مڪاشفو 22:19 - Muslim Sindhi Bible19 جيڪڏهن ڪو هن ڪتاب جي ڳالهين مان ڪي گھٽائيندو تہ خدا زندگي ڏيندڙ وڻ ۽ پاڪ شهر مان، جن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ ڪيل آهي، انهيءَ شخص جو حصو ڪڍي ڇڏيندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible19 ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو هن نبوت جي ڪتاب جي ڳالهين مان ڪي ڪڍندو، تہ خدا زندگيءَ جي وڻ ۽ پاڪ شهر مان، جن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ ڪيل آهي، هن جو حصو ڪڍي ڇڏيندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible19 جيڪڏهن ڪو هن شاستر جي ڳالهين مان ڪي گھٽائيندو تہ ايشور جيون ڏيندڙ وڻ ۽ پوِتر شهر مان، جن جي ڳالهہ هن شاستر ۾ ڪيل آهي، انهيءَ شخص جو حصو ڪڍي ڇڏيندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament19 جيڪڏھن ڪو ھن ڪتاب جي پيشنگوئين مان ڪي ڳالھيون گھٽائيندو تہ خدا زندگيءَ جي وڻ ۽ پاڪ شھر مان، جن جو ذڪر ھن ڪتاب ۾ ڪيل آھي، انھيءَ شخص جو حصو ڪڍي ڇڏيندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو، تنهن کي آءٌ پنهنجي خدا جي هيڪل جو اهڙو ٿنڀو بڻائيندس جيڪو اتي هميشہ تائين قائم رهندو. آءٌ انهيءَ تي پنهنجي خدا جو نالو ۽ پنهنجي خدا جي شهر، يعني انهيءَ نئين يروشلم جو نالو اڪريندس، جيڪو منهنجي خدا وٽان آسمان کان هيٺ لهي اچڻ وارو آهي. آءٌ پنهنجو نئون نالو بہ انهيءَ ٿنڀي تي اڪريندس.