Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 21:23 - Muslim Sindhi Bible

23 انهيءَ شهر کي روشنيءَ لاءِ سج يا چنڊ جي ضرورت ڪانہ هئي، ڇاڪاڻ تہ خدا جو جلوو ان کي روشن ٿو ڪري ۽ گھيٽڙو ان جو ڏيئو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ انهي شهر کي روشنيءَ لاءِ سج جي گهُرج ڪانہ هئي، نڪا چنڊ جي؛ ڇالاءِ جو خدا جو جلال کيس روشن ٿو ڪري، ۽ گهيٽو سندس چراغ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 انهيءَ شهر کي روشنيءَ لاءِ سج يا چنڊ جي ضرورت ڪانہ هئي، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي جوت ان کي روشن ٿي ڪري ۽ گھيٽڙو ان جو ڏيئو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 انھيءَ شھر کي روشنيءَ لاءِ سج يا چنڊ جي ضرورت ڪانہ ھئي، ڇالاءِ⁠جو خدا جو جلوو کيس روشن ٿو ڪري ۽ گھيٽو سندس چراغ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 21:23
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ سبب جو تون خداوند خدا ئي اسان جي رهنمائي ڪندڙ ۽ محافظ آهين. تون ئي اسان کي فضل ۽ عظمت بخشين ٿو. بيشڪ جيڪي سچائيءَ جي راهہ تي هلن ٿا، تن کان تون ڪابہ چڱي شيءِ نہ ٿو روڪين.


اهو ڏينهن اچڻ وارو آهي، جڏهن اهي خداوند جي غضب، ۽ سندس جلال جي تجليءَ کان ڊڄي، پهاڙن جي غارن ۽ کڏن کوٻن ۾ وڃي لڪندا. ان وقت انساني غرور کي ٽوڙيو ويندو، ۽ بني آدم جي وڏائيءَ کي برباد ڪيو ويندو. انهيءَ ڏينهن رڳو خداوند ئي سربلند هوندو.


جڏهن خداوند ڌرتيءَ وارن کي سزا ڏيڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيندو، تڏهن ماڻهو سندس جلال جي تجليءَ ۽ غضب کان ڊڄي پهاڙن جي غارن ۽ کڏن کوٻن ۾ وڃي لڪندا.


جڏهن خداوند ڌرتيءَ وارن کي سزا ڏيڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيندو، تڏهن اهي سندس غضب ۽ سندس جلال جي تجليءَ کان ڊڄي، ٽڪرن جي غارن ۽ پهاڙن جي وٿين ۾ وڃي لڪندا.


انهيءَ وقت قادرِمطلق خداوند جي ئي بادشاهي هوندي، هو صيئون جبل تي اڏيل يروشلم شهر مان حڪم هلائيندو، ۽ سندس قوم جا حاڪم سندس جلوو پيا پسندا. خداوند جو جلوو ايترو تہ تجليءَ وارو هوندو جو سج چنڊ بہ سندس آڏو لڄي ۽ شرمسار هوندا.


انهيءَ ڏينهن جڏهن خداوند پنهنجيءَ قوم جي ڦٽن تي پٽي ٻڌندو ۽ سندن ڌڪن جا زخم ڇٽائيندو، تڏهن چنڊ جي روشنائي سج جي روشنائيءَ جهڙي ٿيندي ۽ سج جي روشنائي ستوڻي، بلڪ ستن ڏينهن جي روشنائيءَ جهڙي پُر نور ٿيندي.


خدا ادوم ملڪ جي پاسي کان اچي ٿو، اها پاڪ هستي فاران جبلن تان اچي ٿي. هن جو جلوو آسمانن کي ڍڪي ٿو ۽ ڌرتي هن جي واکاڻ سان ڀرجي وڃي ٿي.


ڏسو، ابنِ آدم پنهنجي پيءُ جي جلوي ۾ ملائڪن سان گڏ جلد ايندو ۽ هر هڪ ماڻهوءَ کي سندس عملن موجب اجر ڏيندو.


جيڪڏهن ڪو هن گمراهہ ۽ بڇڙي زماني ۾ مون کان ۽ منهنجي ڳالهين کان شرمائيندو تہ ابنِ آدم بہ ان کان شرمائيندو، جڏهن هو پنهنجي پيءُ جي جلوي ۾ پاڪ ملائڪن سان گڏ ايندو.“


يعني غير قومن واسطي تنهنجي رستي تي هلڻ لاءِ روشنائي، ۽ تنهنجي قوم بني اسرائيل لاءِ وڏائي.“


اهو ڪلام انساني صورت ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رهيو. اسان سندس جلوو ڏٺو، جيڪو هن کي پيءُ جي هڪڙي ئي فرزند هئڻ ڪري مليو ۽ هو فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور هو.


ڪنهن بہ ماڻهوءَ خدا کي ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي، پر سندس اڪيلي ئي فرزند، جيڪو ساڻس ويجھي ۾ ويجھو آهي، تنهن ئي کيس ظاهر ڪيو آهي.


ڪلام ۾ زندگي هئي ۽ اها زندگي انسانن لاءِ روشني هئي.


اها حقيقي روشني جيڪا هر هڪ انسان تي چمڪندي آهي سا پاڻ دنيا ۾ اچڻ واري هئي.


اي بابا! آءٌ چاهيان ٿو تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آهن سي اتي مون سان گڏ هجن جتي آءٌ هجان، تہ جيئن اهي منهنجو اهو جلوو ڏسن جنهن ۾ تو مون کي پاڻ سان انهيءَ لاءِ شريڪ ڪيو آهي جو دنيا جي پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي تون مون سان پيار ڪرين ٿو.


اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ سڀيئي ماڻهو فرزند جي اهڙي نموني عزت ڪن جهڙي نموني پيءُ جي عزت ڪن ٿا. تنهنڪري جيڪو فرزند جي عزت نہ ٿو ڪري سو پيءُ جي عزت نہ ٿو ڪري، جنهن کيس موڪليو آهي.


آءٌ انهيءَ روشنيءَ جي چمڪ جي ڪري انڌو ٿي پيس، سو منهنجا سنگتي ساٿي مون کي هٿ کان وٺي دمشق ۾ آيا.


اهي ڪنوارن جيان پاڻ کي پاڪ رکندي گھيٽڙي جي ئي پٺيان هلن پيا. جيڏانهن هو وڃي ٿو، اوڏانهن اهي بہ وڃن ٿا. انهن کي گھيٽڙي مُلهہ ڏيئي انسانن مان خريد ڪيو آهي، تہ جيئن خدا ۽ گھيٽڙي جو پهريون ڦل ٿين.


ان کان پوءِ مون هڪڙو ٻيو ملائڪ آسمان مان لهندي ڏٺو، جنهن کي وڏو اختيار مليل هو. هن جي جلوي جي ڪري ڌرتي روشن ٿي ويئي.


اُن ۾ خدا جو جلوو هو ۽ اهو تمام قيمتي هيري جواهر وانگر چمڪي رهيو هو، ڄڻ تہ زبرجد ۽ اهڙو صاف هو جهڙو بلور.


شهر جا دروازا ڏينهن جو ڪڏهن بہ بند نہ ٿيندا ۽ رات تہ اتي ٿيندي ئي ڪانہ.


اتي وري ڪڏهن بہ رات نہ ٿيندي، تنهنڪري انهن کي ڏيئي يا سج جي روشنيءَ جي ضرورت نہ پوندي، ڇاڪاڻ تہ خداوند خدا انهن کي روشن ڪندو ۽ اهي هميشہ هميشہ تائين بادشاهي ڪندا.


پوءِ مون چئن ساهوارن ۽ انهن بزرگن جي وچ ۾ رکيل انهيءَ تخت وٽ هڪڙو گھيٽڙو بيٺل ڏٺو. ائين ٿي لڳو تہ هن کي ڪُٺو ويو هجي. انهيءَ کي ست سڱ ۽ ست اکيون هيون. اهي اکيون خدا جا ست روح آهن جيڪي سڄي ڌرتيءَ تي موڪليا ويا آهن.


اهو انهيءَ جي ڪري ٿيندو جو گھيٽڙو جيڪو تخت جي وچ ۾ آهي، سو هنن جو ڌنار هوندو ۽ کين آبِ‌حيات جي چشمن وٽ وٺي ويندو ۽ خدا سندن اکين جا سڀ ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ