Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 18:5 - Muslim Sindhi Bible

5 ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جا گناهہ عرش عظيم تائين اچي پهتا آهن، ۽ خدا کي هن جون بدڪاريون ياد آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ڇالاءِ جو انهي جا گناهہ آسمان تائين وڃي پهتا آهن، ۽ خدا هن جي بدڪارين کي ياد ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جا پاپ ايشور جي تخت تائين اچي پهتا آهن، ۽ ايشور کي هن جون بدڪاريون ياد آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 ڇالاءِ⁠جو انھيءَ جا گناھہ آسمان تائين وڃي پھتا آھن، ۽ خدا کي ھن جون بدڪاريون ياد آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 18:5
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سامريہ شهر ۾ ئي عودد نالي خداوند جو هڪڙو نبي رهندو هو، جيڪو ٻاهر نڪري وڃي سامريہ ڏانهن موٽندڙ لشڪر سان مليو. هن کين چيو تہ ”جيئن تہ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا يهوداہ تي ڪاوڙيل هو، تنهنڪري هن انهن کي اوهان جي هٿن ۾ ڏنو آهي. پر اوهان جنهن بيدرديءَ سان کين ڪٺو آهي، تنهن جي دانهن عرش عظيم تائين وڃي پهتي آهي.


دعا گھريم تہ ”اي منهنجا خدا! آءٌ شرمندو آهيان، اي منهنجا خدا! آءٌ تو ڏانهن پنهنجو منهن کڻڻ کان لڄي ٿي رهيو آهيان، ڇاڪاڻ تہ اسان جا گناهہ وڌي اسان جي ڳاٽ کان بہ مٿي ٿي ويا آهن ۽ اسان جون خطائون وڃي آسمان سان لڳيون آهن.


پر اهي چوندا تہ ”اسان بابل جا زخم ڇٽائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان جا زخم ڇٽي نہ سگھيا. سو ڇڏي ڏيوس. هلو تہ اسين پنهنجي پنهنجي وطن موٽي هلون، ڇاڪاڻ تہ بابلين جي سزا چوٽ چڙهي ويئي آهي.“


”اُٿ، وڏي شهر نينواہ ڏانهن وڃ ۽ اُتان جي ماڻهن کي ٻڌاءِ تہ مون کي خبر آهي تہ اوهين بدڪار ٿي ويا آهيو.“


زلزلو ايڏو تہ سخت هو جو وڏو شهر بابل ٽي ٽڪرا ٿي پيو ۽ دنيا جا ٻيا شهر بہ ڪري پيا. ائين خدا اُن وڏي شهر بابل جي بڇڙائي ياد ڪري کيس پنهنجي وڏي غضب جي مئي جو پيالو پيئاريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ