Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 14:19 - Muslim Sindhi Bible

19 انهيءَ ملائڪ پنهنجو ڏاٽو هلايو ۽ ڌرتيءَ جي انگورن واري ول جا ڇڳا وڍي گڏ ڪري رس ڪڍڻ واري انهيءَ وڏي حوض ۾ اڇلايا، جيڪو خدا جي غضب جو حوض آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ۽ انهي ملائڪ پنهنجو ڏاٽو زمين تي اُڇلايو ۽ زمين جي ڊاک گڏ ڪري خدا جي غضب جي وڏي چيچڙي ۾ وڌائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 انهيءَ دوت پنهنجو ڏاٽو هلايو ۽ ڌرتيءَ جي انگورن واري ول جا ڇڳا وڍي گڏ ڪري رس ڪڍڻ واري انهيءَ وڏي حوض ۾ اڇلايا، جيڪو ايشور جي ڏمر جو حوض آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 انھيءَ ملائڪ زمين تي پنھنجو ڏاٽو ھلايو ۽ زمين جي ڊاک جا ڇڳا گڏ ڪري رس ڪڍڻ واري انھيءَ وڏي حوض ۾ وڌا، جنھن جو نالو آھي خدا جو غضب.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 14:19
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند! تنهنجو لباس ڳاڙهو ڇو آهي؟ ۽ تنهنجا ڪپڙا انهيءَ ماڻهوءَ جهڙا ڇو آهن، جيڪو انگورن کي چيچڙي ۾ لتاڙيندو آهي؟


اهي تمام بدڪار آهن. سو جيئن پڪل فصل ۾ ڏاٽو وجھي لابارو ڪيو وڃي ٿو، تيئن ئي کين قتل ڪيو ويندو. هائو، جيئن انگورن کي لتاڙي حوض رس سان ڀري ٽمٽار ڪيو ويندو آهي، بلڪ اٿلي وهي پوندو آهي، تيئن ئي کين لتاڙي چٽ ڪيو ويندو.“


پوءِ هڪڙو ٽيون ملائڪ بہ آيو جيڪو قربان‌گاهہ مان نڪتو، جنهن کي باهہ تي اختيار هو. هن تکي ڏاٽي واري ملائڪ کي وڏي آواز سان چيو تہ ”پنهنجو تکو ڏاٽو هلاءِ ۽ ڌرتيءَ جي انگورن واري ول جا ڇڳا وڍي گڏ ڪر، ڇاڪاڻ تہ انگور پچي بلڪل راس ٿي ويا آهن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ