مڪاشفو 13:15 - Muslim Sindhi Bible15 انهيءَ ٻئي حيوان کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ پهرئين حيوان جي بت ۾ روح ڦوڪي، تہ جيئن اهو بت ڳالهائي ۽ جيڪي ماڻهو انهيءَ کي سجدو نہ ڪن تن کي مارائي ڇڏي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible15 ۽ کيس اهو اختيار ڏنو ويو تہ انهي ۾، يعني انهي حيوان جي بُت ۾ ڦوڪي ساهہ وجهي، تان تہ اُهو حيوان جو بُت ڳالهائي، ۽ جيترا ماڻهو انهي حيوان جي بُت جي پرستش نہ ڪن، تن کي مارائي ڇڏي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible15 انهيءَ ٻئي حيوان کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ پهرئين حيوان جي بت ۾ آتما ڦوڪي، تہ جيئن اهو بت ڳالهائي ۽ جيڪي ماڻهو انهيءَ اڳيان سيس نہ نوائين تن کي مارائي ڇڏي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament15 انھيءَ ٻئي حيوان کي اھو اختيار ڏنو ويو تہ پھرين حيوان جي بوتي ۾ روح ڦوڪي وجھي، تہ جيئن اھو بت ڳالھائي ۽ جيڪي ماڻھو انھيءَ بت جي پوڄا نہ ڪن تن کي مارائي ڇڏي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ مون تخت ڏٺا ۽ جيڪي انهن تي ويٺا هئا، تن کي عدالت ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو. هي اهي ماڻهو هئا جن جون سسيون عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ ۽ خدا جي پيغام ٻڌائڻ جي ڪري لاٿيون ويون هيون. هنن نہ انهيءَ حيوان ۽ سندس بت جي پوڄا ڪئي، نڪي ان جو نشان پنهنجي پيشانيءَ ۽ هٿ تي هڻايو. اهي جيئرا ٿي مسيح سان گڏ هزار سالن تائين بادشاهي ڪندا رهيا.