Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 18:22 - Muslim Sindhi Bible

22 اي وڏا شهر بابل! ستارَ، بانسري، توتاري توڙي ڳائڻ جو آواز وري تو ۾ ڪڏهن بہ ڪونہ ٻڌبو. ڪوبہ ڪاريگر، ڪهڙي بہ ڌنڌي وارو، وري تو ۾ ڪونہ لڀندو ۽ نہ وري ڪڏهن تو ۾ ڪنهن چڪيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ۽ تنبوري وڄائيندڙن، ۽ ڳائيندڙن، ۽ بانسري وڄائيندڙن، ۽ تري وڄائيندڙن جو آواز وري تو وٽ ڪڏهن بہ ڪين ٻُڌبو، ۽ ڪوبہ ڪاريگر، ڪهڙي بہ ڌنڌي وارو تو ۾ ڪڏهن بہ ڪونہ لڀندو؛ ۽ نڪي ڪنهن ڪارخاني جو آواز تو ۾ وري ڪڏهن ٻُڌڻ ۾ ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 اي وڏا شهر بابل! ستارَ، بانسري، توتاري توڙي ڳائڻ جو آواز وري تو ۾ ڪڏهن بہ ڪونہ ٻڌبو. ڪوبہ ڪاريگر، ڪهڙي بہ ڌنڌي وارو، وري تو ۾ ڪونہ لڀندو ۽ نہ وري ڪڏهن تو ۾ ڪنهن چڪيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 جيڪي تنبورا ۽ بانسري وڄائيندا ۽ ڳائيندا ھئا، ۽ جيڪي توتارا وڄائيندا ھئا، تن جو وري تو ۾ آواز بہ ڪونہ ٻڌبو. ڪوبہ ڪاريگر، ڪھڙي بہ ڌنڌي وارو، وري تو ۾ ڪونہ لڀندو، ۽ نہ وري ڪڏھن تو ۾ ڪنھن اٽي جي چڪيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 18:22
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شال انهيءَ رات ۾ ڪو ئي بہ ٻار نہ ڄمي، هائو، شال انهيءَ رات ۾ ڪو خوشيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ نہ اچي.


اوهان جو آواز بلڪل جھيڻو ٿي ويندو ۽ اوهان جا ڪن اهڙا ٻوڙا ٿي پوندا جو اوهين گيت بہ ٻڌي ڪين سگھندا، جڏهن تہ پکين جو هلڪو آواز بہ اوهان جي ننڊ ڦٽائي وجھندو.


خداوند صيدا جي رهاڪن کي فرمايو تہ ”اي صيدا جا رهاڪؤ! اڄ تائين اوهان جي شهر کي ڪنهن هٿ بہ نہ لاتو آهي، پر هاڻي اوهان جون خوشيون ختم ٿي وينديون. هائو، اوهين مظلوم ٿي قبرص ڏانهن ڀڄي نڪرندا، جتي بہ اوهين امن وَ سلامتيءَ سان رهي نہ سگھندا.“


تون يهوداہ وارن کي خبردار ڪري ڇڏ تہ آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا هن ملڪ مان شادين مرادين بلڪ خوشيءَ ۽ سرهائيءَ جي هر طرح جي محفلن جو خاتمو آڻي ڇڏيندس. اهو سڀ هي ماڻهو پنهنجي اکين سان ڏسندا.


آءٌ هنن مان خوشيءَ ۽ سرهائيءَ جي آواز ۽ شادين جي آواز جو خاتمو آڻي ڇڏيندس، بلڪ اٽي جي چڪيءَ جو آواز ۽ ڏيئي جو سوجھرو بہ ڪڍي ڇڏيندس.


اهڙيءَ طرح آءٌ يروشلم جي گھٽين مان بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن مان خوشيءَ ۽ سرهائيءَ جي آواز ۽ شادين جي آواز جو خاتمو آڻي ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ ملڪ ويران ٿي ويو هوندو.


آءٌ تو ۾ ڳائڻ جو آواز بند ڪرائي ڇڏيندس، ۽ تنهنجي تار وارن سازن جو آواز اڳتي وري ٻڌڻ ۾ نہ ايندو.


پوءِ جڏهن عيسيٰ انهيءَ اڳواڻ جي گھر پهتو تڏهن ڏٺائين تہ جنازي تي ماتمي ساز پيا وڄن ۽ ماڻهن جو گوڙ لڳو پيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ