Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 12:2 - Muslim Sindhi Bible

2 اها عورت پيٽ سان هئي ۽ ويم جي سورن جي ڪري ڏاڍيون رڙيون پئي ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ اها حاملہ هئي ۽ ويم جي سورن کان رڙيون پئي ڪيائين، ۽ ٻار ڄڻڻ جي تڪليف هُيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 اها ناري پيٽ سان هئي ۽ ويم جي سورن جي ڪري ڏاڍيون رڙيون پئي ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 اُھا پيٽ ڀرئي سان ھئي ۽ ويم جي سورن جي ڪري رڙيون پئي ڪيائين، ڇالاءِ⁠جو ٻار ڄڻڻ تي ھئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 12:2
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند! تنهنجي ڏنل تڪليفن جي ڪري اسين اهڙيءَ ويم واري عورت جهڙا ٿياسين، جنهن جي ٻار ڄڻڻ جو وقت ويجھو هجي، ۽ اها سورن وچان لڇي ڦٿڪي ۽ دانهون پيئي ڪري.


هو پنهنجي ڏکن واري زندگيءَ کان پوءِ وري خوشيون ڏسندو. هن کي مون بابت وڏو عرفان حاصل هوندو، سو منهنجو اهو سچار ٻانهو گھڻن ئي کي سچار قرار ڏيندو، ۽ انهن جون خطائون پنهنجي سر تي کڻندو. هائو، هن جي خاطر آءٌ گھڻن ئي کي معاف ڪري ڇڏيندس.


اي يروشلم جي وسندي! تون جيڪا هڪ سنڍ عورت وانگر هئينءَ، جنهن کي ڪو ٻار ئي نہ ٿي ٿيو، سا خوشيءَ وچان ڳاءِ. هائو، تون جنهن ويم جا سور ئي نہ سٺا هئا، سا وڏي آواز سان خوشيءَ وچان ڳاءِ، ڇاڪاڻ تہ تو بابت خداوند جو واعدو آهي تہ ڏهاڳڻ جو اولاد سهاڳڻ جي اولاد کان گھڻو ٿيندو.


ٻڌو، شهر مان وڏي شور وَ غل، ۽ هيڪل مان وڏي هل هنگامي جو آواز ٻڌڻ ۾ پيو اچي. اهو مون خداوند جو پنهنجي دشمنن کي سزا ڏيڻ جو آواز آهي.


اي يروشلم جي وسندي! تون ڇو ٿي رڙيون ڪري روئين؟ ڇا تو ۾ ڪو بادشاهہ ڪونهي؟ ڇا تنهنجا صلاحڪار مري کپي ويا آهن؟ ڇو تون اهڙي تڪليف ۾ آهين، جو ڄڻ تو کي ويم واري عورت جي سورن اچي ورايو هجي؟


خداوند پنهنجي قوم کي تيستائين سندن دشمنن جي هٿ ۾ ڇڏي ڏيندو، جيستائين اهو حڪمران پنهنجي ماءُ جي پيٽان نہ ڄمي. پوءِ حڪمران جي قوم وارا جيڪي جلاوطنيءَ ۾ آهن، سي موٽي اچي پنهنجي ملڪ ۾ آباد ٿيندا، ۽ باقي اتي رهيل بني اسرائيل سان گڏ رهندا.


پر اهي سڀ ڳالهيون تہ مصيبتن جي شروعات هونديون.


جڏهن عورت ٻار ڄڻڻ تي هوندي آهي تڏهن هوءَ سورن ۾ هوندي آهي، ڇاڪاڻ تہ اها هن جي لاءِ سورن جي گھڙي آهي. پر جڏهن ٻار پيدا ٿيندو آهي تڏهن کانئس سڀ سور وسري ويندا آهن، ڇاڪاڻ تہ هوءَ خوش ٿيندي آهي تہ هن هڪ ٻار کي دنيا ۾ جنم ڏنو آهي.


اي منهنجا ٻارڙؤ! آءٌ اوهان جي لاءِ ويم ڪندڙ عورت وانگر وري سور محسوس ڪريان ٿو، جيستائين اوهين پوريءَ طرح مسيح جهڙا بڻجي نہ ٿا وڃو.


ڏسو، پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”اي سنڍ عورت! تون جيڪا ٻار نہ ٿي ڄڻين، سا خوشي ڪر. تون، جنهن کي ڪڏهن بہ ويم جا سور نہ ٿيا آهن، سا خوشيءَ سان وڏي واڪي پڪار، ڇاڪاڻ تہ ڇڏي ڏنل زال جا ٻار مڙس واري زال جي ٻارن کان گھڻا آهن.“


انهيءَ پنهنجي پڇ سان آسمان جي تارن جو ٽيون حصو ڇڪي ڌرتيءَ تي ڪيرائي وڌو. پوءِ ازدها ٻار ڄڻيندڙ انهيءَ عورت جي اڳيان وڃي بيهي رهيو، تہ جيئن سندس ٻار کي پيدا ٿيندي ئي ڳڙڪائي ڇڏي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ