلڪل بگاڙي ڇڏيندا ۽ جنهن واٽ جو مون کين حڪم ڏنو آهي، تنهن کان ڦري ويندا. تڏهن پوين ڏينهن ۾ هنن تي مصيبتون اينديون، ڇاڪاڻ تہ اهي پنهنجن هٿن سان اهڙا ڪم ڪري خداوند کي غصو ڏياريندا، جيڪي سندس نظر ۾ برا آهن.“


هنن ڀوتن لاءِ قربانيون ڪيون جيڪي حقيقي معبود ڪين هئا، هائو، اهڙن ديوتائن لاءِ جن کان هو واقف ئي نہ هئا. اهي اهڙا نوان نوان ديوتا هئا جيڪي هاڻ اچي ظاهر ٿيا هئا، جن جي سندن ابن ڏاڏن بہ ڪڏهن تعظيم نہ ڪئي هئي.


اُتي اوهين ماڻهن جي هٿرادو ٺهيل ڪاٺ ۽ پٿر جي معبودن جي پوڄا ڪندا، جيڪي نہ ڏسندا، نہ ٻڌندا، نڪي کائيندا ۽ نہ وري سنگھندا هوندا.


پاڪ روح صاف طور چوي ٿو تہ آخري ڏينهن ۾ ڪي ماڻهو ايمان کان ڦري گمراهہ ڪندڙ روحن ۽ ڀوتن جي تعليم تي ڌيان ڏيندا.


پوءِ مون آسمان ۾ هڪڙو ٻيو وڏو عجيب نشان ڏٺو، يعني ست ملائڪ جن وٽ ست آفتون هيون. اهي آفتون آخري آهن، ڇاڪاڻ تہ انهن تي خدا جو غضب پورو ٿئي ٿو.


چوٿين ملائڪ پنهنجو پيالو سج تي هاريو تہ سج کي اختيار ڏنو ويو تہ ماڻهن کي باهہ سان ساڙي.


انهن گھوڙن جو زور نہ رڳو سندن واتن ۾، بلڪ سندن پڇن ۾ بہ هو، ڇاڪاڻ تہ انهن جا پڇ نانگن جهڙا هئا. انهن پڇن ۾ سسيون هيون، جن سان ماڻهن کي ايذاءَ ٿي ڏنائون.


انهيءَ سان گڏوگڏ هنن قتل، جادوگريءَ، حرامڪاريءَ ۽ چوريءَ جي ڪمن کان بہ توبهہ نہ ڪئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ